Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

امام حسن ع کي حضرت علي ع جون چار وصيتون


امام علي عليه السلام جن پنهنجي پٽ امام حسن ع  کي چيو پٽ مونکان چار ڳالهيون ياد رک ۽ ٻيون چار ڳالهيون به ياد رک
ته امام حسن ع جن عرض ڪيو بابا جان اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن ته مولا جن فرمايو پٽ ! سڀ کان وڏي دولت عقل آهي، سڀ کان وڏي غريبي حماقت آهي، سڀ کان وڏي تنهائي خود پسندي آهي، سڀ کان وڏو حسب حسن خلق آهي،
امام حسن ع وري عرض ڪيو بابا چار شيون ٻيون ڪهڙيون آهن امام ع جن فرمايو پٽ ! احمق شخص جي دوستي کان بچ، اهوتوکي نفع ڏيڻ جي خواهش ۾ نقصان پهچائيندو، ڪوڙي شخص جي دوستي کان بچ اهو بعيد کي قريب ۽ قريب کي بعيد ڪري ڏيکاريندو بخيل شخص جي دوستي کان بچ اهو شخص سخت احتياج ( محتاجي) جي وقت تي توکي محروم رکندو، بدڪار شخص جي صحبت کان بچ، اهو توکي هڪ لقمي جي عيوض وڪڻي ڇڏيندو ،

” ڪتاب هديته الشيعه   صفه    267 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo