Ad 468 X 60

Monday, May 22, 2023

حضرت سلمان فارسي رضي الله تعالي عنه

تحرير: راشد علي چانڊيو

 پهرين صدي هجري جا شيعه مورخ


حضرت سلمان فارسي رضي الله تعالي عنه

ابو عبدالله سلمان فارسي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم صحابي هئا، پاڻ پهرين صدي هجري جي مورخن منجهان آهن جناب سلمان فارسي جا لقب سلمان محمدي، سلمان الخير، سلمان بن الاسلام هيا، جناب سلمان جو نالو اسلام آڻڻ کان پهريان روزبه بن خشبوذان هيو.  پاڻ اصل ۾ ايران جي علائقه اصفهان جي ويجهو ”جي“ يا جيان“  جا هئا ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ مهرمز جا هئا جيڪو اهواز جي ويجهو هيو.  جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

مڪي کان مدينه جي طرف هجرت ڪري آيا ته پاڻ رسول الله (ص) کي ڏسڻ ۽ پيغمبر واريون نشانيون ڏسڻ لاءِ تمام گهڻا بي چين هئا، مدينه ۾ جناب سلمان هڪ يهودي جي خدمت ڪندا هئا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ڪجھ درهم ڏيئي آزاد ڪيو. پوءِ رسول الله صلي اله عليه وآله وسلم جا خدمتگذار ۽ ڪاتب هئا.  انهي ڪري جڏهن به سلمان کان سوال ڪيو ويندو هيو ته اوهان جو نسب ڪهڙو آهي ته جواب ۾ چوندا هئا ” انا سلمان بن الاسلام“  

جناب سلمان تمام گهڻا ذهين ۽ عالم هئا جڏهن جنگ احزاب لڳڻ واري هئي ۽ مسلمان تمام گهڻا پريشان هئا ته ايڏي وڏي فوج سان ڪيئن مقابلو ڪجي ته ان وقت جناب سلمان چيو ته اسان جي علائقن ۾ جڏهن جنگ جو خطرو هوندو هيو ته پنهنجن شهرن کي بچائڻ جي لاءِ شهر جي ٻاهريان خندق کوٽي ويندي هئي ۽ مديني جي صورتحال ان حوالي سان تمام بهتر آهي ٽي طرفن کان خطرو نه آهي اسان کي فقط هڪ ئي طرف کان خطرو آهي جنهن کي خندق جي ذريعي سان شهر کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن سلمان جي راء مسلمانن ٻڌي تي هر ڪو جناب سلمان کي پنهنجي قبيلي سان نسبت ڏيئي فخر ڪرڻ لڳو ته ان وقت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: ” سلمان منا اهل البيت“   

حضرت سلمان فارسي جا تمام گهڻا فضائل رسول الله ص، آئمه ع ۽ علماء کان نقل ٿيل آهن حضرت علي عليه السلام کان جڏهن حضرت سلمان جي باري ۾ سوال ٿيو ته پاڻ فرمايائون: امرؤمنا و الينا اهل البيت و من لکم بمثل لقمان الحکيم، علِم العلم الاول والعلم الاآخر، وقراء الکتاب الاول والکتاب الآخر، وهو بحر لا ينزف، وهو منا اهل البيت“ 

پاڻ عمر ابن خطاب جي دور ۾ مدائن جا والي مقرر ٿيا ۽ تقريبا 17 سال مدائن جا والي رهيا، جڏهن وفات تي ته ان کي محل جي سحن ۾ دفن ڪيو ويو،

هي به ملي ٿو ته جڏهن حضرت سلمان فارسي جي وفات ٿي ته حضرت علي عليه السلام اعجاز امامت (معجزه) جي صورت ۾ مدائن ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجن هٿن سان غسل، ڪفن ۽ نماز پڙهي پوءِ وري واپس مدينه اچي ويا. 

جناب سلمان فارسي جي تاريخ ولادت جي باري ۾ ڪا به صحيح معلومات نٿي ملي ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ تمام وڏي ڄمار جا هئا انهن جناب سلمان فارسي جي عمر تقريبا 500 سال ذڪر ڪئي آهي، انهن مورخن جو چوڻ آهي ته حضرت سلمان فارسي حضرت عيسي عليه السلام جو ديدار ڪيو آهي 

ڪجھ مورخ چون ٿا ته حضرت سلمان فارسي حضرت عيسي عليه السلام جي وصي جو ديدار ڪيو هيو 

پر اڪثر منابع ۾ حضرت سلمان فارسي جي عمر تقريبا 250 سال يا 350 سال ذڪر ٿي آهي 

تاريخ وفات جي باري ۾ تمام گهڻو اختلاف آهي، ڪجھ جو چوڻ آهي ته عمر ابن خطاب جي خلافت (13_23هجري) جي آخري سالن ۾ وفات ڪري ويو  ڪجھ جو چوڻ آهي ته ٽئين خليفي جي خلافت (23_35هجري)  جي دوران سن 32، 33 يا 35 هجري ۾ وفات ڪري ويو. 

ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ حضرت علي عليه السلام جي دور خلافت (35_40هجري) ۾ جنگ جمل کان بعد ۾سن 36 يا 37 هجري ۾ وفات ڪري ويا. 

روايات ۾ ملي ٿو ته جنهن وقت حضرت سلمان فارسي جي وفات ٿي ان وقت جناب عبدالله بن مسعود حضرت سلمان فارسي جي سيراندي کان ويٺا هئا، جڏهن ته عبدالله ابن مسعود جي وفات عثمان ابن عفان جي خلافت جي سن 32 يا 33 هجري ۾ ٿي آهي ۽ جناب عبدالله ابن مسعود سن 34 هجري ۾ زنده نه هيا ان ڪري حضرت سلمان فارسي جي وفات سن 34 هجري کان پهريان ٿي آهي ۽ هي قول مضبوط آهي ته حضرت سلمان فارسي جي وفات سن 32 يا 33 هجري ۾ ٿي آهي.

حضرت سلمان فارسي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي ۾ پاڻ ص جي تمام گهڻا ويجها رهيا ۽ جڏهن رسول الله ص جي رحلت ٿي ته حضرت امام علي عليه السلام جي ويجها رهيا ايتري تائين جو سلمان کي حضرت علي عليه السلام جو شيعو سڏيو ويندو هيو  جڏهن رسول الله ص جي رحلت ٿي ته هن جو انهن ماڻهن ۾ شمار هيو جن ابوبکر جي بيعت کان انڪار ڪيو هيو 


حضرت سلمان فارسي جا استاد 

حضرت سلمان فارسي اصحاب مان وڏي عمر جا صحابي هئا ان رسول الله صلي لله صلي الله عليه وآله وسلم کان علاوه حضرت علي عليه السلام، حضرت ابو ذر غفاري، حضرت عمار ۽ زيد بن وهب کان روايتون نقل ڪيون آهن. 


حضرت سلمان فارسي جا شاگرد

ابن عباس، انس بن مالک، ابو سعيد خدري، ابو عثمان نهدي، عقبه بن عامر، سعيد بن مسيب، حارثه بن قدامه ، هي سڀ حضرت  سلمان فارسي کان روايتون نقل ڪري چڪا آهن. 


سلمان فارسي جا آثار

قديمي منابع ۾ حضرت سلمان فارسي جو هڪ ڪتاب جيڪو ”حديث جاثليق“ جي نالي سان سلمان فارسي سان منسوب آهي، هي کتاب سلمان فارسي مسيحي دانشورن جي تحقيق بابت لکيو هيو، روم جي بادشاه پنهنجن بزرگن سان گڏ جنهن ۾ جاثليق به هيو مدينه آيو هيو ته جيئن اسلام جي باري ۾ تحقيق ڪري سگهي، هن ڪتاب جو ذڪر شيخ صدوق پنهنجي ڪتاب التوحيد ۾، شيخ طوسي پنهنجي ڪتاب الامالي ۾، يحيي بن سعيد الحلي پنهنجي ڪتاب الجمع للشرايع ۾، قطب الدين راويندي پنهنجي ڪتاب الخرائج و الجرائح، بخاري پنهنجي ڪتاب تاريخ ڪبير ۾، ياضي پنهنجي ڪتاب الصراط امستقيم ۾، علامه حلي پنهنجي ڪتا بحار الانوار ۾ ڪيو آهي،

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: