Monday, January 15, 2018
زاهدن جون خصوصيتون
حضرت محمّد صلي الله عليه وآله
وسلم جن ارشاد فرمائن ٿا ته:
زاهد
ترين جون پنج خصوصيتون آهن:
(1) ته
هو قبرن ۽ مردن جون بوسيده لاشن کي فراموش ناهي ڪندو.
(2)
زاهد دنيا جي اضافي شين کي ترڪ ڪري ڇڏيندو
آهي.
(3) اهو
باقي رهڻ وارين شين کي نابود ٿيڻ وارين شين تي ترجيح ڏيندو آهي.
(4)_(5) زاهد
اهو آهي جو هو اچڻ واري ڏينهن (سنڀاڻ ) کي پنهنجي عمر ۾ شمار ناهي ڪندو ۽ خود کي
مُردن ۾ شمار ڪندو آهي.
۽ وڌيڪ ابوذر ع کي نصيحت ڪندين فرمايائون ته
اي ابوذر ع مبارڪ هجي دنيا ۾ زاهدن جي لاءِ ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جن آخرت سان دل
لڳايو آهي، خداجي زمين کي پنهنجي لاءِ بساط ۽ ان جي خاڪ کي فرش ان جي پاڻي کي
پنهنجي لاءِ عطر قرار ڏنو آهي، خدا جي ڪتاب کي پنهنجي اندروني لباس وانگر پنهنجي
دل سان لڳايو آهي ۽ دعائن کي پنهنجي مٿان وارو لباس قرار ڏنوآهي ۽ پنهنجي پاڻ کي
دنيا کان منقطع ۽ جدا ڪري ڇڏيو آهي.
ڪتاب ” پيغمبر اسلام ص جون نصيحتون
جناب ابوذر رضه کي “ جلد 1 صفه 226 تا 253
(16)چئن شين کان نفرت نه ڪيو
حضور اڪرم صلي الله عليه وآله
وسلم جن فرمائن ٿا ته:
چئن
شين کان نفرت نه ڪيو انهي جي لاءِ جو اهي چئن شين کان بچائينديون آهن.
(1) زڪام
کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي جذام کان امان ڏيندو آهي.
(2) ڦرڙين
کان نفرت نه ڪيو ڇوجو هي برص کان امان ڏينديون آهن
(3) اکين
جي اٿڻ کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي اندهي هجڻ کان بچائيندو آهي.
(4) کنگهه
کان نفرت نه ڪيو ڇو جو هي فالج جهڙي بيماري کان بچائيندو آهي
ڪتاب هدية الشيعه صفه 240
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: