Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

امت محمديه قيامت جي ڏينهن ڏهه مختلف صورتن ۾ محشور ٿيندي


حضرت معاذ رضه قيامت جي خوف ۽ وحشت جي متعلق رسول الله کان سوال ڪيو ته پاڻ صه جن فرمايو ته تو تمام وڏي ڳالهه پڇي آهي پوءِ پاڻ صه جن جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا ۽ فرمايائون منهنجي امت جا ماڻهو ڏهن مختلف صورتن ۾ ميدان محشر ۾ داخل ٿيندا باندرن جي شڪل ۾ سُوئرن جي شڪل ۾ سَر هيٺ ۽ پير مٿي ۽ انهن جي چهرن کي زمين تي گهليو ويندو انڌها ، گونگا ۽ ٻوڙا ڪنهن جون زبانون انهن جي وات مان نڪتل هونديون ۽ سيني تي پيل هونديون، ڪنهن جا هٿ ۽ پير ڪٽيل هوندا ،
۽ ڪي جهنمي ڦاهين ۾ لٽڪيل هوندا ۽ ڪي مردار کان وڌيڪ بدبودار هوندا – ڪي پگهريل تارڪول جا لباس پاتل هوندا جيڪي انهن جي جسمن سان چنبڙيل هوندا.

چغل خور باندرن جي شڪل ۾ هوندا – مال حرام کائڻ وارا سوئرن جي شڪل ۾ هوندا- جن جا سَر هيٺ هوندا اهي وياج خور هوندا- انڌها غلط فيصله ڪرڻ وارا هوندا – گونگا ۽ ٻوڙا  خودپسند ماڻهو هوندا جن جون زبانون نڪتل هونديون اهي غيبت ڪرڻ وارا هوندا پاڙي وارن کي آزار ڏيڻ وارن جا هٿ پير ڪٽيل هوندا – ڦاهين تي اهي ماڻهو لٽڪيل هوندا جيڪي ماڻهن کي ظالم طاقتورن جي خوني ڄار ۾ فاسائيندا هوندا- بدبودار اهي ماڻهو هوندا جيڪي نفس جي لگام کي شهوت ۽ ڪامراني جي حوالي ڪرڻ وارا هوندا ۽ حَقوق الاهي جي پرواهه نه ڪندا هوندا- ۽ آخري ماڻهو اهي هوندا جيڪي متڪبر ۽ مفتخر هوندا جيڪي خدا جي بندن تي پنهنجي وڏائي ڄمائيندا هوندا ”ڪتاب هديته الشيعه صفه 467“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: