Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

کائڻ جا آداب“


حضرت فاطمه زهره سلام الله عليها جن ارشاد فرمايو:
دستر خوان جا 12 اصول آهن، انهن اصولن کي ڄاڻڻ هر مسلمان تي لازمي آهي. انهن مان چار واجب، چار مستحب ۽ چئن جو تعلق ادب سان آهي.
·                 چار واجب اصول هي آهن،
1، الله جي معرفت رکڻ ( يعني هي نعمتون الله جي طرف کان آهن)
2، الله جي نعمتن تي راضي ٿيڻ.
3، کائڻ کان پهريان بسم الله پڙهڻ .

4، الله جو شڪر ادا ڪرڻ .
·       چار مستحب اصول هي آهن
1، هر کاڌي کان پهريان وضو ڪرڻ ..
2، سڄي طرف ويهڻ
3، ويهي کاڌو کائڻ
4، ٽن آڱرين سان کائڻ
·       اهي چار جن جو تعلق ادب سان آهي.
1، جيڪو ڪجهه سامهون هجي انهي مان کائڻ
2، ننڍا گره کڻڻ
3، کاڌي کي سٺي طرح چٻاڻڻ
4، کائڻ جي دوران گهٽ مان گهٽ ٻين جي چهرن جي طرف ڏسڻ،
” ڪتاب جلوه نور صفه 65 “


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: