Tuesday, January 16, 2018
”دعا قبول جي قبول نه ٿيڻ جا اسباب
هڪ دفعه حضور صه جن کان ڪنهن پڇيو! يا رسول
الله هي ڪهڙي وجهه آهي جو اسانجون دعائون قبول نٿيون ٿين. حالانڪه خدا جو فرمان
آهي ”ادعوني استجب لکم“ توهان مونکان دعا گهرو مان توهان جون دعائون قبول ڪندس.
ليڪن انهي جي باوجود اسان جون دعائون قبول نٿيون ٿين آخر انهي جي قبول نه ٿيڻ جي
وجه ڇا آهي؟ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:
ڏهن
شين جي وجهه سان توهان جا دل مرده ٿي ويا
آهن.
توهان الله جي معرفت ته حاصل ڪئي، ليڪن انهي
جي اطاعت نه ڪئي.
توهان قران مجيد ته پڙهيو، ليڪن انهي تي عمل نه
ڪيو.
توهان رسول صه سان محبت جي دعويٰ
ته ڪئي، ليڪن ان جي اولاد سان دشمني رکي
توهان شيطان سان دشمني جي دعويٰ ته ڪئي، ليڪن
عملاَ ان جي پيروي ڪئي
توهان جنت جي محبت جي دعويٰ ته ڪئي ليڪن، انهي
جي مطابق عمل نه ڪيو.
توهان دوزخ کان ڊڄڻ جي دعويٰ ته ڪئي،ليڪن پنهنجي
بدن کي خود ان باهه ۾ وڌو
توهان ٻين جي عيبن تي ته نظر ڪئي. ليڪن پنهنجن
عيبن کان بي خبر رهيو.
توهان دنيا سان بغض جي دعويٰ ته ڪئي، ليڪن خود
دنيا کي گڏ ڪيو.
توهان مرڻ جو اقرار ته ڪيو ، ليڪن انهي جي
لاءِ تياري نه ڪئي.
توهان پنهنجن هٿن سان مردن کي دفن ته ڪيو،
ليڪن انهي مان عبرت حاصل نه ڪئي.
انهن اسبابن جي وجه سان توهان جون دعائون قبول
نٿيون ٿين.
”ڪتاب هديته الشيعه صفه 470“
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: