Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

نفس جي معرفت


حضرت امير المومنين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
سڀ کان وڌيڪ نفع بخش معرفت پنهنجي شناخت آهي، انسان جي بلند ترين معرفت خود شناسي آهي،  بلند ترين حڪمت انسان جو خود پنهنجي معرفت ۽ پنهنجي قدر و قيمت جو اندازو ڪرڻ آهي معرفت جي آخري منزل اها آهي ته انسان خود کي سڃاڻي بلند ترين عقل انسان جي خود شناسي آهي، جنهن خود کي سڃاڻي ورتو عقلمند ٿي ويو ۽ جنهن خود کي نه سڃاتو اهو گمراهه ٿي ويو، جيڪو
شخص پنهنجي ذات کان جاهل آهي اهو ٻين جي سلسلي ۾ وڌيڪ جاهل آهي اهو شخص ٻين کي ڪئين سڃاڻي سگهي ٿو جيڪو خود پنهنجي پاڻ کان ناواقف هجي، پنهنجي پاڻ کان جاهل نه ٿيو انهي جي لاءِ جو جيڪو پنهنجي ذات کان جاهل آهي اهو هر شي کان جاهل آهي مونکي تعجب آهي انهي شخص تي جيڪو پنهنجي گم شده شي کي تلاش ڪري ٿو حالانڪ پنهنجي ذات کي گم ڪري چڪو آهي ۽ انهي کي تلاش نٿو ڪري انسان جي جهالت جي لاءِ اهيو ڪافي آهي جو اهو پنهنجي پاڻ کي نه سڃاڻي سگهي، مونکي تعجب آهي ان انسان تي جيڪو پنهنجي معرفت نٿو رکي اهو خدا کي ڪئين سڃاڻي سگهي ٿو، جيڪو شخص پنهنجي معرفت نٿو رکي اهو راهه نجات کان دور ٿي ويو ۽ گمراهي ۽ جهالتن ۾ ٻڏي (غرق) ٿي ويو، جنهن کي پنهنجي معرفت حاصل ٿي وئي اهو هر علم و معرفت جي انتهائي منزل تي پهچي ويو،

” ڪتاب علم و حڪمت صفه 421 423 “

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo