Wednesday, January 17, 2018
” قرآن جي عظمت حضرت علي ع جي نگاه ۾
حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمائن ٿا ته :
هي قرآن اهڙو نصيحت ڪرڻ وارو آهي جيڪو فريب ناهي ڏيندو، جيڪو
به قرآن مجيد جو هم نشين ٿيو اهو هدايت ڏانهن وڌيو ۽ گمراهي ۽ ضلالت کي گهٽائي
انهي کان الڳ ٿيو يقينن بندن جي لاءِ الله جي طرف متوجهه ٿيڻ جو انهي جهڙو ڪوبه
ذريعو ڪونهي.
وڌيڪ فرمايائون :
قرآن جي تعليم حاصل ڪيو انهي جي لاءِ جو اهو بهترين ڪلام آهي، ۽ ان جي احڪامن
کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو انهي جي لاءِ جو اهو ڪشئه دل جي لاءِ بهار آهي، ۽ ان جي
روشني سان پنهنجن نفساني بيمارين کي دور ڪيو انهي جي لاٰءِ جو اهو سينن جي
نفساني بيمارين جي لاءِ شفا آهي.
۽ انهي جي تلاوت ڪريو ڇو جو انهي ۾ بهترين واقعات جو ذڪر آهي، يقينن مون کان بعد هڪ زمانو اچڻ
وارو آهي جنهن ۾ ڪائي شي حق کان وڌيڪ مخفي ۽ باطل کان وڌيڪ ظاهر نه هوندي، ۽ انهي
زماني وارن جي نزيڪ قرآن کان وڌيڪ ڪائي شي بي قيمت نه هوندي جڏهن انهي کي حق تلاوت
ادا ڪندين پڙهيو وڃي ( يعني انهي کي صحيح معنيٰ سان گڏ انهي جي آيتن کي پيش ڪيو
وڃي) ۽ انهي قرآن کان وڌيڪ ڪا شي رائج نه هوندي جڏهن ته انهي کي ان جي مقرره
مقامات کان هٽايو وڃي.
” ڪتاب تزڪيه و تربيت نفس صفه 187_ 235“
هڪ جهڙيون تحريرون:
حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: