Ad 468 X 60

Sunday, April 30, 2023

قرآن مجيد جي تلاوت جو اجر ۽ ثواب


تحرير: راشد علي چانڊيو

مقدمو

خداوند عالم انسانن جي هدايت لاءِ هڪ لک چويھ هزار نبين کي موڪليو تن مان ڪجھ رسول ۽ ڪجھ اوللعزم پيغمبر هئا، الله سائين ڪجھ نبين کي صحيفه ته ڪجھ نبين تي کتاب نازل ڪيا، انهن نبين ۾ درجه بندي ڪئي وئي ۽ ان حساب سان ڪتاب ۽ صحيفو عطا ڪيو ويو پر اسان جي نبي کي ٻين نبين کان وڌيڪ فضيلت ڏيئي رسالت سان نوازيو ۽ هڪ اهڙي ڪتاب به ان مٿان نازل ڪيائين جنهن جي صداقت جي


گواهي پاڻ خدا ڏني آهي.

هي لاريب ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنائش نه آهي ان ۾ هر شئي جو ذڪر موجود آهي هي الله جو ڪلام آهي ۽ الله سائين پنهنجي ڪلام جي ورد ۽ تلاوت جو تمام وڏو مقام ۽ مرتبو رکيو آهي، اسان هن مقالي ۾ قرآن مجيد جي تلاوت جو اجر ۽ ثواب کي بيان ڪنداسين.


قرآن مجيد جي ٻڌڻ جو جا آداب ۽ ثواب: 

الله سائين پنهنجي سڀني کان پياري نبي حضرت محمد مصطفي ص مٿان اهڙو ڪتاب نازل ڪيو جنهن جي تلاوت ڪرڻ ته عبادت آهي ئي پر خود الله سائين ان جي ٻڌڻ جي جي به تاڪيد ڪئي آهي ته جڏهن به قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي وڃي ته ان کي غور سان ٻڌو ان جو فائدو هي آهي ته الله سائين طرفان اوهان مٿان رحمت نازل ٿيندي، يعني هي انهن انسانن لاءِ تمام وڏي نعمت آهي جيڪي پاڻ قرآن ڪنهن مجبوري جي حالت ۾ نٿا پڙهي سگهن اهي قرآن مجيد جي قرائت کي ريڊيو، ٽي وي يا وري موبائل ۾ ٻڌي الله جي رحمت مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا الله سائين فرمائي ٿو:

وَ إِذا قُرِئَ الْقُرْآنُ فَاسْتَمِعُوا لَهُ وَ أَنْصِتُوا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ.

۽ جڏهن قرآڻ جي تلاوت ڪئي وڃي ته خاموش رهي غور سان ٻڌي ئي سگهي ٿو توهان تي رحمت نازل ٿي.


گناهن جو کفارو:

انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن گناهن ۾ مبطلا ٿي ويندو آهي چاهي اهي ننڊا گناه هجن يا وڏا گناه هجن، انهن منجهان ڪجھ اهڙا گناه به آهن جن جو انسان مٿان ڪفارو به واجب آهي پر ان جي باوجود الله سائين انسان جي ڀلائي لاءِ ڪجھ اهڙا ڪم رکي ڇڏيا آهن جن جي ڪري ان انسان جا گناه ختم ٿي ويندا حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي پياري صحابي حضرت سلمان فارسي کي مخاطب ٿيندي فرمايو اي سلمان تون قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو ره ڇو جو قرآن مجيد جي تلاوت گناهن جو ڪفارو آهي. 


جهنم جي باه کان ڍال:

انسان پنهنجي زندگي ايڏا ته وڏا گناه ڪري ويندو آهي جنهن جي بخشش ناممڪن هوندي پر الله جي رحمت اڳيان ڪابه شئي ناممڪن نه آهي ڪيڏو به وڏو گناهگار هجي پر الله جي رحمت جي سايه ۾ اچڻ سان ان جا تمام گناه معاف ٿي ويندا آهن چاهي ان لاءِ الله سائين جهنم جي به لکي ڇڏي هجي پر ان جي نيڪ ڪمن جي ڪري الله سائين ان جي لاءِ لکيل عذاب کي به ٽالي ڇڏيندو آهن ۽ انهن مان هڪ قرآن مجيد جي تلاوت آهي پغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا جيڪو شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو ان جي تلاوت ان انسان جي لاءِ جهنم جي باه کان ڍال ۽ آمان نامو ثابت ٿيندي.. 


هڪ آيت جي تلاوت جو ثواب:

الله سائين ايڏو ته مهربان آهي جو انسان ڪيڏا به وڏا گناه ڪري پر جي هڪ ننڊي نيڪي به انجام ڏي ٿو ته الله سائين ان جي گناهن کي نٿو ڏسي پر ان جي نيڪي جي قيمت ڪرڻ ۾ جلدي ڪري ٿه انهن نيڪين مان هڪ نيڪي قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ به آهي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا: جيڪو به شخص قرآن مجيد جي هڪ آيت جي تلاوت ڪندو الله سائين ان جي نامه اعمال ۾ هڪ سئو شهيدن جيترو ثمال لکي ڇڏيندو.

هڪ سئو شهيد چوڻ ۾ ته آسان آهي پر انهن جي مقام ۽ منزلت کان واقف هجڻ لاءِ هڪ ئي اشارو ڪافي آهي ته شهيد جي خون جو قطرو زمين ته ڪرندو نه آهي الله سائين ان شهيد جا تمام صغير ۽ ڪبيرا گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي 

شهيد جي عظمت ڪٿي ۽ تلاوت قرآن مجيد جي هڪ آيت جي تلاوت جي ثواب ڪٿي الله سائين جي جيترين به نعمتن جو شڪريو ادا ڪجي اهو گهٽ آهي ڇو جو انسان ڪيترين نعمتن جو شڪريو ادا ڪري سگهي ٿو؟

 

هڪ سورت جي تلاوت جو اجر ۽ ثواب:

اسان مٿي بيان ڪيوسين ته هڪ آيت جي تلاوه جو ثواب هڪ سئو شهيدن جيترو اجر ۽ ثواب آهي، پر جيڪو شخص هڪ سورت جي تلاوت ڪندو ان لاءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص ان قرآن مجيد جي هڪ سورت جي تلاوت ڪندو الله سائين ان شخص هڪ نبي جيتري نبوت جيترو ثواب عطا ڪندو.

نبوت اهڙو درجو ۽ مقام آهي جيڪو الله سائين پنهنجي خاص بندن کي عطا ڪيو آهي جنت ۾ انهن جا درجات ٻين تمام مخلوقات کان افضل ۽ اعلي هوندا ڇو جو انهن الله جو پيغام انسان تائين پهچايو ۽ ان ۾ انهن کي تمام گهڻي تڪليف کڻڻي پئي اوهان پڙهيو ۽ ٻڌو هوندي ته حضرت نوح عليه السلام پنهنجي قوم ۾ ڪيتري تبليغ ڪئي ۽ ان کان علاوه تمام انبياء تبليغ ڪئي پر الله سائين جي مهربان تلاوت قرآن مجيد ڪرڻ واري ته ايتري آهي جو جيڪو شخص هڪ سورت جي تلاوت ڪندو الله سائين ان کي هڪ نبي جي نبوت جيترو ثواب عطا ڪندو.

ان کان علاوه اصول ڪافي ۾ هڪ روايت نقل ٿي آهي ته جيڪو شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو رهندو اهو نبوت نور جي شعائن ۾ رهندو پر نبي ۽ ان ۾ فرق هي هوندو ته ان جي مٿان وحي نازل نه ٿيندي.

ان کان علاوه وسائل شيعه ۾ روايت موجود آهي جيڪا سورت ۽ آيت کان سوا نقل ٿي آهي : فرمايو: جيڪو شخص الله سائين جي رضايت ۽ دين جي ڄاڻڻ حاصل ڪرڻ لاءِ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو ته ان شخص کي تمام ثواب جيڪو فرشتن کي (انهن جي عبادت جي ڪري ) پيغمبر ۽ رسولن کي ڏنو ويندو اوترو ثواب هن شخص کي به ڏنو ويندو. 

رحمتن جو نازل ٿيڻ ۽ ملائڪه جو استغفار ڪرڻ

مٿي جيڪي به فضائل بيان ڪياسين اهي سڀ الله جي رحمت کان خالي نه هئا پر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا: جيڪو شخص قران مجيد جي تلاوت ڪندو الله سائين ان جي مٿان رحمت نازل ڪندو، ان جي لاءِ الله سائين جا ملائڪ استغفار ڪندا رهندا، (جيڪو شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو) 


جنت ڪنهن جي مشتاق هوندي؟

جنت الله سائين طرفان بندي جي لاءِ آخري انعام هوندو آهي انسان هن دنيا ۾ ڪوشش ڪندو آهي ته الله سائين کي راضي ڪري ان کان وڏو انعام جنت حاصل ڪريان پر هي جنت ڪنهن کي پسند ڪري ٿي؟ ڪنهن جي لاءِ مشتاق رهي ٿي؟ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو رهندو ان شخص لاءِ جنت مشتاق رهندي. 

الله سائين جو راضي هجڻ:

انسان پنهنجي پوري زندگي ڪوشش ڪندو آهي ته پالڻهار کي راضي ڪري وٺان ان لاءِ هو مختلف نيڪين جا ڪم انجام ڏيندو رهندو آهي ڪڏه خيرات ڪندو آهي ڪڏهن نماز پڙهندو آهي ڪڏهن روزا رکندو آهي، اهي سڀ ڪم الله کي راضي ڪرڻ لاءِ ئي هوندا آهن پر الله سائين کي انهن نيڪ ڪمن کان علاوه تلاوت قرآن مجيد ۾ به الله سائين راضي ٿي رهندو آهي. رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪو شخص قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو رهندو ان شخص کان الله سائين راضي ٿي ويندو.

دلين جي ڪساوٽ جو ختم ٿيڻ:

اسان خطيبن ۽ واعظن کان ٻڌندا رهندا آهيون ته انسان جڏهن وڏا وڏا گناه ڪندو آهي ته ان جي دل تي زنگ چڙهي ويندو آهي ۽ اهو زنگ پوءِ لهڻ جو نالو ناهي وٺندو ۽ انسان اڃان وڌيڪ اونداهي جي طرف ويندو آهي ۽ الله کان پري ٿيندو ويندو آهي پر الله سائين ڪجھ اهڙا عمل به رکيا آهن جن جي ڪرڻ سان الله سائين زنگ چڙهيل دل جي ڪساوٽ دور ڪري ڇڏيندو آهي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: توهان جون دليون لوه وانگر آهن ۽ ڪسجي وينديون آهن، پڇو ويو ته ان جي زنگ لاهڻ جو طريقو ڇا آهي پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: قرآن مجيد جي تلاوت.


انسان جي لاءِ پناه گاه:

اسان جنهن معاشري ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون ان معاشري ۾ تمام گهڻا فتنا اسان ڏسي رهيا آهيون مخلتف بهانن سان مختلف فتنا وجود ۾ اچن ٿا ڪڏهن مسلمانن جي اندر ته وري ڪڏهن پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ئي امام کي مڃڻ جي باوجود به اسان ۾ فتني داخل ٿي ويڃن ٿا انهن کان ڪيئن بچجي ان جو علاج ڇا آهي رسول خدا صلي الله عليه واله وسلم فرمايو: جڏهن اهڙو زمانو اچي وڃي جتي  هر طرف کان فتنا ئي فتنا هجن ۽ توهان حقيقي اسلام کي سمجهڻ ۾ پريشان ٿي وڃي ۽ تشخيص نه ڏيئي سگهو ته پوءِ توهان قرآن مجيد جي طرف رجوع ڪجو.


خدا سان هم ڪلام ٿيڻ:

انسان ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي پالڻهار سان همڪلام ٿيان پر هو هڪ طرف وارو ڪم انجام ڏيندو آهي ۽ ٻي طرف واري ڪم تي ڌيان ناهي ڏيندو انسان پنهنجو ڪلام ته خدا تائين پهچائيندو آهي پر الله جو ڪلام ٻڌندو ناهي انسان جو ڪلام خداوند عالم جي حضور دعا گهرڻ هوندو آهي ۽ خداوند عالم جو ڪلام قرآن مجيد جي تلاوت ۾ هوندو آهي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو شخص چاهي ته مان خداوند عالم سان ڪلام ڪريان ته هو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري.

امام جعفر صادق عليه السلام کان به اهڙي قسم جي روايت نقل ٿيل آهي جنهن ۾ پاڻ عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪو شخص حقيقت کي قرآن جي ذريعي نه سڃاڻي اهو فتنن کان بچي نه سگهندو.

يعني فتنن کان بچڻ جي لاءِ انسان قرآن مجيد جو سهارو وٺي ان کان سبق حاصل ڪري پنهنجي دين تي عمل ڪري ۽ فتنن کان بچي وڃي. 

افضل عبادت

هون ته الله سائين جي پيروي ڪرڻ افضل عبادت آهي پر روايات ۾ انهن سڀني شين جي الڳ الڳ سان فضيلت بيان ڪئي وئي آهي نماز آهي ته ان جي الڳ سان فضيلت روزو آهي ته ان جي الڳ سان فضيلت اهڙي نموني سان قرآن مجيد جي تلاوت جي به الڳ سان فضيلت بيان ڪئي وئي آهي، رسول خدا صلي الله عليه واله وسلم فرمايو: منهنجي امت جي سڀ کان افضل عبادت قران مجيد جي تلاوت ڪرڻ آهي. 

نوجوانن جي تلاوت جو اجر

روايات ۾ مختلف جاين تي مختلف عنوانن سان نوجوان يا جوان جي عبادت جو ذڪر مليو آهي جنهن ۾ ان جي عبادت ۽ ان جون نيڪو آخري عمر وارن شخصن کان وڌيڪ هونديون آهن نماز لاءِ به روايتون موجود آهن ۽ اهڙي نموني سان تلاوت قرآن مجيد لاءِ امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت نقل ٿيل آهي : هر مومن جيڪو پنهنجي جواني ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندو رهيو، قرآن ان جي خون ۽ گوشت ۾ ملي ويندو، خداوند عالم ان کي وڏن نيڪ ملائڪه سان گڏ قرار ڏيندو ۽ قرآن ان جو نگهبان هوندو قيامت جي ڏينهن.

قرآن مجيد کي ڏسڻ جو ثواب

رسول خدا ص فرمايو: النظر الي المصحف عباده“ قرآن جي طرف ڏسڻ عبادت آهي 

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت آهي جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا: جيڪو شخص قرآن مجيد کي ڏسي ڪري پڙهي ته الله سائين ان شخص جي پيءَ ۽ ماءُ جي گناهن گهٽ ڪندو چاهي ان شخص جا والدين ڪافر ئي ڇو نه هجن.

يعني جيڪو شخص قرآن مجيد کي ڏسي ڪري پڙهندو ته الله سائين ان شخص جي والدين جي گناهن ۾ تخفيف ڪندو.

حضرت امام علي ع فرمائن ٿا: جيڪو شخص هر روز قران مجيد جون هڪ سئو آيتن کي ڏسي ۽ خشوع ۽ خضوع سان پڙهندو الله سائين ان شخص کي اهل زمين ۾ رهندڙ انسانن جيترو اجر ان جي نامه اعمال ۾ لکندو ۽ اهڙ طرح جيڪو شخص ٻه سئو آيتون پڙهندو الله سائين ان شخص زمين ۽ آسمان ۾ رهندڙ انسانن ۽ ملائڪن جيترو ثواب عطا ڪندو.

قرآن مجيد گهرن کي نوراني ڪري ٿو:

هون ته ڪافي روايتون موجود آهن جن ۾ بيان ٿيو آهي ته جنهن گهر ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ٿيندي آهي اهو گهر اهل آسمان کي ائين نظر ايندو آهي جيئن زمين وارن کي آسمان جا ستار نظر ايندا آهن، رسول خدا ص فرمائن ٿا:

قَالَ النَّبِيُّ ص‏: نَوِّرُوا بُيُوتَكُمْ‏ بِتِلَاوَةِ الْقُرْآنِ.‏ پنهنجي گهرن کي قرآن جي تلاوت سان روشن ۽ نوراني ڪيو.

قرآن جي تلاوت انسان کي غني ڪري ٿي:

قرآن مجيد ۾ الله سائين تمام وڏا خزانا رکيا آهن پر انسان کي انهن خزانن تائين پهچڻ گهرجي انهن خزانن منجهان هڪ خزانو غربت جو خاتمو آهي جيڪڏهن ڪو شخص غريب آهي ته هن قرآن جي ذريعي سان پنهنجي غربت کي ختم ڪري سگهي ٿو حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: مَن‏ قَرَءَ القُرآنَ‏ فَهُوَ غَنِيّ وَ لَا فَقرَ بَعدَهُ. جنهن قرآن پڙهيو اهو غني آهي ان کان پوءِ ڪا غربت نه آهي.



بسم الله“ جي پڙهڻ جو ثواب

رسول خدا ص فرمائن ٿا: جڏهن ڪو استاد ڪنهن ٻار کي تعليم خاطر بسم الله الرحمن الرحيم ياد ڪرائيندو آهي ۽ استاد چوند آهي ته هاڻي ان کي پڙه ۽ اهو ٻار ان جي کي پڙهندو آهي ته الله سائين ان ٻار، ان ٻار جا پيءَ ۽ ماءُ ۽ استاد چئني کي جنهم جي باه کان نجات ڏيندو

ان روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته الله سائين ڪيڏو مهربان آهي جو هڪ ننڍي کان ننڍي عمل جي جزا چئن ماڻهن جي نجات جو سبب بڻجي وڃي ٿو ۽ ان مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته الله سائين اسان کان قرآن مجيد جي تعليم جي گهر به ڪري رهيو آهي ته ان جي تعليم حاصل ڪريو.

پيغمبر اڪرم ص کا هڪ ڏينهن سوال ٿيو : ڇا ٿي سگهي ٿو ته شيطان انسان سان گڏ انسان جي ماني کائي؟ پاڻ ص فرمايو جي ها ٿي سگهي ٿو، جڏهن دسترخوان وڇايو وڃي ۽ ان تي کاڌو بغير بسم الله شروع ڪيو وڃي ته شيطان به انهن سان گڏ کاڌو کائڻ شروع ڪندو آهي، خداوند عالم ان دسترخوان تان پنهنجي برڪت کي کڻي وٺندو آهي.

جيڪو شخص سمهڻ کان پهريان بسم الله الرحمن الرحيم پڙهندو، الله سائين ملائڪه کي حڪم ڪندو ته صبح تائين ان جي ساه جيتريون نيڪيون ان جي نامه اعمال ۾ لکندا رهو.

آية الڪرسي جي تلاوت جو ثواب

حضرت امام جعفر صادق ع فرمائن ٿا: جيڪو شخص هڪ مرتبه آية الڪرسي جي تلاوت ڪندو الله سائين ان کي هزار مصيبتن کان نجات ڏيندو جن مان فقيري گهٽ ترين مصيب آهي ۽ هزار مصيبتن کان آخرت ۾ نجات ڏيندو جن مان قبر جو عذاب گهٽ ترين مصيبت آهي.


سورت اخلاص (قل هو الله) جي تلاوت جو ثواب

رسول خدا ص ارشاد فرمائن ٿا جيڪو شخص رات جو سمهڻ وقت هڪ سئو مرتبه سوره اخلاص (قل هو الله الحمد) جي تلاوت ڪندو الله سائين ان شخص جا پنجاه سالن جا گناه معاف ڪري ڇڏيندو.


سوره حديد، واقعه ۽ رحمن پڙهڻ جو ثواب:

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها کان روايت آهي ته جيڪو شخص قرآن مجيد مان سوره حديد، واقعه ۽ سوره رحمن جي تلاوت ڪندو ان شخص کي آسمانن ۾ اهل بهشت سان ياد ڪندا.

مسبحات جي تلاوت جي فضيلت:

حضرت امام محمد باقر ع فرمائن ٿا: جيڪو شخص سمهڻ کان پهريان ”مسبحات“ (اهي سورتون جن جي ابتدا ”يُسَبحُ يا سَبَّحَ“ اهي پنج آهن سورح حديد، حشر، صف، جمع ۽ تغابن البته سوره اعلي جنهن جي ابتدا سبح (فعل امر) سان ٿئي ٿي انهن ۾ شمار نه آهي) سان شروع ٿئي ٿي، انهن جي تلاوت ڪندو ته اهو شخص امام زمانه جي وجود کي درک ڪرڻ کان سواءِ نه مري سگهندو ۽ اگر مري به وڃي ته آخرت ۾ پيغمبر ص جي صحبت ۾ رهندو. 

نتيجو:

قرآن مجيد جي تلاوت جا تمام گهڻا فائدا ذکر ڪيو ويا آهن اسان هن مقالي ۾ مختصر طور تي اهم نڪات بيان ڪيا آهن جيڪي تلاوت جي ثواب کي بيان ڪن ٿا جڏهن ته ڪجھ آيتون شامل ڪيون آهن جيڪي قرآن جي فضيلت کي بيان ڪن ٿيون پر روايتن جي حوالي سان ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اهي روايتون پيش ڪيو وڃن جيڪي تلاوت قرآن مجيد جي اهميت ۽ فضيلت کي بيان ڪن ياد رهي ته هن مقالي ۾ انهن ڳالهين کي شامل نه ڪيو ويو آهي جيڪي تلاوت سان مربوط ته آهن پر اهي انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي قرآن پڙهي ڪري انهن تي عمل نٿا ڪن ڇو جو اسان جو مقصد اتي اهيو ئي رهيو ته فقط اهي روايتون پيش ڪيون وڃن جيڪي تلاوت جي فضيلت ۾ بيان ڪيو ويون آهن پر انهن جي به تعداد تمام گهڻي آهي ان ڪري چونڊ ڪري اتي ڪجھ عنوان مطابق روايتون پيش ڪيون ويون آهن الله سائين کان دعا آهي ته هن مقالي پڙهندڙ دوستن کي قرآن مجيد جي تلاوت جي تمام گهڻي توفيق عطا فرمائي ۽ آخر سڀني دوستن کي التماس آهي ته پنهنجي مرحومين ۽ منهنجي والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو ولد امام علي چانڊيو جي مغفرت لاءِ هڪ مرتبو سوره الحمد ۽ ٽي ڀيرا سورت اخلاص جي تلاوت ڪن. 


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: