Tuesday, January 16, 2018
” حضرت علي ع جو انسانن کي خبردار خبردار ڪرڻ ........“
مولاءِ ڪائنات امير المؤمنين حضرت امام علي عليه السلام
انسان ذات کي هوشيار ڪندي فرمائن ٿا ته :
اي انسانو! بيشڪ توهان مان جنهن پنهنجي نفس جي عيبن تي غور
ڪيو، اهو ٻين جي عيب جوئي کان پري ٿيو، جنهن پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ کڏ کوٽي اهو انهي
۾ خود ڪريو، جنهن ٻين جي راز کي ظاهر ڪيو انهي پنهنجي گهر جي عورتن کي بي پردا
ڪيو، جنهن بغاوت جي تلوار ڪڍي خودئي انهي سان قتل ٿيو،جنهن پنهنجي راءِ کي پسند
ڪيو گمراهه ٿي ويو، جيڪو پنهنجي عقل کان لاپرواهه ٿيو انهي کان وڏي غلطي ٿي،
جنهن
ماڻهن سان تڪبر ڪيو ذليل ٿيو، جيڪو علماءَ سان مخلوط ٿيو اهو معزز ٿيو ۽ جيڪو
ڪمينن سان ملي ويو حقير ٿيو، جنهن ايترو بار کنيو جنهن جو وزن برداشت نه ڪري
سگهندو هيو اهو عاجز ٿي ويو.
وڌيڪ فرمايائون :
اي انسانو
بتحقيق اهو مال، مال ئي ناهي جيڪو پناهه گُهري، بس جنهن قليل مال پاتو اهو ذليل
ٿيو ۽ جنهن مال ۾ زيادتي حاصل ڪئي سردار ٿيو، ۽ جنهن جو مال ڪثير ٿيواهو رئيس ٿي
ويو، جنهن ذات خدا۾ تفڪر ( يعني الله آهي يانه يا ڪئين آهي وغيره آهي ) ڪيو اهو
زنديق ٿي ويو، جنهن ڪنهن شي جي متعلق ڪثرت سان غور ڪيو انهي ان جي معرفت حاصل ڪري
ورتي، جيڪو گهڻو کليو انهي جي هيبت ختم ٿي وئي، جيڪو بي ادب آهي اهو فاسد ٿي ويو
بس افضل ترين ڪم اهيو آهي ته مال سان پنهنجي عزت بچائي جا هل سان گڏ ويهڻ وارو
عقلمند ناهي هوندو.
” ڪتاب نهج الاسرار جلد اول صفه 159 163 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: