Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

” عالم جا عوام مٿان سورنهن حق“


حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمايو ته:
 عالم جو حق اهيوآهي ته انهي کان گهڻا سوال نه ڪر، جواب جي وقت انهي تي سبقت نه ڪر، جڏهن ڪجهه پيش ڪري ته انهي تي اصرار  نه ڪر، جڏهن سست ٿي رهيو هجي ته  انهي جي ڪپڙي کي نه پڪڙ،پنهنجي هٿ سان انهي جي طرف اشارو نه ڪر، پنهنجي اکين سان انهي جي طرف اشارو نه ڪر انهي جي مجلس ۾
ٻين ماڻهن سان سُس پُس نه ڪر، انهي جي عيبن کي تلاش نه ڪر، انهي کي اهيو نه چؤ ته فلان شخص توهانجي قول جو مخالف آهي، عالم جي راز کي ظاهر نه ڪر، انهي وٽ ڪنهن جي غيبت نه ڪر، انهي جي موجودگي ۽ عدم موجودگي ۾ ان جو احترام ڪر، عمومي طورتي تمام شرڪاءِ مجلس تي سلام ڪر، ۽ عالم تي خصوص طورتي سلام ڪر ، انهي جي سامهون ويهه اگر انهي کي ڪنهن شي جي ضرورت هجي ته تمام ماڻهن کان پهريان انهي خدمت ۾ اٿي بيهه، انهي جي طويل صحبت کان تنگ دل نه ٿي ڇو جو اهو هڪ پڪل کجيءَ جي وڻ وانگر آهي، انتطار ڪر ته ڪهڙي وقت انهي جو ثمر توتي ڪري ٿو، عالم روزادار، شب بيدار مجاهد في سبيل الله جي مثل آهي.
   جڏهن عالم فوت ٿئي ته اسلام جي ديوار ۾ اهڙو شگاف ٿي ويندو آهي جيڪو قيامت تائين بند نٿو ٿي سگهي، ستّر هزار مقرب فرشته عالم جي جنازي ۾ شرڪت ڪندا آهن.
” ڪتاب هديته الشيعه   صفه 542 “


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo