Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

خالص عبادت ۽ حسن سلوڪ جو اجر


هر شي جي هڪ زينت هوندي آهي عبادت ۽ تمام انساني افعالن جي زينت خلوص آهي
خلوص سان ئي عبادت کي اوج ۽ عظمت حاصل ٿيندي آهي جيڪو شخص پنهنجي عبادتن کي حرص لالچ شرڪ  رياء ۽ تمام روحاني بيمارين کان بچائي خالص خدا جي لاءِ بجا آڻيندو الله تعاليٰ ان جي تمام مادي و معنوي مصلحتن کي بهترين طريقي سان انهي جي طرف نازل فرمائيندو ۽ اهڙي طرح سان حسن سلوڪ جي به اسلام ۾ تمام گهڻي تاڪيد ڪئي ويئي آهي ته کليل پيشاني ۽ شادابي ۽ مسڪرائڻ سان گڏ ملاقات ڪرڻ هميشه مفيد آهي
چنانچه جناب فاطمه س فرمائي ٿي :

جيڪو شخص پنهنجي خالص عبادت الله جي طرف موڪليندو ته پرور دگار عالم ان جي طرف بهترين مصلحت موڪليندو
 ۽ مومن سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻ جي جزا جنت آهي ۽ دشمن ۽ جهيڙوڪار قسم جي افراد سان خوش اخلاقي سان پيش اچڻ انسان کي باهه جي عذاب کان نجات ڏياريندي آهي

” ڪتاب جلوه نور صفه 61“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: