Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

فاطمة الزّهره سلام الله عليها جو تعارف


نالو :             فاطمه بنت محمد ﷺ ( پيغمبر اسلام جن فرمايو منهنجي ڌي جو نالو فاطمه ان جي لاءِ رکيو ويو آهي جو هي پنهنجي چاهڻ وارن ( پيرو ڪارن ) کي جهنم جي باهه کان نجات ڏياريندي.)
والد صاحب جو نالو :  محمّد بن عبدالله.
والده جو نالو :      خديجه بنت خويلد.
Image result for ‫فاطمه‬‎
ڪنيت:   ام ابيها ۽ ام النبي ﷺ ام الآئمه ، ام الحسنين.
القاب :    صديقه ، مبارڪه ، طاهره، راضيه، مرضيه، زڪيه ، محدثه ۽ بتول سائيڻ جو مشهور ترين لقب زهره آهي ۽ سيّدة النساءِ آهي.
منصب و مقام :    سوئم معصوم ، پنجن مبارڪ عورتن مان هڪ، ۽ معصوم جي ڌي ، معصوم جي زوجه، ۽ معصومن جي ماءُ.

تاريخ ولادت :  سائيڻ جو نور وجود نور رسالت سان گڏ خلقت ڪائنات کان پهريان پيدا ٿي چڪو هيو، البته سائيڻ جي ظاهري نمود 20 جماد الثاني بعثت جي پنجين سال ٿي:-
جاءِ ولادت:     مڪه معظمه ، سائيڻ جي ولادت وقت جنت مان حورون ۽ آسيه بنت مزاحم ، مريم بنت عمران صفوران بنت شعيب ڪلثوم همشيره موسيٰ عليه السلام جو اچڻ ڪتابن مان ثابت آهي.
شجره نسب:   فاطمه بنت محمدﷺ  بن عبدالله بن عبدالمطلب عليهم السلام
تاريخ شهادت و سبب شهادت : 3 جمادي الثاني سن 11 هجري پيغمبر اڪرم ﷺ جي رحلت کان 75 بعض جي نزديڪ 95 ڏينهن کانپوءِ حضور اڪرمﷺ جي وفات کانپوءِ ملڻ وارا ڏک ۽ تڪليفون اميرالمؤمنين حضرت علي عليه اسلام جي خلافت جي غصب ( ۽ باغ فدڪ جي غضب ) ٿيڻ کي برداشت ڪرڻ کان پوءِ تقريبا چاليهه يا پنجتاليهه ڏينهن بيمار رهي ۽ انهي بيماري جي نتيجي ۾ شهيد ٿي وئي.
جاءِ مدفن :    معلوم ناهي ممڪن آهي ته قبرستان بقيع ۾ هجي يا پيغمبر اڪرمﷺ جي روضي مبارڪ ۾ يا حضورﷺ جي گهر ۾ يا ڪنهن ٻي مقام تي سائيڻ جي وصيت جي مطابق سائيڻ جي غسل و ڪفن ۽ دفن کي ماڻهن کان پوشيده رکيو ويو، ليڪن مشهور جاءِ دفن جنت البقيع آهي
شوهر ۽ زوجيت ۾ رهڻ جي مدت: شوهر مولاءِ ڪائنات اميرالمؤمنين  حضرت امام عليه السلام هيو ۽ مولا جي زوجيت ۾ ڪل نوسال رهي.
اولاد : سائيڻ جا پٽ : (1) امام حسن عليه السلام (2) امام حسين عليه السلام
  نياڻيون:      (1)زينب ڪبريٰ (2) ام ڪلثوم
نوٽ : اهڙي طرح سان جڏهن حضرت فاطمه زهرہّ حامله هئي ته پيغمبر اسلام انهي ٻچي جو نالو ”محسن “ رکيو هيو، جيڪو حضور اڪرمﷺ جي رحلت کان پوءِ نفسياتي دٻاءُ جي وڌڻ ۽ حمله آورن جي حملي سان دروازي ۽ ديوار جي درميان دٻجي وڃڻ سان اهو  محسن شهيد ٿي ويو.
ماخون
1، ڪتاب خاندان عصمت صفه 95 97
2،ڪتاب چودهه ستاري صفه   91 106



هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: