Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

واجب ، قريب، عجيب ۽ مشڪل ڇا آهي ؟؟؟


هڪ شخص امام عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو اي امير المؤمينين مان اوهان کان چار مسائل دريافت ڪرڻ چاهيان ٿو،
امام عليه السلام  جن فرمايو چاليهه مسائل پڇا ڪر،
انهي شخص چيو اهيو ٻڌايو ته واجب ڇا آهي ۽ انهي کان وڌيڪ واجب ڇا آهي؟ قريب ڇا آهي ۽ انهي کان وڌيڪ قريب ڇا آهي، عجيب ڇا آهي ۽ انهي کان زياده عجيب ڇا آهي، مشڪل ڇا آهي ۽ انهي کان زياده مشڪل ڇا آهي،

امام ع جن ارشاد فرمايو : واجب الله جي اطاعت آهي ۽ انهي کان زياده واجب گناهن کي ڇڏڻ آهي،
·       قريب قيامت آهي ۽ انهي کان وڌيڪ قريب موت آهي،
·       عجيب دنيا آهي ۽ انهي کان وڌيڪ عجيب دنيا جي محبت آهي،
·       مشڪل قبر آهي ليڪن بغير زاد ( سامان ) جي وڃڻ انهي کان وڌيڪ مشڪل آهي،

” ڪتاب هديته الشيعه صفه     268 “

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo