Ad 468 X 60

Sunday, April 23, 2023

توبه ڪرڻ جا فائده

تحرير: راشد علي چانڊيو Wa.me/989107723779 مقدمو: خداوند عالم قرآن مجيد ۾ تقريبا 600 آيتن ۾ توبه جو ذڪر ڪيو آهي، الله سائين انسان کي عقل جهڙي نعمت سان نوازيو آهي ۽ ان جي رهنمائي جو به اهتمام ڪيو اٿس پاڻ ايڏو ته رحم ڪرڻ وارو آهي جو بار بار پنهنجي ڪتاب ۾ توبه ڪرڻ جو حڪم ۽ ان توبه کي قبول ڪرڻ جو وعدو ڪري رهيو آهي انسان اگر سچي دل سان پنهنجي گناه تي پشيمان ٿي الله کان مغفرت طلب ڪري ته الله سائين ان انسان جو وڏي کان وڏو گناه به معاف ڪري ڇڏيندو.

تڏهن ته روايات ۾ بار بار ملي ٿو ته گناهن ڪرڻ کان بعد ۾ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو ۽ الله جي حضور اچي توبه ڪري چئو ته يا الله هي جيڪو گناه مونکان ٿيو آهي مان ان جي معافي گهران ٿو اگر اهو گناه اهڙو آهي جنهن جي اصلاح نه ٿي ٿئي ته ان لاء فقط توبه ڪافي آهي پر جيڪڏهن اهڙو ڪم آهي جنهن جي اصلاح ممڪن آهي مثلا رشورت ورتي اٿس ته پهريان رشوت واپس ڪري ڪنهن جو ڄاڻي واڻي نقصان ڪيو اٿس ان جو نقصان پورو ڪري پر جيڪڏهن ڪو ايئن سمجهي ته مان هر وقت گناه رشوت مال يتيم مسڪين ماڻهن کي اذيت ڪرڻ وغيره کان بعد ۾ توبه ڪندس ته منهنجي توبه قبول ٿي ويندي ايئن هرگز نه آهي هر روز صبح جو رشوت وٺي شام جو اچي توبه ڪري، هر روز واج ڏي وٺي شام جو توبه ڪري توبه جو مطلب هي آهي ته وري گناه نه ڪندس هي ته بار بار ساڳي گناه جو تڪرار ڪري ٿو ان ڪري خداوند عالم توبه کي ضرور قبول ڪندو پر ان توبه ۾ اخلاص ۽ وعدو شامل هجي ته وري اهڙو گناه انجام نه ڏيندس توبه جي فضيلت توبه ڪرڻ جي فضيلت بابت تمام گهڻيون روايتون نقل ٿيون آهن پر هتي فقط هڪ ئي روايت پيش ڪجي ٿي. امام جعفر صادق ع فرمائن ٿا التائب من الذنب کمن لا ذنب له. جيڪو شخص گناه کان توبه ڪري ٿو اهو ان شخص وانگر آهي جنهن گناه کي انجام ئي ناهي ڏنو. (ارشاد القلوب ج 1 ص 183) هن جو مطلب هي آهي ته الله سائين ان شخص جي گناه کي ان جي نامه اعمال کان مٽائي ڇڏيندو ۽ قيامت جي ڏينهن به حساب ۽ ڪتاب نه وٺندو. جوان جي توبه جي فضيلت الله سائين ڪجه عبادات ۾ جوان جي عبادات کي عمر رسيده ( پوڙهي شخص) جي عبادت تي اهميت ڏني آهي اهڙي طرح جوان انسان جي توبه کي الله سائين عمر رسيده جي توبه تي اهميت ڏني آهي رسول الله ص فرمائن ٿا : بهترين شخص اهو آهي جيڪو گناه ڪرڻ کان بعد ۾ ان گناه تي پشيمان ٿئي ۽ خداوند عالم کان مغفرت طلب ڪري اگر توبه ڪندڙ جوان آهي الله سائين ان کي حضرت زڪريا ع جي اعمال جي برابر ثواب ڏيندو . (نصايح ص 330) صالح ۽ فاسد جي آخرت هڪ عورت جا ٻه پٽ هئا هڪ پٽ صالح هيو ڀلا ڪم انجام ڏيندو هيو واجبات جو خيال رکندو هيو ۽ ٻيو پٽ فاسق هيو هر وقت برا ڪم ڪندو هيو اتفاق سان هڪ ٻي پويان ٻنهي پٽن جي وفات ٿي جڏهن صالح پٽ جي وفات قريب ٿي ته ماء تي ڪا خاص پريشاني نه هئي حڪم خدا سمجهي برداشت ڪيو پر جڏهن فاسق پٽ جي وفات جو وقت آيو ته ماء جو سڪون ختم ٿي ويو بي چين ٿي وئي تمام گهڻو روئڻ لڳي ان فاسق پٽ چيو امان جڏهن منهنجي ڀاء جي وفات ٿي هئي ته تون ان جي وفات تي پرسڪون هئين هاڻي جڏهن مان اتان وڃان ٿو ته تون تمام گهڻو روئين ٿي اهيو فرق ڇو ؟ ماء جواب ۾ چيو پٽ مان تنهنجي آخرت لاء فڪر مند آهيان هو تنهنجو ڀاء صالح هيو ڀلا ڪم ڪندڙ هيو مان ته موت کي ٽاري نٿي سگهان مان ان جي آخرت واري حساب ڪتاب کان متمعن هيس پر تون ته ڪو چڱون ڪم انجام ئي ناهي ڏنو ان ڪري مان تنهنجي لاء پريشان آهيان پٽ ٿڌو ساه کڻي چيو امان تون فڪر نه ڪر ان شاء الله مان جنت ۾ ويندس. ماء چيو اهو ڪيئن ؟ چيائين امان تو مونکي 9 مهينا پيٽ ۾ رکيو ٻه سال پنهنجو کير ڏنئي تون ايتري منهنجي لاء فڪر مند آهين جو تنهنجي دل منهنجي آخرت لاء سڙي ٿي، پر خدا ته منهنجو خالق آهي اهو خدا جيڪو تو کان هزار ڀيرا مونسان وڌيڪ محبت ڪري ٿو هو تو کان وڌيڪ منهنجي لاء مهربان آهي ڇا هو مرڻ کان بعد به منهنجي لاء مهربان نه ٿيندو ؟؟ هو مري ويو ڪجه وقت کان بعد ۾ ان جي ماء خواب ۾ انهي پٽ کي ڏٺو جيڪو تمام گهڻو پرسڪون هيو ماء پڇا ڪيس پٽ تون ته دنيا ۾ ڀلا ڪم نه ڪندو هئين اتي ڪيئن آسائشن ۾ رهين ٿو پٽ چيو امان! مان خدا جي رحمت جو اميدوار هيس هن جي رحمت تي مونکي يقين هيو (منهنجا گناه ان جي رحمت کان وڏا نه هئا) ان مالڪ مونکي بخشي ڇڏيو ۽ مونکي مرڻ کان بعد وڏو مقام ڏنو اٿس. ان ڪري ڪو به انسان پنهنجي گناهن جي ڪري خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿئي ان جي رحمت وسيع آهي هر جاء تي هر حال ۾ فائدو ڏيندي ڪنهن به انسان کي ايئن نه سوچڻ گهرجي ته منهنجا گناه گهڻا آهن الله کان ڪهڙن گناهن جي مغفرت طلب ڪيان بلڪه انسان توبه ڪرڻ دير ئي نه ڪري ۽ پنهنجي مالڪ جي رحمت کان نا اميد نه ٿئي. توبه جون شرطون حضرت امام علي ع فرمائن ٿا: حقيقي توبه جون 6 شرطون آهن : 1. پنهنجي ڪئي تي پشيمان هجي، 2. عهد ڪري ته وري گناه جو ڪم انجام نه ڏيندس، 3. ماڻهن جي حقن کي ادا ڪري مرڻ وقت ان جي گردن تي ڪنهن جو به حق نه هجي، 4. جن واجبات کي انجام نه ڏنو اٿس انهن کي انجام ڏي، 5. خداوند عالم کي ايترو ته ٻڏائي جو جيڪو گوشت هن جي جسم تي حرام کائڻ يا برن ڪمن جي عرصي ۾ وڌيو آهي ان کي الله جي اطاعت ۾ آڻي ختم ڪري. 6. ايئن ئي پنهنجي پاڻ کي سختي ڏي جيئن گناه ڪندي جسم کي خوش ڪيو هيس. انهن سڀني سان گڏ چوندو رهي استغفر الله ( انهن ڇهن شرطن مان پهريون چار شرطون واجب آهن باقي پويون ٻه شرطون مستحب آهن پر جيڪڏهن ڇهن ئي شرطن کي انجام ڏي ته ان جو درجو وڌي ويندو. ) امام ع وڌيڪ فرمائن ٿا: گناه تي شرمنده ٿي روئڻ، گناهن جو ڪفارو آهي خداوند عالم فرمائي ٿو اگر منهنجا بنده اهڙي طرح توبه ڪن جو وري گناه نه ڪن ته مان الله انهن کي دنيا ۾ ايئن آخرت طرف منتقل ڪندس جو اهي ڄڻ ته ماء جي پيٽان ايندي ئي آخرت ۾ پهتا آهن (نصايح ص 267) سعادت ( ڪاميابي) شقاوت (بدبختي) جا اسباب ڪجه اهڙا سبب آهن جن جي ڪري انسان ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ وري ڪجه اهڙا سبب به آهن جن جي ڪري انسان ناڪام ٿي ويندو آهي حضرت آدم ع جي مقابله ۾ ابليس آيو جيڪو پنهنجي زماني جو وڏو عبادت گذار هيو ان جي عبادت ايتري وڌي وئي جو هو جنن جي نسل مان هوندي ملائڪه ۾ شمار ٿيڻ لڳو پر پنجن ڳالهين جي ڪري بدبخت ٿي ويو. 1: پنهنجي گناه تي اقرار نه ڪيائين 2. پنهنجي ڪئي تي پشيمان نه ٿيو 3. پنهنجي پاڻ کي ملامت نه ڪيائين 4. توبه ڪرڻ جو ارادو نه ڪيائين 5. الله جي رحمت کان نا اميد ٿي ويو. ان جي مقابلي ۾ الله سائين آدم کي ڪامياب قرار ڏنو ان جون به پنج علتون آهن 1. پنهنجي گناه تي اقرار ڪيائين. 2. پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو 3. پنهنجي پاڻ کي قصور وار قرار ڏيندي پنهنجي سرزنش ڪيائين 4. توبه ڪرڻ ۾ جلدي ڪيائين 5. خدا جي رحمت کان نا اميد نه هيو. هي پنج اهڙا سب هئا جن جي ڪري الله حضرت آدم ع کي ڪامياب قرار ڏنو. ڪسيتائين توبه جو دروازو کليل آهي. جڏهن الله سائين ابليس کي پنهنجي درٻار مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ابليس خداوند عالم کان زندگي گهري خداوند عالم ان جي عرض کي قبول ڪيو ابليس عرض ڪيو ته يا الله مونکي تنهنجي عزت ۽ جلال جي قسم مان تنهنجي بندن کي گمراه ڪندو رهندس اسيتائين جو انهن کي مرڻ وقت به گمراه ڪندس، الله سائين فرمايو: مونکي منهنجي عزت ۽ جلال جي قسم مان به پنهنجن بندن کي توبه ذريعي بخشيندس ۽ توبه جو دروازو ان جو ساه نڪرڻ تائين کليل هوندو. (بحار ج 6 ص 16) رسول الله ص فرمايو: جيڪو شخص مرڻ کان هڪ سال پهريان توبه ڪري الله سائين ان جي توبه کي قبول ڪري ڇڏيندو وري چيائين هڪ سال گهڻو آهي پر جيڪو شخص مرڻ کان هڪ مهينو اڳ ۾ توبه ڪري الله سائين ان جي توبه کي قبول ڪندو وري فرمايائين هڪ مهينو به وڏو آهي جيڪو شخص هڪ هفتو پهريان به توبه ڪندو الله سائين ان کي معاف ڪري ڇڏيندو وري فرمايائين هڪ هفتو به وڏو آهي جيڪو شخص مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ توبه ڪندو الله سائين ان جي توبه کي قبول ڪري وٺندو . (اصول ڪافي ج2 ص 441) حضرت لقمان پنهنجي فرزند کي نصيحت ڪندي فرمايو: يا بني لاتوخر التوبة فان الموت ياتي بغتة اي منهنجا پٽ توبه ۾ تاخير نه ڪندو ڪر ڇو ته موت اچانڪ اچي ويندي آهي (بحار الانوار ج71 ص 307) خداوند عالم ستار العيوب آهن. قَالَ حَدَّثَنِي أَحْمَدُ بْنُ إِدْرِيسَ عَنْ أَحْمَدَ بْنِ مُحَمَّدٍ عَنِ اَلْحَسَنِ بْنِ مَحْبُوبٍ عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ وَهْبٍ قَالَ: سَمِعْتُ أَبَا عَبْدِ اَللَّهِ عَلَيْهِ السَّلاَمُ يَقُولُ إِذَا تَابَ اَلْعَبْدُ اَلْمُؤْمِنُ تَوْبَةً نَصُوحاً أَحَبَّهُ اَللَّهُ فَسَتَرَ عَلَيْهِ فِي اَلدُّنْيَا وَ اَلْآخِرَةِ قُلْتُ وَ كَيْفَ يَسْتُرُ عَلَيْهِ قَالَ يُنْسِي مَلَكَيْهِ مَا كَتَبَا عَلَيْهِ مِنَ اَلذُّنُوبِ وَ أَوْحَى اَللَّهُ إِلَى جَوَارِحِهِ اُكْتُمِي عَلَيْهِ ذُنُوبَهُ وَ أَوْحَى إِلَى بِقَاعِ اَلْأَرْضِ اُكْتُمِي عَلَيْهِ مَا كَانَ يَعْمَلُ عَلَيْكِ مِنَ اَلذُّنُوبِ فَيَلْقَى اَللَّهَ حِينَ يَلْقَاهُ وَ لَيْسَ شَيْءٌ يَشْهَدُ عَلَيْهِ بِالذُّنُوبِ امام جعفر صادق ع فرمائن ٿا: جڏهن خدا جو بندو توبه نصوحه ڪندو آهي ته الله سائين ان سان محبت ڪندو آهي ان جي گناهن کي ڍڪي ڇڏيندو آهي راوي پڇيو: الله سائين جي ستاريت (گناهن کي ڍڪڻ وارو) ڪيئن آهي ؟ امام ع فرمايو: جڏهن بندو توبه ڪندو آهي ته الله سائين لکڻ وارن فرشتن کان اهو برو ڪم ويسارائيندو (يعني انهن کي ياد ئي نه رهندو ته هن بندي ڪو غلط ڪم ڪيو هيو) الله سائين توبه ڪندڙ شخص جي اعضاء کي ۽ ان زمين کي جتي ان ڪم انجام ڏنو هيو، کي حڪم ڏيندو ته ان کي ڍڪي ڇڏيو جڏهن هي شخص الله سائين سان ملاقات ڪندو ته ان جي مٿان ڪو به گناه جو شاهد موجود نه هوندو . (اصول ڪافي ج 2 ص 436)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: