Wednesday, January 17, 2018
” غور و فڪر “
حضرت امير
المومنين عليه السلام جن فرمائين ٿا ته :
غور و فڪر جي مثل ڪوئي علم ناهي، فڪر هڪ قسم جي هدايت آهي،
فڪر باعث عبرت، ۽ ڪمين ڪوتاهين کان نجات ۽ بهترين نتيجه عطا ڪرڻ واري شي آهي، فڪر
صاف و شفاف آئينوآهي، فڪر نور ۽ غفلت گمراهي آهي، فڪر مفيد حڪمت آهي عقلمند جي فڪر
هدايت آهي توهان جي فڪر توهان کي سڌي رستي جي هدايت ڪندي آهي جيڪو شخص جيڪو ڪجهه
سکندو آهي
انهي ۾ غور و فڪر ڪندو آهي ته اهو پنهنجي علم کي مستحڪم ڪندو آهي ۽
مجهول شين کي معلوم ڪري وٺندو آهي جيڪو غور و فڪر ڪندو آهي اهو صاحب بصيرت ٿي
ويندو آهي، جيڪو غور فڪرڪندو آهي اهو بري انجام کان دور ٿي ويندو آهي جيڪو غور و فڪر ڪندو آهي اهو علم
جي گهراين کان واقف ٿي ويندوآهي جنهن وٽ فڪر ناهي انهي وٽ بصيرت ناهي پنهنجي پاڻ
کي حڪمت ۾ اضافو ڪرڻ واري فڪر ۽ پاڪدامني جو فائدو ڏيڻ واري عبرت کان خالي نه رکو.
الله ان شخص تي رحمت نازل ڪري جنهن غور وفڪر ڪيو ۽ عبرت
حاصل ڪئي ۽ عبرت حاصل ڪئي ته صاحب بصيرت ٿي ويو.
” ڪتاب علم و حڪمت
صفه 171 175 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: