Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

امام علي ع جون نصيحتون نهج البلاغه ۾


حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:
Image result for ‫علي و نهج البلاغه‬‎ اي انسانو! مان توهان کي الله کان ڊڄڻ جي وصيت ٿو ڪريان ۽ ان جي انهي نعمتن تي جيڪو انهي توهان کي ڏنيون آهن، ۽ انهن احسانن تي جيڪي توهان تي هميشه ڪيا آهن بڪثرت حمد و عبادت جي نصحيت ڪيان ٿو، جنهن پنهنجي رحمت سان توهان جي مدد ڪئي، توهان اعلانيه برائيون ڪيون ليڪن انهي توهان جي پرده پوشي ڪئي، توهان اهڙيون حرڪتون ڪيون جيڪي قابل گرفت هيون،
مگر انهي توهان کي ڇڏي ڏنو،، بس مان توهان کي سمجهايان ٿو ته موت کي ياد رکو ۽ انهي کان پنهنجي غفلت گهٽ ڪيو، ۽ آخر ڪئين توهان انهي کان غفلت ۾ پيا آهيو، جيڪا توهان کان غافل نه آهي ۽ ڪيئن توهان انهي ملڪ الموت سان آس لڳايون ويٺا آهيو جيڪو ذرو برابر مهلت نه ڏيندو، توهان کي پندو عبرت ڏيڻ جي لاءِ اهي مرڻ وارا ڪافي آهن جنهن کي توهان ڏسي رهيا آهيو انهن کي ڪُلهن تي کڻي ڪري قبرن جي طرف کنيو ويو درحالانڪ اهي خود سوار نٿا ٿي سگهن ۽ انهن کي قبرن ۾ لاٿو ويو جڏهن ته اهي خود لهڻ تي قادر نه هيا ائين مٽجي ختم ٿي ويا گويا هي ڪڏهن دنيا تي وسندائي ڪونه هيا ۽ گويا اهيو ئي آخرت جو گهران جو هميشه کان گهر هيو، جنهن کي پنهنجو وطن بڻايو هيو انهي کي ائين اڪيلو ويران ڇڏي ويا ۽ جنهن کان وحشت (خوف ) کائيندا هيا اتي هاڻي وڃي سڪونت اختيار ڪرڻي پئي، هميشه انهي جو انتظام ڪيو جنهن کي ڇڏڻو هو ۽ اُتي جي ڪا فڪر نه ڪئي جتي وڃڻو هيو. هاڻي نه ئي براين کان توبه ڪري موٽڻ ان جي وس ۾ آهي ۽ نه ئي نيڪين کي وڌائڻ ان جي اختيار ۾ آهي انهن دنيا سان دل لڳايو ته انهن کي انهي دنيا فريب ڏنو ۽ انهي تي ڀروسو ڪيو ته انهي انهن کي ڇڏي ڏنو، خدا توهان تي رحم ڪري انهن گهرن جي طرف توجهه ۾ جلدي ڪيو، جنهن جي آباد ڪرڻ جو توهان کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ جنهن جو توهان کي شوق ڏياريو ويو آهي ۽ جنهن جي طرف توهان کي سڏيو ويو آهي
  ان جي اطاعت تي صبر ۽ گناهن کان ڪناره ڪشي ڪري ان جي نعمتن کي ( جيڪي توهان تي آهن)  پايئه تڪميل تائين پهچايو ڇو جو اچڻ وارو ڏينهن اڄ جي ڏينهن کان قريب آهي، ڏينهن جي اندر گهڙيون ڪيتريون تيز قدم ۽ مهينن جي اندر ڏينهن ڪيتري تيز رفتار ۽ سالن جي اندر مهينه ڪيترا تيز گام ۽ عمر جي اندر سال ڪيترا تيز رفتار آهن

” ڪتاب نهج البلاغه صفه    514 خطبه 186 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: