Wednesday, January 17, 2018
ازدواجي زندگي جو آغاز “
شادي هڪ نئين زندگي جو آغاز آهي ان مشترڪه زندگي جي خوشي ۾ ماڻهو مختلف قسمن جي گناهن ۾ مبتلا
ٿي ڪري ان زندگي جي ابتدا ۾ جيڪا معنويت خدا رکي آهي انهي کي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن.
۽ زندگي ۾ هڪ دفعو اچڻ واري ان خوشي ۾ هر قسم جي گناهن کي
پنهنجي لاءِ جائز سمجهندا آهن اسان کي ڏسڻ کپي ته دنيا جي تمام عورتن ۽ بالخصوص
مسلمان عورتن جي لاءِ نمونه عمل جناب فاطمه زهره سلام الله عليها جو ان اهم موقع
تي ڇا انداز آهي؟ اسانکي توجهه ڏيڻ کپي ته پاڪ سائيڻ پنهنجي مشترڪه زندگي جو آغاز
ڪهڙي طرح ڪري رهي آهي؟
حضرت علي عليه
السلام ڏٺو ته شب ازدواج (شادي جي پهرين رات ) فاطمه س تمام گهڻي پريشان ۽ بي چين
آهي حضرت علي ع جن پڇيو : اي فاطمه س تون پريشان ڇو آهين؟
جناب فاطمه س جن جواب ڏيندي فرمايو:
اي علي عليه السلام ! مان پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي رفتار و
ڪردار ۾ غور و فڪر ڪيو، ۽ پنهنجي عمر جي ختم ٿيڻ ۽ پنهنجي ٻي منزل قبر جي باري ۾
سوچيو ته اڄ مان پنهنجي بابا جي گهر کان توهان جي گهر منتقل ٿي آهيان، ۽ هڪ ڏينهن
هتان کان پنهنجي لحد ۽ قبر جي طرف سفر ڪنديس زندگي جي ان ابتدائي لمحن ۾ مان توکي
خدا جي قسم ڏيان ٿي ته اچ نماز پڙهون ۽ ٻئي ملي هن رات خدا جي عبادت ڪريون.
” ڪتاب جلوه نور صفه 63“
هڪ جهڙيون تحريرون:
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: