Tuesday, January 16, 2018
حضرت علي ۽ تورات جي تلاوت .
حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام جن فرمايو ته:
مون تورات جي
ٻارنهن آيتن جو عربي ۾ ترجمو ڪيوآهي ۽ ٽي مرتبه انهن آيتن کي پڙهندو آهيان، ۽ اهي
ٻارنهن آيتون هي آهن،
1)
الله پنهنجي بندي کي چوي ٿو ته جيستائين منهنجي حڪومت توتي قائم آهي، انهي وقت
تائين ڪنهن سلطان کان خوف کائڻ جي ضرورت ناهي ۽ منهنجي حڪومت ۽ شاهي ڪڏهن ختم نه
ٿيندي.
2)
مونکي حاصل ڪري ڪنهن ٻئي تي اميد نه رکجان ڇو جو منهنجا خزانه ڀريل آهن انهي
جي لاءِ ڪنهن ٻئي تي اميد نه رکجان
3)
مونکي حاصل ڪري ڪنهن ٻئي کي تلاش نه ڪر مونکي هميشه پنهنجي قريب پائيندين.
4)
فرزند آدم عليه السلام! مان توسان محبت ڪريان ٿو تون به مونسان محبت ڪر
5)
جيستائين تون پل صراط کي عبور نه ڪرين اوستائين منهنجي قهر کان بي خوف نه
رهجان
6)
فرزند آدم عليه السلام ! مان تمام شين کي تنهنجي لاءِ بڻايو ۽ توکي پنهنجي
لاءِ بڻايو، پوءِ تون مونکان ڇو ٿو ڀڄي.
7)
فرزند آدم عليه السلام ! مان توکي مٽي مان بڻايو پوءِ نطفه مان بڻايو پوءِ هڪ
لوٿڙي مان بڻايو تنهنجي تخليق کان نه ٿڪيس ڇا تنهنجي ماني مونکي ٿڪائيندي.
8)
پنهنجي نفس جي وجهه سان تون مونکان ناراض ٿئين ٿو ليڪن منهنجي ڪري تون پنهنجي
نفس کان ناراض نٿو ٿئين.
9)
فرزند آدم عليه السلام ! مان توتي ڪجهه فرائض مقرر ڪيا آهن ۽ تنهنجي روزي
پنهنجي ضمي رکي آهي، پوءِ به تون منهنجي فرائضن جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ڪرين ٿو ليڪن
مان بندا پروري ۾ ڪائي ڪمي ناهي ڪئي.
10)
توسان هر محبت ڪرڻ وارو پنهنجي مفاد جي خاطر محبت ڪندو آهي ليڪن مان توسان
تنهنجي ئي مفاد جي لاءِ محبت ڪيان ٿو.
11)
فرزند آدم عليه السلام جهڙي طرح سان
مان توکان سڀاڻي جي عمل جو مطالبو نٿو ڪريان اهڙي طرح سان تون به مون کان سڀاڻي جي
روزي طلب نه ڪر.
12)
اگر تون منهنجي تقسيم تي راضي رهندين ته مان توکي اجر سان گڏوگڏ تنهنجي دل ۽
بدن کي راحت ڏيندس، اگر تون منهنجي تقسيم تي راضي نه رهين ته مان توتي دنيا کي
مسلط ڪري ڇڏيندس جٿي تون جانورن وانگر ڊڪندو ڀڄندو وتندين پوءِ به منهنجي تقسيم
ڪيل روزي کان وڌيڪ زياده حاصل نه ڪري سگهندين انهي کان اعلاوه تون منهنجي عذاب جو
حقدار به بڻجندين.
” ڪتاب هديته الشيعه صفه
518 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
حضرت اميرالمومين جا فضائل ۽ ان جي زندگي جو مختلف عنوانن سان جائزو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: