Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

ڪامياب انسان .


حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن فرمايو ته:
  خدا انهي شخص تي رحم ڪري جنهن حڪمت جو ڪو ڪلمو ٻُڌي انهي کي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو هدايت جي طرف انهي کي سڏيو ويو ته انهي اچي قريب ٿيو، صحيح رهبر جو دامن پڪڙي نجات پاتي، الله کي هر وقت نظرن ۾ رکيو، ۽ گناهن کان خوف کاڌو عمل به بي رياء پيش ڪيو، نيڪ ڪم ڪري ثواب جو ذخيرو جمع ڪيو،
بري ڳالهين کان اجتناب ڪري صحيح مقصد کي حاصل ڪري ورتو، خواهشن جو مقابلو ڪيو، اميدن جي طرف نه وڃي، صبر کي نجات جي سواري بڻائي ڇڏيو، موت جي لاءِ تقويٰ جو سامان گڏ ڪيو ، روشن راهه تي سوار ٿيو، زندگي جي مهلت کي غنيمت سمجهو، ۽ جنهن موت جي طرف قدم وڌائي ۽ پاڻ سان عمل جو زاد گڏ کنيو الله اهڙي شخص تي رحم فرمائي.

” ڪتاب نهج البلاغه صفه  233 خطبه نمبر 74 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: