Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

حضرت علي عليه السلام جا فضائل رسول الله جي زباني .


حضرت جابر بن عبدالله جو قول آهي ته:
 مان حضور صه جن کان ٻڌو ته پاڻ صه جن فرمائي رهيا هيا ته الله تعاليٰ ج علي عه کي ڪجهه اهڙا فضائل عطا فرمايا آهن جو پوري دنيا وارن کي انهن مان هڪ فضيلت به نصيب ٿئي ته هي ان جي لاءِ فخر لاءِ ڪافي آهي.
ته جنهن جنهن جو مان مولا آهيان ان ان جو علي عه مولا آهي.
علي عه مونسان ائين آهن جيئن موسيٰ عه سان هارون عه
علي عه مون مان آهي ۽ مان علي مان آهيان

علي عه مون  سان بمنزلت منهنجي جان جي آهن جيڪو علي عه جي اطاعت ڪندو انهي منهنجي اطاعت ڪئي ۽ جنهن علي عه جي نافرماني ڪئي انهي منهنجي نافرماني ڪئي
علي عه سان جنگ الله سان جنگ ۽ علي سان صلح  الله سان صلح آهي.
علي جو دوست الله جو دوست ۽ علي عه جو دشمن الله دشمن آهي.
علي عه الله جي حجت ۽ بندن تي الله جوخليفو آهي.
علي عه سان محبت ايمان آهي ۽ علي عه سان بغض ڪفر آهي
علي عه جو گروه الله جو گروه ۽ علي عه جي دشمن جو گروه شيطان جو گروهه آهي.
علي عه حق سان گڏ ۽ حق علي سان گڏ آهي.
علي عه جنت ۽ جهنم کي تقسيم ڪرڻ وارو آهي.
علي عه مومن ۽ منافق جي پهچان آهي، يعني يا علي عه چوڻ سان مومن ۽ منافق جي خبر پوندي  (جيڪو علي عه کان جدا ٿيو اهو مون کان جدا ٿيو ۽ جيڪو مون کان جدا ٿيو اهو الله ج کان جدا ٿيو)
علي عه جا شيعه ئي قيامت جي ڏينهن ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.
”ڪتاب هديته الشيعه صفه 537“
ڪتاب خوشبوءِ حيات صفه 54 تا 60“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: