Wednesday, January 17, 2018
” عقل و علم “
حضرت امير المومنين عليه السلام جن فرمايو ته:
عقل جي ذريعي انسان علمن جي چوٽين تائين پهچي سگهي ٿو، عقل
ئي اصل علم ۽ فهم وادراڪ جي دعوت ڏيڻ واري آهي عقل علم جي سواري آهي عقل جي ذريعي
حڪمت جي گهراين ۽ حڪمت جي ذريعي عقل جي گهراين کي حاصل ڪري سگهجي ٿو،غور و فڪر ڪرڻ
اکين سان ڏسڻ جي مثل نٿو ٿي سگهي،
انهي جي لاءِ جو اک ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ واري کي ڌوڪو
ڏ.ئي ڇڏيندي آهي مگر عقل ڪڏهن به نصيحت چاهڻ وارن کي ڌوڪو ناهي ڏيندي عقل افڪار جي
امام آهي ۽ افڪار دلين جا امام آهن ۽ دل حواس خمسه ( اک ، ڪن نڪ، وات، هٿ) جي امام
آهي ۽ حواس اعضاءِ جا امام آهن،
” ڪتاب علم وحڪمت
صفه 159 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: