Wednesday, January 17, 2018
موت ۽ ان کان بعد جي منزل “
حضرت اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
اي بندگان خدا ڄاڻي
وٺو ته ڪنهن کي موت کان ڇوٽڪارو ممڪن ناهي بس انهي جي واقع ٿيڻ کان پهريان انهي
کان خوف ڪريو ۽ ان جي لاءِ سامان مهيا ڪريو بتحقيق موت توهان کي پڪاري رهي آهي
چاهي توهان ڪٿي به ڪهڙي به حال ۾ هجو توهان کي موت نه ڇڏيندي اها توهان جي پاڇي
کان به وڌيڪ ويجهو آهي ۽ توهان جي تقدير ۾ لکيل آهي، توهان موت کي انهي وقت گهڻو
ياد ڪيو جڏهن توهان جو نفس خواهشات دنيا مان ڪنهن شي جي لاءِ اصرار ڪري ڇو جو موت
ئي نصيحت ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي انهي لاءِ جو اها لذتن کي فنا ڪرڻ واري آهي.
اي بندگان
خدا ڄاڻي وٺو ته موت کان بعد واري منزل موت کان به زياده سخت آهي مگر انهي جي لاءِ
جنهن جي خدا مغفرت نه ڪري ۽ جنهن تي اهو رحم نه ڪري بس قبر ۽ ان جي فشار ۽ ان جي
تنگي ۽ ان جي انڌهيري کان ڊڄو، قبر ئي جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي يا باهه جي
کاهين مان هڪ کاهي آهي، بس اي بندگان خدا ڄاڻي وٺو ته توهان جا نفوس ۽ نرم و نازڪ
بدن جيڪي معمولي عذاب کي برداشت نٿا ڪري سگهن انهي عظيم عذاب کي ڪئين برداشت ڪري
سگهندا بس حتي الامڪان پنهنجي نفسن ۽ جسمن تي رحم ڪريو ۽ انهن کي اهڙي عذاب ۾
مبتلا نه ٿيڻ ڏيو جنهن جي برداشت جي نه توهان کي طاقت آهي ۽ نه ئي جنهن تي توهان
صبر ڪري سگهو ٿا بس اهو ئي عمل بجا آڻيو جيڪو خدا و ند متعال کي پسند هجي ۽ جيڪو
عمل ان کي پسند نه هجي انهي کي ڇڏي ڏيو تمام قوت و طاقت سواءِ خدا جي ڪنهن ٻي کي
ناهي.
” ڪتاب نهج الحڪمه صفه
445 تا 447 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
اخلاقيات ۽ معاشرو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: