Ad 468 X 60

Wednesday, January 17, 2018

گهر جي ڪمن جي تقسيم “


حضرت فاطمه س تمام سخت زندگي گذاري آهي پاڻ گهريلو ذميوارين سان گڏوگڏ ٻچن جي تربيت تي به پوري توجهه ڏيندي هئي پاڻ گهر جي ڪمن کي تقسيم ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ عدل و انصاف جو بهترين نظام به قائم ڪري رکيو هيو،
   گهريلو ڪمن ۾ اميرالمومنين عليه السلام به سائيڻ جو هٿ ونڊرائيندا هيا، جڏهن ته پنهنجي ڪنيز جناب فضه سان گڏ پاڻ جن ڪمن جي ڏينهن کي برابر تقسيم ڪيو هيو، سلمان فارسي چون ٿا ته !
هڪ ڏينهن مان حضرت فاطمه زهره س کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان چڪي هلائيندي ڏٺو مون سلام عرض ڪيو ۽ چيو: اي بنت رسول الله ﷺ تون پاڻ ڇو ايترو پريشان ٿي رهي آهين تنهنجي خدمت جي لاءِ جنابِ   فضه  س جو موجود آهي گهر جا ڪم ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اهيو ٻڌي جناب فاطمه س جواب ۾ فرمايو ته:
اي سليمان ! رسول الله ﷺ مونکي فرمايو آهي ته گهر جي ڪمن کي فضه س سان تقسيم ڪري ڇڏ هڪ ڏينهن اها ڪم ڪري ۽ هڪ ڏينهن مان ڪم ڪريان ڪالهه ان جي واري هئي ۽ اڄ منهنجي واري آهي

” ڪتاب جلوه نور صفه نمبر 80“ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: