Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

ڪاميابي ۽ ناڪامي وارا انسان آخرت ۾


1) حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته:
 آسمان، زمين، ۽  ملائڪ جنهن جي لاءِ ڏينهن رات استغفار ڪن ٿا اهي ٽي شخص آهن هڪ علماء ٻيو معلم و متعلم ٽيون سخاوت مند.
2) ۽ ٽي اهڙا آهن جن جي دعا نامنظور ناهي ٿيندي هڪ سخي ٻيو بيمار ٽيون تائب
3) ۽ ٽي اهڙا آهن جن کي جهنم جي باهه مس نه ڪندي، شوهر جي فرمانبردار عورت 2 شوهر جي تنگدستي تي صبر ڪرڻ واري عورت 3 والدين سان نيڪي ڪرڻ وارو.
4) ۽ ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي ابليس جي شر کان محفوظ آهن هڪ ڏينهن رات الله جو ذڪر ڪرڻ وارو ٻيو بوقت سحر استغفار ڪرڻ وارو ٽيون خوف خدا ۾ روئڻ وارو.

5) ۽ اهي ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي بغير حساب جي جنت ۾ ويندا هڪ اهو شخص جنهن پنهنجي قميص پاڻ ڌوتي ۽ ٻي قميص نه هجي ۽ ٻيو اهو شخص جنهن بورچي خاني ۾ ٻن قسمن جو کاڌو نه چاڙهيو ۽ ٽيو اهو شخص جنهن وٽ اڄ جي روزي هجي ۽ سڀاڻ جي پرواهه نه هجي
6) ۽ ٽي شخص اهڙا آهن جيڪي بغير حساب جي دوزخ ۾ ويندا هڪ اهو شخص جنهن جي ڪاري مٿي ۾ سفيد وار اچي ويا هجن ۽ اهو زنا ڪري ۽ ٻيو اهو شخص جيڪو والدين جو نافرمان هجي ۽ ٽيون اهو شخص جيڪو شراب پيئندو هجي
7) ۽ ٽي اهڙا شخص آهن جن جي غيبت ڪرڻ جائز  آهي هڪ ظالم حاڪم ٻيو اعلانيه گناهه ڪندڙ ۽ ٽيوشرابي
8)۽ ٽي اهڙا شخص آهن جن کي خدا پسند نٿو ڪري هڪ احسان ڪري ياد ڏياريندڙ ٻيون رزق جي هوندي ڪنجوسي ڪرڻ وارو ٽيون فضول خرچي ڪرڻ وارو.
9)ٽي شخص اهڙا آهن جن تي منهنجي لعنت آهي هڪ اڪيلي (ماني) کائڻ واري ٻيون جهنگل ۾ اڪيلي سفر ڪرڻ واري تي ۽ ٽيون گهر ۾ اڪيلي سمهڻ واري تي. ( سواءِڪنهن عذر جي).
10) حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته جيڪو شخص منهنجي اهلبيت سان محبت نٿو رکي اهو ٽن مان هڪ آهي هڪ يا منافق ٻيو يا ولد زنا ( پنهنجي پيءُ کان اعلاوه ڪنهن  ٻئي جو پٽ ) ٽيون يا حيضي حرامي هوندو آهي .

” ڪتاب هدية الشيعه صفحه 129 170

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: