Ad 468 X 60

Monday, February 4, 2019

سيده مرضِه پيغمبر جي نظر ۾

سائيڻ فاطمه زهره سلام الله عليها   پيغمبرﷺاسلام جي نظر ۾ :
سائيڻ فاطمه زهرہّ جي فضيلتن ۽ ان جي مرتبن جي سلسلي ۾ قرآن مجيد جون آيتون ۽ رسول خدا ﷺ جون حديثون لاتعداد موجود آهن ليڪن آءُ هتي هن وقت چند احاديث رسول ﷺ ۽ پيغمبر اسلام جا ڪجهه طرز عمل پيش ڪريان ٿو.
رسول خداﷺ جو ارشاد آهي ته فاطمه  س جنت ۾ وڃڻ وارين تمام عورتن جي سردار آهي. فاطمه س جي رضا سان الله راضي ٿيندو آهي خدا وند متعال فاطمه س جي بدولت ان جي مڃڻ وارن کي جهنم کان نجات ڏئي ڇڏي آهي.
وڌيڪ فرمايائون فاطمه س منهنجي جگر جو ٽڪڙو
آهي جنهن فاطمه س کي غضب ناڪ ڪيو ان مونکي غضبناڪ ڪيو ( يعني فاطمه س جي ناراضگي منهنجي ناراضگي آهي)
۽ جنهن فاطمه س کي رنجايو ان مونکي رنجايو ۽ جنهن مونکي رنجايو ان الله کي رنجايو ۽ جنهن الله کي رنجايو ان جي جاءِ الله جهنم معين ڪري ڇڏي آهي.
وڌيڪ فرمايائون مردن ۾ گهڻا ماڻهون ڪامل گذريا آهن ليڪن عورتن مان صرف چار عورتون ڪامل گذريون آهن .
1، مريم، 2، آسيه 3، خديجه 4، فاطمه س ۽ انهن مان سڀ کان وڌيڪ درجه ڪمال فاطمه س کي حاصل آهي
علمائن جو بيان آهي ته حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سائيڻ فاطمه سلام الله عليها سان تمام گهڻي محبت ڪندا هيا ۽ ڪمال عزت به ڪندا هيا محبت جي مظاهرن مان هڪ اهيو هيو جو جڏهن ڪنهن جڳهه تشريف وٺي ويندا هيا. ته سڀ کان آخر ۾ فاطمه س کان رخصت ٿيندا هيا ۽ جڏهن واپس ايندا هيا ته سڀ کان پهريان فاطمه زهره س کي ڏسڻ جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هيا.
۽ عزت و احترام جو مظاهرو اهيو هيو جو جڏهن حضرت فاطمه زهره س ايندي هئي ته پاڻ ﷺ جن ان جي تعظيم ۾ اٿي بيهندا هيا ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هيا.
وڌيڪ فرمايائون فاطمه س منهنجو جز ( عضوو) آهي جيڪو ان کي اذيت پهچائيندو اهو مونکي اذيت پهچائيندو.
جناب فاطمه س جي زندگي دنيا جي تمام عورتن جي لاءِ هڪ مثالي نمونو آهي عورت جي شخصيت جون ٽي بنيادي جهتون آهن.
1، ڌيءَ 2“ زوجه 3“ ماءُ
جناب سيّده خاتم الانبيآء جي ڌيءُ آهي.
۽ اميرالمومنين ڪائنات جي امام حضرت علي عليه السلام جي زوجه ۽ سيّد الشباب اهل الجنته ٻن معصوم امامن جي ماءُ آهي انهن ٽنهي نسبتن سان ٻي ڪا عورت سائيڻ فاطمه س جي همسر و شريڪ ناهي انهي سان گڏو گڏ ڌيءُ، زوجه ، ۽ ماءُ جي حيثيت سان الله ۽ رسول ﷺ جي احڪامن جي مطابق پنهنجي والد جي خدمت و اطاعت ۽ پنهنجي مڙس جي غمگساري ۽ رفاقت ۽ پنهنجي ٻچن جي تعليم و تربيت فرمائي ڪري عالمين جي عورتن جي لاءِ هڪ قابل رشڪ معيار قائم فرمايو.
ماخوذ 1، ڪتاب چودهه ستاري صفه   98

2، ڪتاب جلوه نور صفه     58

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo