Wednesday, January 17, 2018
دجال ڪڏهن ظهور ڪندو
اي انسانو سوال ڪري وٺو مون کان قبل انهي کان جو مان توهان
جي وچ ۾ نه رهان هي لعاب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو اثر آهي هي اهو ئي
علم آهي جيڪو رسول الله صلي الله عليه
وآله وسلم
منهنجي سيني ۾ ڀريو هيو سوال ڪري وٺو مونکان جيڪو پڇڻو اٿو اهو پڇي وٺو
مون وٺ اولين ۽ آخرين جو علم آهي مان زمين جي رستن کان وڌيڪ آسمان جا رستا ڄاڻان
ٿو، انهي اعلان تي صعصعه ابن صوحان پنهنجي جڳهه تان اٿي عرِض ڪيو اي اميرالمومنين
” ٻڌايودجال ڪڏهن ظهور ڪندو“ امام عليه
اسلام جن فرمايو انهي امر جون چند علامتون
آهن اگر ٻڌڻ چاهين ٿو ته بيان ڪيان صعصعه عرض ڪيو مولا جي ها فرمايو:
پوءِ مولا علي عليه السلام جن اهي دجال جي ظهور ٿيڻ واريون
علامتون بيان ڪرڻ فرمايو!
* دجال انهي وقت ظهورڪندو جڏهن ماڻهو نماز قضا ڪرڻ لڳندا،
امانتن کي ضايع ڪندا ڪوڙ کي حلال سمجهندا، وياج کائڻ ۽ رشوت وٺڻ لڳندا عمارت هڪٻئي
مٿان تعمير ڪرڻ لڳندا دين کي دنيا جي عيوض وڪڻڻ لڳندا، ڪمينه ماڻهن کي هر امر ۾
داخل ڪرڻ لڳندا عورتن کان مشوره ورتا ويندا، قطع رحمي ڪئي ويندي، خواهش نفس جي
تابع ٿي ويندا، خونريزي کي آسان سمجهندا، ظلم و ستم کي فخر سمجهندا، قاريانِ قرآن
فاسق ٿي ويندا فجورو بهتان ۽ گناهه وطغيان آ شڪار ٿي ويندا ، قرآن کي صرف زينت ڏني
ويندي، مساجد منقش ڪيون وينديون ۽ انهن جا مينار بلند تعمير ڪيا ويندا.
عهد شڪني ٿي ويندي عورتون دنيا جي حرص و طمع ۾ پنهنجي شوهرن
سان گڏ تجارت ۾ شريڪ ٿي وينديون فاجر ماڻهو رئيس ٿي ويندا ۽ ماڻهو انهن فاجرن جي
شر جي وجهه سان ڊڄندا ڪوڙن جي تصديق ڪئ ويندي خائن امين شمار ڪيا ويندا چنگ و آلات
لهو لعب جي ۽ بدڪارين جي عظمت هوندي، هن امت جا آخرين ان جي اولين تي لعنت ڪندا،
عورتون زمينن تي ويهنديون ، عورتون ۽ مرد هڪٻئي جي شباهت اختيار ڪرڻ لڳندا، مسائل
دينيه فاسد مقاصد جي لاءِ ياد ڪيا ويندا وغيره
بس پوءِ انهي وقت دجال ظهور ڪندو لهذا اهڙي دجال کان پنهنجي پاڻ کي بچائجو
.
” ڪتاب نهج الاسرار جلد اول صفه 193 195 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: