Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

جهالت حضرت علي ع جي نگاه ۾


حضرت اميرالمؤمنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
جهالت موت آهي جهالت سڀني براين جي پاڙ آهي، جهالت غلطي ٿيڻ جو سبب آهي، اگر جاهل خاموشي اختيار ڪري ته ماڻهن ۾ اختلاف پيدا نه ٿيندو، اگر انسان جهالت جي حالت ۾خاموش ٿي وڃي ها ! ته نه ڪافر هجي ها نه گمراهه هجي ها .
علم جي روشني نه هجڻ ۽ جهالت جي اونداهي هجڻ جي ڪري انسان ۾ افراتفري لازمي ٿي پوي ٿي.  جاهل کي هميشه ڪوتاهيءَ ۽ زيادتيءَ جي حالت ۾
ڏسندو ماڻهو جنهن شي جو علم نه رکندا آهن ان جا دشمن ٿي پوندا آهن، جنهن شي کي توهان نٿا ڄاڻو ان جا دشمن نه بڻجو، ڇو ته علم جو ڪافي حصو انهن شين ۾ آهي جن کي توهان نٿا ڄاڻو، وڌيڪ فرمايائون : بد عمل عالم ۽ با عمل جاهل منهنجي ڪمر ٽوڙي ڇڏي آ، جاهل پنهنجي عمل سان ماڻهن کي غلط فهمي ۾ مبتلا ڪري ٿو، ۽ عالم پنهنجي بدعمليءَ سان ماڻهن کي گمراهه ڪري ٿو.

” ڪتاب راهُنماءِ اصول صفه  9_11“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo