Monday, January 15, 2018
غيبت جا نقصان
سيد الانبياء صلي الله عليه وآله
وسلم جن فرمائن ٿا ته:
جيڪو
شخص ڪنهن مسلمان جي غيبت ڪري ته الله تعاليٰ ان جي چاليهه ڏينهن ۽ رات جي نماز ۽
روزه قبول نه ڪندو. سواءِ ان جي جو جنهن
جي غيبت ڪئي آهي اهو معاف ڪري ڇڏي.
وڌيڪ فرمايائون ته جيڪو شخص ماهه رمضان ۾ ڪنهن
جي غيبت ڪري ته ان کي روزن جو ڪوبه اجر نه ملندو.
سعيد بن جبير رضه چون ٿا ته رسول خدا صلي الله
عليه وآله وسلم جن فرمايو : قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي مقام حساب ۾ آندو ويندو ۽ ان
کي پنهنجو نامه اعمال ڏنو ويندو، انهي شخص کي نامه اعمال ۾ ڪا نيڪي نظر نه ايندي
ته هو چوندو ته پرور دگار !
هي ته منهنجو نامه اعمال ڪونهي ڇو جو هن ۾ مون کي
پنهنجي ڪابه اطاعت نظر نٿي اچي.
فرشتا ان کي چوندا ته تنهنجو رب ڀلجڻ ۽ ڀٽڪجڻ
وارو ناهي تون ماڻهن جي غيبت ڪندو رهندو هوئين انهي جي لاءِ تنهنجا عمل ختم ٿي ويا
.
پوءِ وري ٻيو شخص پيش ٿيندو ان جو نامه
اعمال ان کي ڏنو ويندو ته ان کي ان ۾ ڪيتريون ئي نيڪيون نظر اينديون، هو عرض ڪندو
خدايا! هي منهنجو نامه اعمال ناهي ڇو جو مون هي نيڪيون نه ڪيون هيون ، جواب ملندس
ته فلان شخص تنهنجي غيبت ڪئي هئي لهذا ان جون نيڪيون تنهنجي نامه اعمال ۾ منتقل
ڪيون ويون آهن، حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته اهو شخص ڪوڙو آهي
جيڪو خود کي حلال زادو سمجهندو آهي ۽ غيبت ڪري انسانن جو گوشت کائيندو آهي غيبت
کان پرهيز ڪريو هي دوزخ جي ڪتن جي خوراڪ آهي.
ٽي عمل عذاب قبر جو سبب آهن 1، چغل خوري 2،
غيبت ڪرڻ 3، ڪوڙ ڳالهائڻ
ڪتاب پند تاريخ جلد 5
صفه 197 198
هڪ جهڙيون تحريرون:
اخلاقيات ۽ معاشرو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: