Wednesday, January 17, 2018
شريڪ حيات جو اخلاق
هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام جن فرمايو :
اي فاطمه س : ڇا گهر۾ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟ ( گهر ۾ جيڪو
کاڌو هيو اهو هڪ ڏينهن پهريان کائجي چڪو هيو انهي لاءِ ) بي بي سلام الله عليها جن جواب ۾ فرمايو نه کاڌو ڪونهي ڪو، امام عليه السلام جن فرمايو! فاطمه (سلام الله عليها) مونکي توهان ڇو نه ٻڌايو ته جئين مان کاڌي جو
انتظام ڪريان ها؟
جناب فاطمه فرمايو:
اي ابو الحسن ع ! مونکي پنهنجي پروردگار کان حيا اچي ٿو ته مان توهان کان ان شي
جي درخواست ڪريان جو جنهن شي جي پوري ڪرڻ جي توهان ۾ مالي استطاعت نه هجي.
” ڪتاب جلوه نور صفه 60“
هڪ جهڙيون تحريرون:
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: