Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

بي نمازي انسان کي ڪهڙي سزا ملندي ؟؟

بي نمازي کي 18 سزائون
حضرت عبدالله بن مسعود رضه چون ٿا ته:
مان حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو ته پاڻ ﷺ فرمائن پيا ته جيڪو مرد يا عورت نماز ۾ سستي ڪري ۽ نماز نه پڙهي، الله انهي کي ارڙنهن 18 قسم جون سزائون ڏيندو. ڇهه دنيا ۾ “ ٽي موت جي وقت ٽي قبر ۾ ٽي محشر ۾ ۽ ٽي پل صراط تي.
دنيا ۾ هي سزائون ملندس:
 1)             انهي جي رزق مان برڪت کئنين ويندي،
 2)             انهي جي زندگي ۾ برڪت ختم ٿي ويندي،
انهي جي چهري جو نور ختم ڪيو ويندو،

 اسلام ۾ انهي جو ڪوبه حصو نه هوندو،
نيڪ ماڻهن جي دعائن ۾ اهو شريڪ نه هوندو،
انهي جي دعا منظور نه ٿيندي.
موت جي وقت انهي کي هي سزائون ملنديون: ذليل ٿي مرندو، مرڻ وقت انهي جي جان تي پهاڙ جيترو وزن هوندو، پياسو ٿي مرندو، انهي وقت اگر انهي کي دنيا جو تمام پاڻي پياريو وڃي تڏهن به انهي جي پياس ختم نه ٿيندي، بکيو مرندو، انهي وقت اگر چه تمام دنيا جو کاڌو انهي کي کارايو وڃي تڏهن به انهي جي بک ختم نه ٿيندي۔
قبر ۾ انهي کي هي سزائون ملنديون : انهي کي شديد غم سان منهن ڏيڻو پوندو ۽ قبر انڌهاري هوندي، انهي جي قبر سوڙهي ڪئي ويندي جنهن ۾ ڏينهن قيامت تائين عذاب خدا ۾ هوندو، ۽ ملائڪ انهي کي ڪابه خوشخبري نه ٻڌائيندا .
   ۽ محشر ۾ هي سزائون ملندس : قيامت جي ڏينهن گڏهه جي شڪل ۾ اٿاريو ويندو، نامه اعمال انهي کي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ انهي جو حساب تمام وڏو ٿيندو.
  ۽ اهي سزائون جيڪي پل صراط تي ڏنيون ويندس: الله انهي جي طرف نگاهه رحم نه ڪندو ۽ نه ئي گناهن کان پاڪ ڪندو، انهي کان ڪنهن به قسم جو فديو قبول نه ڪيو ويندو، خدا وند تعاليٰ پل صراط تي هڪ هزار سال حساب ڪرڻ کان بعد ۾ انهي کي جهنم ۾ موڪلي ڇڏيندو انهي جو ثبوت سوره مدثر جي هي آيت آهي” ما سلککم في سقر قالوا الم نڪ من المصلين“ ترجمو اهل جهنم کان اهل جنت وارا پڇندا ته توهانکي ڪهڙي شي دوزخ ۾ وڌو آهي ته اهي اهل جهنم وارا چوندا ته اسان نمازين مان نه هياسين،

” ڪتاب هدية الشيعه صفحه 143

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: