Ad 468 X 60

Tuesday, April 25, 2023

سخاوت خدا جو پسنديده عمل

تحرير : راشد علي چانڊيو

http://Wa.me/989107723779


مقدمو: مولا علي ع جي فرمانن موجب انسانن جا چار قسم بيان ڪيا آهن سڀ کان بدتر انسان لئيم آهي جنهن جي سوچ ۽ فڪر هي هوندي آهي ته ڪنهن به انسان تائين ڪابه شئي نه پهچي سگهي اسيتائين جو اگر ڪا شئي ٻين کي ملي ۽ اها ئي شئي لئيم انسان وٽ اچي ته لئيم انسان ان کي به پسند ناهي ڪندو هو چاهيندو آهي


ته ٻي انسان کي ڪنهن به صورت ۾ اها شئي نه ملي ڀلي انهن جي ڪري مونکي به نه ملي . ٻيون قسم انسان جو بخيل آهي اهو چاهيندو آهي ته هر شئي بس منهنجي لاء هجي ٻي وٽ وڃي ئي نه ٽيون قسم آهي سخي، سخي اهو انسان هوندو آهي جيڪو چاهيندو آهي ته مونکي به ملي ۽ ٻين کي به ملي ٻين لفظن ۾ الله جي هر نعمت مون تائين به پهچي ۽ ٻين تائين به پهچي هو نعمت کي خرچ ڪري الله سان واپار ڪندو آهي اگر الله سائين مال ڏيندو اٿس ته مال خرچ ڪندو آهي  مطلب هي ته هو پنهنجي مال جا ٻه حصا ڪندو آهي هڪ حصو پنهنجي لاء ۽ ٻيو حصو عوام لاء . انسان جو ڇوٿون قسم  ڪريم آهي، ڪريم انهن هستين جي قسم آهي جيڪي الله سان ايترو ته پيار ڪندا آهن جو پنهنجو سڀ ڪجه مالڪ جي ناء تي قربان ڪندا آهن ٻين لفظن ۾ هي چوان ته ڪريم اهي آئمه آهن جيڪي پنهنجي حصي جو کاڌو به فقراء مساڪين ۽ اسيرن کي ڏيئي ڇڏين ۽ پاڻ بک تي سمهي پون ڪريم اهي هستيون آهن جيڪي پاڻ ساڌو کاڌو کائن پر مهمانن کي سٺو کاڌو کارائن مولا امام حسن جي ذات کي ڪريم اهلبيت ع سڏيو ويندو هيو ۽ مولا جو دسترخوان هر جاء تي مشهور هيو 

اسان ڪريمن جي ڪرم کي بيان ته نٿا ڪري سگهون پر سخي انسانن  جي فضيلتن کي هن مختصر تحرير ۾ بيان ڪريون ٿا. 


بخيل جي حج کان جاهل جي سخاوت بهتر آهي. 

مٿي انسانن جي قسمن کي بيان ڪيو آهي انهن مان بخيل (ڪنجوس)  به هڪ قسم هئي اگر ڪو انسان بخيل هوندي الله جون عبادتون انجام ڏي ۽ ٻي طرف جاهل انسان هجي عبادت جي ويجهو نه هجي پر ان ۾ سخاوت هجي ته ان عمل کي الله سائين تمام گهڻو پسند ڪري ٿو ان جو هي هرگز مطلب نه آهي ته بخيل جي عبادت قبول نه آهي يا ايئن چئجي ته بخيل جيڪا عبادت ڪري ٿو اها ضايع ٿي وڃي ٿي، ايئن هرگز نه آهي 

امام جعفر صادق ع فرمان ٿا: جاهل سخي افضل من ناسک بخيل. جاهل پنهنجي سخاوت جي ڪري ان بخيل کان بهتر آهي جيڪو حج انجام ڏي ٿو. 

مطلب هن جو هي آهي ته الله سائين انسان جي همدردي ۽ خلوص کي ڏسندو آهي هڪ جاهل اگر پنهنجي پاڻ ۾ اوليائن واري صفت رکي ڪري سخاوت ڪري ٿو اهو ان بخيل (ڪنجوس) جي حج کان بهتر آهي ڇو ته الله سائين بخيل کي دوست نٿو رکي. (بحار ج 68 ص 358)


جوان جي سخاوت پوڙهي ۽ بخيل جي عبادت کان افضل آهي. 

هڪ انسان جيڪو عبادت ته ڪري ٿو پر ان ۾ بخل موجود آهي هو طبيعت جي لحاظ کان ڪنجوس آهي ۽ الله سائين ان ڪنجوسي کي پسند نٿو ڪري، يا وري هڪ عابد آهي جنهن جي عمر وڏي آهي عبادت خدا کي انجام ڏي ٿو انهن ٻنهي جي عبادت هڪ پاسي هڪ نوجوان جي سخاوت هڪ پاسي 

امام جعفر صادق ع فرمائن ٿا: شاب سخي مرهق في الذنوب احب الي الله من شيخ عابد بخيل. ان جوان جي سخاوت جيڪو گناهن ۾ جڪڙيو پيو آهي خداوند عالم جي بارگاه ۾ پوڙهي عابد ۽ بخيل عبادت گذار کان افضل آهي (اصول ڪافي ج 4 ص 41)


سخي جو هٿ مرڻ کان بعد ۾ به سالم رهڻ 

سخاوت جي ڳاله ٿئي ۽ حاتم طائي جي ذڪر نه ٿئي ممڪن ئي نه آهي ڇو ته حاتم پنهنجي سخاوت جي ڪري صديون گذرڻ باوجود به هر علائقه ۾ مشهور آهي هر چوڻي ۾ حاتم جو ذڪر ڪيو ويندو آهي جڏهن حاتم مري ويو ۽ جنهن جاء تي حاتم کي دفنايو ويو هيو اتي سيلاب اچي ويو ۽ حاتم جي قبر کي نقصان پهتو ان جي پٽ چاهيو ته بابا جي جسد کي ٻي جاء تي منتقل ڪري دفنائجي جڏهن قبر کوٽي وئي ته فقط حاتم جو هڪ هٿ بچيل هيو باقي سڄو جسم مٽي ٿي چڪو هيو جڏهن اتي هڪ پوڙهي کان پڇيو ويو ته ائين ڇو ؟؟چيائين تعجب نه ڪيو ڇو ته حاتم جنهن هٿ سان ماڻهن کي عطا ڪندو هيو الله سائين ان هٿ کي ختم ڪرڻ نٿو چاهي ( پندهاي جاويد ص 183) حاتم جي مذهب سان ڪنهن جي به بحث نه آهي پر ان جي سخاوت ان جي مذهب کي ڍڪي ڇڏيو آهي هو ڪنهن جي به مدد ڪرڻ وقت کان مذهب نه پڇندو هيو جڏهن به ڪنهن جي مدد ڪجي ته ان جي قوم قبيلي ۽ مذهب کي نه ڏٺو وڃي اسان جا آئمه پنهنجن دشمنن کي به عطا ڪندا هئا ايستائين جو امام حسن ع ان شامي کي به عطا ڪيو جيڪو امام حسن ۽ امام علي ع گاريون پيو ڏي.


جنت جو سوال

رسول خدا ص ارشاد فرمايو: لما خلق الله الجنة قالت يا رب لمن خلقني؟ قال : لکل سخي تقي. قالت: رضيت يا رب. 

جڏهن الله سائين جنت کي خلق ڪيو ته جنت عرض ڪيو يا الله مونکي ڪنهن جي لاء خلق ڪيو اٿئي ؟ الله سائين فرمايو: مان توکي سخي ۽ تقوي (متقي) ڪندڙن لاء خلق ڪيو آهي جنهن تي جنت چيو يا الله مان ان تي راضي آهيان ( ته اتي سخي، متقي ۽ پرهيزگار انسان رهندا) (مستدرڪ الوسائل ج 7 ص 18.) 


سخي جو کاڌو دوا جي برابر آهي 

قرآن ۽ روايات ۾ سخي انسانن جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي پر روايات ۾ ان جي کاڌي کي شفاء قرار ڏنو ويو آهي رسول خدا ص کان روايت آهي : طعام سخي دواء و طعام شحيح داء “ سخي انسان جو کاڌو دوا جي برابر آهي پر بخيل ۽ حريص انسانن جي کاڌو درد( سور) برابر آهي (بحار ج 68 ص 357)


حضرت موسي ۽ سامري 

روايت ۾ آهي ته جڏهن حضرت موسي ع تورات وٺڻ لاء ڪوه طور تي ويو ته پويان سامري حضرت موسي ع جي قوم کي گمراه ڪري ڇڏيو ايتري تائين جو حضرت موسي ع جا مخلص ساٿي به سامري جي گوساله جي عبادت ڪرڻ لڳا جڏهن حضرت موسي ع واپس آيو ۽ سامري تي غالب اچي ويو ته چاهيائين سامري کي قتل ڪري الله رب العزت جو فرمان ٿيو : ان الله عزوجل اوحي الي موسي ع ان لا تقتل السامري فانه سخي “ الله سائين موسي کي وحي ڪئي ته سامري کي قتل نه ڪر ڇو ته هي هڪ سخي انسان آهي (من لا يحضر الفقيه ج 2 ص61) الله پنهنجي ۽ رسول جي دشمن کي جيڪو در حقيقت واجب القتل آهي پر سخاوت جي ڪري بخشي ڇڏي ٿو سامري خدا جي مقابلي ۾ اچي جانور تيار ڪيو ماڻهن کي گمراه ڪيائين پر سخاوت جي ڪري الله سائين حضرت موسي کي چيو ڇڏي ڏينس زنده رهي ڇو ته سامري سخي انسان آهي  


رسول الله ص جو سخي قيدي کي ڇڏي ڏيڻ 

رسول الله جي هجرت ڪرڻ کان بعد ۾ جيڪي ڪفار سان جنگيون ٿيون انهن ۾ مڪه جي مشرڪن منجهان ڪجه قيدي به ٿيا رسول الله ص انهن مان ڪجه لاء قتل جو فرمان جاري ڪيو پر هڪ شخص کي ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنائون جنهن تي صحابه عرض ڪيو يا رسول الله هي به انهن جهڙو هيو هن کي به قتل ٿيڻ گهرجي ها پر اوهان ڇو ان کي معاف ڪيو؟ رسول الله ارشاد فرمايو مان ان کي الله جي فرمان موجب قتل ڪرڻ کان پرهيز ڪريان ٿو ڇو ته ان ۾ پنج صفتون آهن جن کي الله سائين پسند ڪري ٿو 1: هي ناموس ۽ عيال خاطر غيرت مند آهي . 2: پنهنجي قوم ۾ سخي آهي 3: هن جو اخلاق ڀلو آهي 4: هي بهادر آهي 5: ۽ سچ ڳالهائيندو آهي (بحار ج 71 ص 385) 


رسول الله ص ۽ يمني شخص 

رسول الله ص جي خدمت ۾ يمن کان هڪ گروه آيو جنهن ۾ هڪ شخص خلاف ادب زبان درازي ڪئي رسول الله ص غصي ۾ اچي ويا ۽ پيشاني مبارڪ تي رڳون ظاهر ٿيون ۽ سر جهڪايائين ايتري ۾ حضرت جبرئيل ع نازل ٿيو ۽ عرض ڪيائين : خدواند عالم اوهان لاء سلام موڪليا آهن ۽ فرمائي ٿو ته هي شخص سخي آهي ۽ ماڻهن کي کاڌو کارائيندو آهي. جيئن ئي پيغمبر ص جبرئيل جو ڪلام ٻڌو غصي تي ڪنٽرول ڪري فرمايائين جيڪڏهن مونکي جبرئيل تنهنجي باري ۾ نه ٻڌائي ها ته تون سخي آهين ۽ ماڻهن کي کاڌو کارائيندو آهين ته مان توکي سخت سزا ڏيان ها ته جيئن ٻيا سبق حاصل ڪن ها. هن يمني شخص چيو : ڇا توهان جو رب مهمان نوازي کي پسند ڪري ٿو ؟ رسول الله ص فرمايو: جي ها. اهو ٻڌندي ئي يمني انهي وقت مسلمان ٿيو ۽ رسول الله ص کي عرض ڪيائين : مونکي قسم آهي ان خدا جي جنهن توکي نبوت عطا ڪئي آهي مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به شخص کي پنهنجي مال مان نا اميد ناهي ڪيو. (سفينة البحار ج 2 صب607. ) 


نتيجو: 

الله سائين جن صفتن کي پسند ڪري ٿو انهن مان هڪ صفت سخاوت آهي هن دنيا ۾ اگر انسان ٻين عملن سان گڏ سخاوت واري صفت کي پاڻ تي جاري ڪندو ته الله سائين ان شخص مٿان مهربان ٿيندو ڇو ته الله سائين پنهنجي دشمن کي به فقط سخاوت جهڙي ڀلي صفت جي ڪري معاف ڪري ڇڏي ٿو جن جون مثالون حضرت موسي ع ۽ رسول الله ص جي زندگي مان پيش ڪيون الله سائين کان دعا آهي ته اسان سڀني کي سخاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين 

التماس سوره فاتحه براي والد محترم مرحوم برڪت علي ولد امام علي چانڊيو. 

 .

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: