Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

” يَا اَيُّهَا الاۡءِ نۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبڪَ الۡکريۡم“


حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن:
Image result for ‫علي و نهج البلاغه‬‎ آيت (يَا اَيُّهَا الاۡءِ نۡسَانُ)
( اي انسان توکي ڪهڙي شي پنهنجي ڪريم رب جي بار ي ۾ ڌوڪو ڏنو آهي) جي تلاوت وقت ارشاد فرمايو اي انسان تو کي ڪهڙي شي گناهه ڪرڻ تي دلير ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪهڙي شي توکي پنهنجي تباهي تي مطمئين بڻائي ڇڏيو آهي ڇا تنهنجي مرض جي لاءِ شفا ۽ تنهنجي خواب غفلت جي لاءِ بيداري
ناهي ڇا توکي پنهنجي پاڻ تي ايترو به رحم نٿو اچي جيترو ٻين تي ترس کائيندو آهين ڪڏهن تون ساڙيندڙ اُس ۾ ڪنهن کي ڏسندو آهين ته انهي تي سايو ڪندو آهين( ڇانو)  يا ڪنهن کي درد ۽ ڪرب ۾ ڏسندو آهين ته انهي تي شفقت جي بناتي تنهنجا ڳوڙها وهي ايندا آهن، مگر خود پنهنجي تباهي تي توکي ڪنهن صبر ڏياريو آهي، ۽ ڪنهن توکي پنهنجن مصيبتن تي بي فڪر ڪري ڇڏيو آهي ۽ خود پنهنجي پاڻ تي روئڻ کان تسلي ڏئي ڇڏي آهي حالانڪ سڀ جانين کان وڌيڪ توکي پنهنجي جان عزيز آهي.
بلند و برتر آهي اهو خدا جيڪو طاقتور قوي آهي ۽ ڪيڏو نه وڏو ڪريم آهي ۽ تون ايترو عاجز ۽ ايترو پست ٿي ڪري گناهن تي ڪيترو جري ۽ دلير آهين حالانڪ انهي جي دامن پناهن ۾ گذارين ٿو انهي پنهنجي لطف وڪرم کي روڪيو ناهي ۽ نه ئي تنهنجو پردو چاڪ ڪيو آهي، بلڪ انهي جي ڪنهن نعمت ۾ جيڪي انهي تنهنجي لاءِ خلق ڪئي يا ڪنهن گناهه ۾ ته جنهن تي انهي پردو وڌو يا ڪنهن مصيبت و پريشاني ۾ ته جنهن جو رُخ توکان موڙيو، تون انهي جي لطف و ڪرم کان لحظه جي لاءِ محروم نه  ٿئين.
  انهي رب تنهنجي سامهون نصيحتن کي کولي رکيو ۽ توکي هر شي کان يڪسان طور تي آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ انهي جن بلائن کي تنهنجي جسم تي نازل ٿيڻ ۽ جنهن ڪمزوري کي تنهنجي قوت تي طاري ٿيڻ جو واعدو ڪيو آهي انهي ۾ سچو ۽ ايفاءِ عهد ڪرڻ وارو آهي بجاءِ انهي جي جو توسان ڪوڙ ڳالهايو هجي يا فريب ڏنو هجي، ڪيترائي هن دنيا ۾ سچا نصيحت ڪرڻ وارا آهن جيڪي تنهنجي نزديڪ ناقابل اعتبار آهن ۽ ڪيترائي انهي ( دنيا) جي حالاتن کي صحيح صحيح بيان ڪرڻ وارا آهن جيڪي ٺوڪرايا وڃن ٿا، هي دنيا انهي جي لاءِ ڀلو گهر آهي جيڪو انهي کي گهر سمجهڻ تي خوش نه ٿئي، ۽ انهي جي لاءِ ڀلي جگهه آهي جيڪو انهي کي پنهنجو وطن بڻائي ڪري نه رهي، انهي دنيا جي وجهه سان سعادت جي منزل تي سڀاڻ اهي ماڻهو پهچندا جيڪي اڄ انهي کان پري آهن.

” ڪتاب نهج البلاغه صفه  620 خطبه نمبر 220 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: