Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

” پاڪدامني حضرت علي ع جي نگاه ۾ “


حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن فرمايو ته:
 پاڪدامني هر ڀلائي جي بنياد آهي، پاڪدامني بهترين خصلت آهي، پاڪدامني نفس کي هر برائي کان محفوظ رکندي آهي ۽ انهي کي پست ڳالهين کان پري ۽ پاڪ رکندي آهي، پاڪدامني هڪ زهد آهي، توهان تي پاڪدامني اختيار ڪرڻ لازم آهي ڇو جو اها شرفاء (شريفن ) جي افضل ترين خصلت آهي حسن و جمال جي زڪوات پاڪدامني آهي،
پاڪدامني اختيار ڪيو اهو بهترين ساٿي آهي، ٻين جي عورتن جي طرف پاڪدامن رهو ته انهي سان توهان جون عورتون به پاڪدامن رهنديون، انسان جي جيتري همت هوندي اوتروئي انهي جي قدر و قيمت هوندي ۽ جيتري غيرت هوندي ايتري ئي پاڪدامني هوندي، جيڪو پاڪدامني اختيار ڪندو آهي انهي جو بوجهه هلڪو ٿي ويندو آهي ۽ خدا و ند تعاليٰ جي نزديڪ انهي جي قدرومنزل وڌي ويندي آهي پاڪدامني سان گڏ اعمال پاڪيزه هوندا آهن.

” ڪتاب زاد راهه مبلغين صفه   160 164 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo