Ad 468 X 60

Saturday, June 3, 2023

زيد بن وهب جُهَني ( شيعه مورخ )

 

زيد بن وهب جُهَني (متوفي بعد از 83 ھ.ق)

سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو

 

پهرين صدي هجري جي شيعه مورخن جي تعداد ست آهي جن مان اسان پهرين ٻن مورخن تي لکي چڪا آهيون اڄ ٽئين شيعه مورخ بابت ڪجھ بيان ڪنداسين.


هن جو پورو نالو زيد بن وهب جُهني آهي ۽ هي ابو سليمان همداني جُهَني جي نالي سان مشهور هيو(1) هي پهرين صدي هجري جي مورخن منجهان آهي جُهَني بابت جڏهن معلومات حاصل ڪئي وئي ته ان طرح سان مليو: حموي معجم البلدان ۾ لکيو آهي جُهَني هڪ وڏو ڳوٺ هيو جيڪو درياءِ دجله جي ڪناري تي موصل جي ويجهو واقع هيو ان ڪري زيد بن وهب کي ان گوٺ جي نسبت سان ”جُهَني“ سڏيو ويندو هيو. (2) واضح رهي ته هن جو قبيلو قضاعه هيو، هن قبيله جا اڪثر افراد موصل ويهجي زندگي گذاريندا هئا. (3)

زيد بن وهب جو شمار انهن ماڻهن منجهان ٿئي ٿو جن زمانه جاهليت کي ڏٺو هيو، جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم مدينه ۾ هيو ته هي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ديدار جي لاءِ مدينه جي طرف آيو پر جڏهن مدينه پهتو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ٿي چڪي هئي ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو (4) ان ڪري هن جو شمار تابعين منجهان ٿئي ٿو البته ابن حزم ان کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو صحابي مڃو آهي.(5) هن جو شمار حضرت عليه السلام جي خاص اصحاب ۽ ساٿين منجهان ٿيندو هيو.(6)  هي بعد ۾ ڪوفي ۾ رهڻ لڳو حضرت علي عليه السلام سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهراون ۾ شريڪ رهيو(7) حضرت علي عليه السلام جي شهادت کان بعد ۾ امام حسن عليه السلام جي بيعت ڪيائون ۽ ان جي خاص ۽ ويجهن ساٿين منجهان هئا (8)

زيد جي تاريخ وفات صحيح طرح سان معلوم نه آهي اڪثر منابع هن جي وفات کي حجاج بن يوسف جي دور ۾ لکن ٿا (يعني 75 کان 95 هجري تائين.) التبه سال وفات ۾ اختلاف آهي، ڪجھ ان جي وفات کي سال 83 هجري لکن ٿا ڪجھ 84 هجري (9) ۽ ڪجھ 96 هجري (10) لکن ٿا.

هن جي سن 35 هجري تائين جي زندگي جي باري ۾ گهٽ معلومات ملي ٿي ان جي باري ۾ واضح نه آهي ته هي عثماني هيو يا نه، ان بابت اهل سنت جي رجال وارن به ناهي لکيو ته هي شيعه هيو يا نه، البته ان جي باري ۾ مدرسي، ميراث مکتوب شيعه ۾لکيو آهي ۽  هي عثمانيه جي خلاف هيو (11) هن جون ڪافي روايتون حضرت عليه السلام جي امامت ۽ ولايت جي باري ۾ موجود آهن ۽ حضرت علي عليه السلام جو احتجاج جيڪو پاڻ ابوبکر جي سامهون ڪيو هيو اهو به ان کان نقل ٿيل آهي ان ڪري ان کي شيعه مورخ سڏيو وڃي ٿو.(12) هي پنهنجي اصلي ڳوٺ کان بعد ۾ ڪوفي ۾ رهڻ لڳو ۽ جڏهن حضرت علي عليه السلام ڪوفي آيا ته هي حضرت علي عليه السلام جي ويجهن ساٿين منجهان شمار ڪيو ويندو هيو.

 

زيد بن وهب جُهَني جا استاد:

زيد بن وهب جا استاد هن ريت ذکر ٿيا آهن، حضرت علي عليه السلام، عبدالله بن مسعود، ابوذر غفاري، حذيفه بن يمان و غيره (13)

 

زيد بن وهب جُهَني جا شاگرد

زيد بن وهب کان جن شخصن روايتون نقل ڪيون آهن اهي هن ريت آهن حبيب بن ابي ثابت، حڪم بن عتبه، منصو بن معتمر، سليمان اعمش، سلمه بن کهيل، اسماعيل بن ابي خالد وغيره (14)

 

زيد بن وهب جُهَني جا آثار

زيد بن وهب هڪ بهترين ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ” خُطب اميرالمومنين ع علي المنابر“  هيو، (15) هي پهريون شيعه ليکڪ آهن جنهن حضرت علي عليه السلام جي جمع ، عيدالفطر ۽ عيد قربان جي ڏينهن جا خطبه جمع ڪيا، (16) زيد بن وهب جي جمع ڪيل خطبن کي بعد ۾ اسماعيل بن مهران سکوني پنهنجي ڪتاب جي طور تي ظاهر ڪيو جيڪي هن زيد بن وهب جي ڪتاب کان اخذ ڪيا هئا (17)

 

 

 

 

 

(1) ابن اثير، اسدالغابه ج 2 ص 149.

(2) حموي، معجم البلدان، ج 2 ص 194.

(3) صالحي شامي، سبل الهدي والرشاد، ج 6 ص 37؛ ابن سعد طبقات الکبري ج 6 ص 160.

(4) خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ابن اثير، اسد الغابه ج 2 ص 149؛ ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534؛ ذهبي تاريخ اسلام، ج 6 ص 20؛ ابن جوزي ، المنتظم، ج 6 ص 251.

(5) ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534.

(6) شيخ طوسي، رجال، ص 64؛ همو، فهرست، ص 202؛ ابن شهر آشوب، معالم العلماء ص 51 ؛ ابن داود، رجال، ص 100؛ علامه حلي، خلاصة الاقوال ص 309؛ تفرشي، نقد الرجال، ج 2 ص 291؛ نمازي شاهرودي، مستدرک علم رجال الحديث ص 498.

(7) بيهقي، دلائل النبوة. ج 6 ص 432؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 240؛ ابن اثير اسدالغابه ج 2 ص 150.

(8) امين، اعيان الشيعه، ج 7 ص 130؛ نمازي شهارودي، مسترکات علم رجال الحديث، ص 489.

(9) ذهبي، تذکرة الحفاظ، ج 1 ص 66؛ صفدي ، الوافي، بالوفيات، ج 15 ص 26.

(10) امين، اعيان الشيعه، ج 7 ص 130؛ ابن حجر الاصابه ج 2 ص 534.

(11) مدرسي، ميراث مکتوب شيعه ص 122.

(12) شيخ صدوق، خال، ج 2 ص 461؛ ابواب الاثني عشر ح 4.

(13) ابن حجر، الاصابه ج 2 ص 534؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ابن جوزي، المنتظم ج 6 ص 251؛ ذهبي تاريخ اسلام ج 6 ص 70؛ همو، تذکرة الحفاظ، ج1 ص 66

(14) ابن حجر، الاصابه، ج2 ص 534؛ خطيب بغدادي، تاريخ بغداد، ج 8 ص 440؛ ذهبي، تاريخ اسلام ج 6 ص 70؛ همو؛ تذکره الحفاظ ج1 ص 67.

(15) شيخ طوسي، فهرست ص 202؛ ابن شهر آشوب، معالم العلماء ص 51؛ خويي، معجم رجال الحديث، ج 8 ص 374؛ تفرشي، نقد الرجال، ج 2 ص 291.

(16) آغا بزرگ تهراني، الذريعه ج 7 ص 192؛ شيخ طوسي، فهرست ص 202.

(17) نجاشي، رجال، ص 21.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: