Ad 468 X 60

Sunday, April 23, 2023

عباسين جي زماني (132 کان 260) ۾ شيعت

 تحرير: راشد علي چانڊيو


بنو عباس جي حڪومت 132 هجري ۾ ابوالعباس سفاح جي سربراهي ۾ قائم ٿي هو پاڻ ته چار سال ئي زنده رهي سگهيو ۽ سن 136 هجري ۾ وفات ڪري ويو. 

بنو عباس جي حڪومت ان نعره تي قائم ٿي ته اسين اهلبيت رسول ص جو بنو اميه کان انتقام وٺنداسون ۽ جيڪي آزار ۽ اذيتون بني اميه ۽ بني مروان خاندان اهلبيت کي ڏين ٿا انهن کان اهلبيت کي آجو ڪري خلافت کي خاندان رسالت جي طرف منتقل ڪنداسين  انهن جي تحريڪ جو نعرو ئي الرضا من آل محمد هيو. 

جنهن وقت بنو عباس برسر اقتدار ٿيا ته ان وقت امام جعفر صادق ع جو مڪتب تمام زور ۽ شور سان جاري هيو ان وقت هر طرف کان اهل علم امام جعفر صادق ع جي علم جي پرچار ڪندو هيو پاڻ هر علم ۾ مهارت رکندا هئا ۽ هر علم تي درس ڏيندا هئا.

سفاح جي وفات کان بعد ۾ ابو جعفر منصور دوانقي امير ٿيو ان سڀ کان پهريون ڪم پنهنجي محسن ابو مسلم خراسان جنهن بنو عباس جي حڪومت قائم ڪري بني اميه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هيو، ان کي قتل ڪيو منصور دوانقي جي حڪوم 158 هجري تائين قائم رهي.

هن جي حڪومت کان پهرايان امام جعفر صادق ع مدينه توڙي ڪوفي ۾ تدرس ۽ تدريس ڪري چڪا هئا پر منصور جي ايندي ئي اها آزادي جيڪا بنو عباس ۽ بنو اميه جي اقتدار خاطر هلندڙ جنگ ۾ هئي ختم ٿي وئي ۽ امام جعفر صادق ع جي هر نقل ۽ حرڪت تي عباسي حڪمران نظر رکڻ لڳا ايتر تائين جو منصور امام صادق ع مٿان الزام لڳايو ته منهنجي خلاف جيڪا سازش ٿئي ٿي ان پويان اوهان جو هٿ آهي. 145 هجري ۾ نفس ذڪيه جنهن جو پورو نالو محمد بن عبدالله بن حسن هيو ان عباسي حڪومت جي خلاف قيام پر نفس ذڪيه پنهنجي قيام ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ قتل ڪيو ويو منصور ان جو به الزام امام جعفر صادق ع جي مٿان لڳايو ته ان پويان به امام جعفر صادق ع آهن ان وقت جاسوسون هي خبر ڏني هئي ته امام جعفر صادق ع حڪومت کي ڪيرائڻ خاطر هٿيار گڏ ڪري پنهنجي خاندان وارن ۽ مڃڻ وارن شيعن کي ڏي ٿو ته جيئن حڪومت کي ختم ڪري نئي حڪومت قائم ڪئي وڃي.

منصور هي خبر ٻڌندي تمام گهڻو ڊڄي ويو ۽ هن امام کي مدينه کان عراق گهرايو ۽ امام مٿان شاهد پيش ڪرايائين پر انهن جي شهادت کي امام قبول نه ڪيو ۽ انهن کي شرعي قسم ڏنو جنهن تي هو قسم کڻندي ئي مري ويا ان تي منصور کي يقين ٿي ويو ته امام ع جو ان سازش پويان ڪوبه هٿ نه آهي ۽ ان امام ع کي واپس مدينه موڪليو هي ڳاله اتي ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته امام جعفر صادق ع منصور کي پنهنجي امامت دوران پيشن گويون ڪري ڪجه ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ اهي سچ ثابت ٿيون هيون جنهن جي ڪري منصور امام جعفر ع کي صادق چوڻ شروع ڪيو ۽ ان طرح سان هي لقب امام ع کي پنهنجي دشمن کان مليو جنهن اڳتي هلي امام ع کي 148 هجري ۾ مدينه جي والي جي هٿان زهر ڏياري شهيد ڪرايو 

منصور عباسي شيعن جي هر چرپر تي نگاه رکندو هيو جيڪي شاگرد امام جا هئا انهن تي به تمام گهڻي نگاه رکندو هيو منصور جي مرڻ کان بعد ۾ مهدي. هادي ۽ هارون رشيد وٽ خلافت پهتي هادي ۽ مهدي به پنهنجي زماني ۾ شيعن تي سختيون شروع ڪيون ان زماني ۾ شيعو چورائڻ تمام مشڪل هيو امام جعفر صادق ع جي آخري عمر جي حصه ۾ شيعه تقيه ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ امام موسي ڪاظم ع جي زماني ۾ ظاهري طور ڪو به پنهنجي پاڻ کي شيعو نه چورائيندو هيو. 

ايتري تائين جو شيعه جيڪي امام موسي ڪاظم ع کان روايتون نقل ڪندا هئا انهن ۾ امام ع جو نالو ذڪر نه ڪندا هئا متان عباسي حڪمران متوجه ٿين ته هي حديثون اسان امام موسي ڪاظم ع کان نقل ڪريون ٿا.

امام موسي ڪاظم ع تي به هارون روشد هي الزام عائد ڪندو رهيو ته هي اسان جي حڪومت کي ختم ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ان ڪري هن امام ع کي زندان ۾ قيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

امام ع کي مدينه کان بصره موڪليو ويو وري اتان کان بعد ۾ بغداد ۽ بغداد ۾ شهيد ڪرايو ويو.

امام جعفر صادق ع پنهنجي آخري عمر ۾ وڪالت جو شعبو قائم ڪيو هيو ۽ امام موسي ڪاظم ان کي اڃان وڌيڪ فعال ڪيو ته جيئن پري رهندڙ شيعن سان رابطو قائم ڪري سگهجي انهن جا مسائل اسان تائين پهچن ۽ اسان جا پيغام انهن تائين پهچي سگهن هي سلسلو جاري رهيو.

هن سلسلي مطابق مومنين ۽ شيعه امام ع جي طرف پنهنجو مال ۽ رقم موڪليندا هئا جڏهن امام ع جي شهادت ٿي ته ڪجه شعين چيو ته هاڻي امامت جو سلسلو مڪمل ٿي چڪو آهي امام موسي ڪاظم ع مهدي آهن جنهن جي پيشن گوئي ٿيل آهي  ان ڪري ان کان بعد ۾ ڪوبه امام نه آهي ۽ انهن امام علي رضا ع جي امامت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جن انڪار ڪيو انهن کي واقفيه (ان شاء الله ان تي مفصل تحرير شيئر ڪبي) چوڻ شروع ڪيو ويو. امام موسي ڪاظم ع جو دور 148 کان 183 هجري تائين رهيو.  

امام علي رضا ع 183 کان 203 هجري تائين شيعن جي رهبري ڪندا رهيا هارون رشيد کان بعد ۾ ان جو پٽ امين خليفو ٿيو 5 سالن کان بعد پنهنجي ڀاء مامون عباسي جي هٿان قتل ٿيو ۽ مامون عباسي خليفو ٿيو هو علم دوست هيو ۽ تمام وڏو چالاڪ به هيو هن پنهنجي حڪومت کي بچائڻ ۽ شيعن کي ماٺ ڪرائڻ لاء امام علي رضا ع کي خراسان گهرائي خلافت جي پيشڪش ڪئي جيڪا امام قبول نه ڪئي بعد ۾ ولي عهد ڪري پنهنجي ڌيء جي شادي امام رضا ع سان ڪرايائين.

 امام خراسان ۾ تمام وڏا درس ڏنا ڪافي مناظره پڻ ڪيا مامون جي سازش هئي ته امام کي گهٽ علم ثابت ڪري پر جنهن وٽ لدني علم هجي ان جي اڳيان عيسائي توڙي ٻيا مذهب ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندا

ان مناظرن ۽ درسن مان مامون ڏٺو ته شيعه امام جي ارد گرد وڌندا ٿا وڃن ان ڪري هن امام کي خراسان ۾ زهر سان شهيد ڪري بغداد جي طرف هليو ويو. 

بغداد ۾ وڃي هن امام جواد ع کي جنهن جي ان وقت عمر 10 کان 13 سالن جي وچ ۾ هئي مدينه کان بغداد گهرائي پنهنجي ڌيء ام فضل سان شادي ڪرائي

عباسي دربار مامون تي اعتراض ڪيو مامون انهن کي خاموش ڪرائڻ لاء مناظره ڪرايا جنهن ۾ امام پنهنجي ننڍي عمر ۾ ان وقت جي چيف جسٽس خلافت عباسيه يحيي کي شڪست ڏني. 

مامون جي وفات کان بعد معتصم امام جواد ع کي بغداد گهرائي ام فضل جي هٿان زهر ڏياريو ۽ ان زماني ۾ به شيعن تي تمام گهڻي سختي ڪئي ويندي هئي ۽ امام ع پنهنجا مختلف علائقن ۾ وڪيل مقرر ڪندا هئا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان امام ع تائين پهچي ويندا هئا. 

امام جواد ۽ تمام ننڍي عمر تقريبا 25 سالن جي ڄمار ۾ شهادت پاتي ۽ امام ع جي امامت جو زمانو تقريبا 17 سال رهيو. 

معتصم 228 هجري ۾ مري ويو معتصم جي مرڻ کان بعد ان جو پٽ الواثق بالله خليفو ٿيو هن جي حڪومت ۾ سادات سان ڪجه نرمي ڪئي وئي پر هن جي حڪومت 232 هجري تائين هلي سگهي ان کان بعد متوڪل خليفو ٿيو جنهن شيعن تي سختي ڪرڻ کان ڪابه قصر نه ڇڏي

متوڪل پنهنجي زماني ۾ شيعن تي ايڏي ته سختي ڪئي جنهن جي مثال حجاج بن يوسف کان بعد ۾ نٿي ملي هن لعين ڪربلا جي زيارت تي پابندي لڳائيندي ڪربلا جي مزارات کي مسمار ڪري ان طرف پاڻي ڇڏرايو ته جيئن مزارات جو وجود ختم ٿي وڃي پر خدا جي قدرت سان متوڪل جو يزيد وانگر ڪوبه نالو ۽ نشان نه آهي پر امام حسين ع ۽ ان جي مزار اڄ به آباد آهي 

متوڪل ايترو ته شيعن لاء سخت هيو جو هن پنهنجي ٻارن جي استاد جنهن جو نالو ابن السڪيت هيو ان کي فقط ان جرم ۾ قتل ڪيو ته هو امام حسن ۽ حسين عليهم السلام کي عباسين کان وڌيڪ صاحب فضيلت سمجهندو هيو. 

امام هادي ع هن ظالم جي زماني ۾ شيعن جي رهبري ڪندي فرائض امامت کي انجام ڏنو، امام هادي ع جي زماني ۾ 6 عباسي خليفن حڪومت ڪئي مطلب 220 کان 255 هجري تائين 6 عباسي خليفه معتصم واثق متوڪل مستنصر مستعين ۽ معتز  حڪومت ڪندا رها 

236 هجري ۾ متوڪل عباسي امام هادي ع کي مدينه کان سامره گهرايو ۽ پنهنجي نظر هيٺ رکيو هن لعين امام کي اُن جاء تي رهايو جيڪا غلامن جي رهڻ جي جاء هئي جنهن کي پاڻ غلامن جي بستي به چئي سگهون ٿا پر وقت جي امام ان جاء کي جنت جي ٽڪڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جو جڏهن به امام خليفه وقت جي درٻار ۾ ايندا هئا ته ان بستي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو جمع ٿي امام جو ديدار ڪندا هئا 

جيئن اڄ ڪله پوليس يا گورمنٽ ڪنهن به شخص کي زمانت ڏيندي آهي ته انهن کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو اتي اچي ٻڌائڻو پوندو آهي ته مان اتي آهي متوڪل هي قانون امام هادي ع جي لاء مقرر ڪيو ته امام ع هفته ۾ ٻه ڀيرا اسان وٽ حاضر ٿيندو رهي پر اهي ڄاڻين نه پيا ته اسان جنهن کي پنهنجو قيدي بڻائي ويٺا آهيون اصل ۾ اهو ئي هن سلطنت ۽ بادشاهت جو حقدار آهي خليفه هارون رشيد پنهنجي پٽ کي چيو هيو ته هي سلطنت جيڪا اسان وٽ آهي ان تي اسان جو قبضو ته آهي پر اصل ۾ هن جو اصلي وارث امام موسي ڪاظم ع آهن مامون چيو بابا پوء خلافت اصلي حقدار کي ڇو نٿا ڏيو ؟جنهن تي هارون چيو پٽ جيڪڏهن مونکي زرو برابر به هي غمان ٿئي ته تون منهنجي سلطنت جي مخالفت ڪرين ٿو يا منهنجي خلاف سازش ڪرين ٿو ته مان پيء هوندي تو پٽ جي گردن ڪٽيندي دير نه ڪندس هي عباسي خلافت جي نشيء ۾ مست هئا انهن شيعن ۽ امامن تي هر طرح جو ظلم ۽ ستم جاري رکيو 

متوڪل عباسي امام هادي ع تي هي الزام لڳايو ته امام پنهنجي محبن کي هٿيار ڏي ٿو ان ڪري امام ع جي گهر جي تلاشي وٺرائي وئي پر ان ملعون کي ڪجه به هٿ نه آيو 

امام هادي وڪلاء جي ذريعي پنهنجن شيعن سان رابطي ۾ هوندا هئا جڏهن به گهر کان ٻاهر ايندا هئا ته مصلحت تحت پنهنجن شيعن کي سلام نه ڪندا هئا ۽ انهن ڏانهن اڳ ۾ ئي پيغام موڪليندا هئا ته مونکي به سلام نه ڪجو ڇو ته جاسوس اوهان جي تلاش ۾ آهن امام ع پنهنجي شيعن سان خط ۽ ڪتابت ذريعي به رابطي ۾ هوندا هئا جو امام پنهنجي هڪ محب کي لٺ ڏني ان بي خبري ۾ جانور کي هڪليندي لٺ هئين ته اها ٽٽي پئي ۽ ان مان خط ظاهر ٿيو هن جلدي ۾ خط لڪائي ورتو ۽ امام وٽ اچي معذرت ڪئي ته مونکان لٺ ٽٽي پئي آهي ۽ مان سزا جي لائق آهيان جيڪا اوهان سزا ڏيو قبول ڪندس پر امام ع فرمايو آئنده تون ڪنهن جانور کي لٺ نه هڻجا واقعن امام ته اهڙا هجن جيڪي جانورن تي به ايذيت کي برداشت نه ڪندا هجن 

بلآخر 254 هجري ۾ معتز عباسي امام هادي ع کي زهر ڏياري شهيد ڪرايو  ۽ امام هادي ع کي سامره ۾ پنهنجي گهر ۾ دفنايو ويو. 

254 هجري کان 260 هجري تائين اسان جي يارهين امام حسن عسڪري ع شيعن جي رهبري ڪئي ۽ هي زمانو به امام هادي ع جي زماني کان گهٽ نه هيو عباسي سلطنت کڻي ترڪن جي زير اثر هلندي رهي پر عباسي پنهنجي حڪومت جا مخالف ۽ دشمن آل علي ع ۽ شيعان علي ع کي ڄاڻيندا رهيا 

امام حسن عسڪري ع پنهنجي زمانه امامت ۾ شيعن سان رابطه ۾ رهيا ڪڏهن واپارين جي ذريعي ڪڏهن پنهنجن غلامن ته وري ڪڏهن وڪلاء جي ذريعي. 


امام حسن عسڪري ع وٽ اڪثر جيڪي خط ايندا هئا اهي عثمان ابن سعيد جي توسط سان امام وٽ ايندا هئا عثمان بن سعيد روغن (تيل ) جو ڪاروبار ڪندو هيو ۽ هو ان بستي ۾ تيل کڻي ايندو هيو ۽ امام ع جي گهر ۾ به تيل پهچائيندو هيو. 

مومنين جا امام جي طرف لکيل خطن کي کڻي ايندو هيو ۽ بعد ۾ امام ع جا جواب به ڊٻن جي ذريعي ٻين وڪلاء تائين پهچائيندو هيو هي تمام سخت زمانو هيو جنهن ۾ ڪو به شخص پنهنجي پاڻ کي شيعو نه چوندو هيو جيڪي اطراف جي علائقن ۾ شيعه رهندا هئا اهي به پاڻ ۾ خفيه ملاقتون ڪندا هئا ۽ ظاهرن شيعت کان ڪنارو ڪندي نظر ايندا هئا ڇو ته ان زماني ۾ جنهن به پنهنجي پاڻ کي شيعو چيو ان جي قتل لاء بس لفظ شيعه ڪافي هيو 

الله سائين جي چاهت ۾ مرضي ان ۾ هئي ته دنيا ڪيڏي به ڪوشش ڪري پر علي ع جي شيعه کي ختم نٿي ڪري سگهي ايڏن سخت حالات ۾ اسان جي امامن شيعن سان رابطو قائم رکيو ۽ ان وقت جي شيعن به آئمه ع جي مڪمل حمايت ڪئي پنهنجو مال ۽ دولت آئمه جي طرف موڪليندا رهيا ۽ آئمه ع پنهنجي غريب مڄڻ وارن محبن کي عطا ڪندا رهيا.

هن 6 سالن ۾ امام حسن عسڪري ع پنهنجي خاص محبن کي پنهنجي فرزند امام مهدي عج جي زيارت ڪرائيندا رهيا ۽ انهن کي ٻڌائيندا رهيا ته مون کان بعد ۾ هي اوهان جو رهبر ۽ امام هوندو ان جي پيروي ڪجو ۽ هي ئي مهدي آهي جنهن لاء رسول الله ص ۽ ٻين آئمه جي پيشن گوئي آهي. 

260 هجري ۾ مستعين لعين جيڪو متوڪل جو پٽ هيو ان امام ع کي زهر سان شهيد ڪيو ۽ امام ع کي پنهنجي والد جي ڀرسان سامره ۾ دفن ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن کان بعد ۾ ٻارهين آقا جي امامت شروع ٿي جيڪا هن ڏينهن تائين قائم آهي ۽ تا قيام قامت قائم رهندي 

هن مختصر تحرير ۾ عباسين جي شيعن ۽ امامن جي خلاف سازشون ۽ دشمني کي بيان ڪيو ويو الله سائين اسان سڀني کي اهلبيت ع جو حقيقي شيعو ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين .

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: