Wednesday, January 17, 2018
اهلبيت جا فضائل
حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن فرمايو ته:
الله تعاليٰ اسان
اهلبيت عليهم السلام سان هر شي جو آغاز ڪيو ۽ اسان تي ئي انتها ۽ اختتام ڪندو اسان
ماڻهن تي اطاعت ۽ ولايت جو حق رکون ٿا، ۽ انهن جي لاءِ اڄ دنيا ۾ اسان گواهه آهيون
انهن جي اعمال ۽ افڪار کان آگاهه آهيون اسان اهلبيت عصمت عليهم السلام، نبوت جي درخت
۽
رسالت جي منزل ۽ ملائڪن جي رفت و آمد جا مرڪز آهيون ۽ علم جا خزانه ۽ حڪمتن جا
چشمه آهيون، اسان جا ناصر ۽ محب منتظر رحمت آهن ۽ اسان جا دشمن سختي ۽ عذاب جا
منتظر آهن .
بس ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ خوش نصيب اهو شخص آهي جيڪو اسان ”
اهلبيت عليهم السلام“ جي فضيلت و عظمت کي سڃاڻي ۽ اسان جي ئي وسيلي سان الله
تعاليٰ جو تقرب اختيار ڪري ۽ اسان جي محبت خالص رکي ۽ جن شين جي اسان دعوت ڏني آهي
ان تي عمل ڪري ۽ جن شين کان اسان منع ڪيو آهي ان کان اجتناب ڪري بس اهڙو شخص اسان
مان آهي ۽ اهو آخرت ( يعني جنت ) ۾ اسان سان گڏ هوندو
” ڪتاب روح هستي صفه
39 44 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: