Wednesday, January 17, 2018
” دوست ۽ دشمن حضرت علي ع جي نگاه ۾
مولا علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
انسان جا ٽي دوست آهن:
·
هڪ خود پنهنجو دوست ٻيو دوست جو دوست
ٽيون پنهنجي دشمن جو دشمن به دوست آهي.اهڙي طرح سان انسان جا ٽي دشمن آهن، هڪ بذات
خود جو دشمن ٻيو دوست جو دشمن ٽيون دشمن جو دوست به انسان جو دشمن آهي.
·
جيڪو شخص پنهنجي دوست جي نيڪ نيتي ۽ خلوص دل تي انهي جو شڪريو ادا نه ڪري ته
اهو ان جي نيڪ عمل ۽ خدمت تي به ان جو شڪريو ادا نه ڪندو .
·
وڌيڪ فرمايائون ! دنيا پرست ماڻهن جي دوستي کان پرهيز ڪيو ڇوجو اگر توهان جي
مال ۽ دولت ۾ ڪمي واقع ٿيندي ته هو توهان کي حقارت جي نگاهه سان ڏسندا ۽ اگر انهي
مال ۽ دولت ۾ فراواني ٿيندي ته اهي ساڙ ۽ حسد ۾ مبتلا ٿي ويندا.
·
هرگز اهڙي شخص جي هم نشيني اختيارنه ڪيو جيڪو توهان جي ڪمين ڪوتاهين کي ياد
رکي ۽ توهان جي خوبين ۽ احسانن کي وساري ڇڏي. اهڙي شخص سان رشته اخوت نه جوڙيو
جيڪو توهان جي قابل تعريف صفاتن ۽ ڪمالا تن کي لڪائي ۽ توهان جي نقصن ۽ عيبن کي
ماڻهن جي اڳيان ظاهر ڪري،
·
خوشامدي ۽ چاپلوس کي پنهنجو دوست نه بڻايو ڇو جو هو پنهنجي نا پسنديده اعمال
کي ڀلو بڻائي پيش ڪندو ۽ انهي جي اها خواهش هوندي ته توهان جو ڪردار به اهڙو ئي ٿي
وڃي .
” ڪتاب انسان ڪي ڪمال ۾ اخلاق ڪا ڪردار صفه 285_ 463_ 464“
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: