Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

”حضرت محمد مصطفي ص جن جون حضرت علي عليه السلام کي وصيتون


Image result for ‫وصيت رسول الله به علي‬‎حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن حضرت علي عليه السّلام کي مخاطب ٿي چيو ته:
 يا علي عه مان توکي اهڙي وصيت ڪيان ٿو اگر تو انهي کي ياد رکيو ته باڪرامت زندگي پائيندين ۽ شهادت جي موت حاصل ڪندين ۽ خدا توکي بروز قيامت فقيه عالم بڻائي ڪري مبعوث فرمائيندو.
يا علي عه! تون ڄاڻ ته مومن جون ٽي نشانيون آهن، روزا ،نماز صدقو
يا علي عه ! منافق جون  ٽي نشانيون آهن: جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائيندو. واعدو ڪندو ته واعده خلافي ڪندو ۽ جڏهن کيس امين بڻايو وڃي ته خيانت ڪندو ۽ نصيحت انهي کي ڪوبه فائدو نه ڏيندي.

يا علي عه! رياڪار جون ٽي نشانيون آهن: رڪوع ۽ سجود پورو ادا نه ڪندو ماڻهن جي سامهون وڏي ۽ ڊگهي نماز پڙهندو ۽ اگر ڪو ناهي ته عبادت نه ڪندو  جلوت ۾ بڪثرت ذڪر خدا ڪندو ۽ خلوت ۾ خدا کي وساري ڇڏيندو.
يا علي عه! ظالم جون ٽي نشانيون آهن:- پاڻ کان گهٽ تي ظلم ڪندو، رزق حرام جي حصول سان خوش ٿيندو ۽ انهي کي اها پرواهه نه هوندي ته هو ڪٿان کائي رهيو آهي.
يا علي عه! حاسد جون ٽي نشانيون آهن، موجودگي ۾ خوشامد ڪندو پس پشت غيبت ڪندو، غلط گواهي ڏيندو.
يا علي عه! سُست جون ٽي نشانيون آهن: اطاعت الاهي ۾ سستي ڪندو پنهنجي آرام جي وجهه سان عبادت کي ضايع ڪندو ۽ نماز ۾ ايتري تاخير ڪندو جو ان جو وقت ئي ختم ٿي ويندو.
يا علي تائب جون ٽي نشانيون آهن: گناهه کان بچڻ علم جي طلب ۾ حرص جهڙي طرح کير ٿڻن ۾ واپس ناهي ويندو اهڙي طرح سان اهو به ٻيهر گناهه ناهي ڪندو.
يا علي عه! عاقل جون ٽي نشانيون آهن، دنيا کي حقير سمجهڻ، جفائن کي برداشت ڪرڻ ، مصائب ۽ صدمن تي صبر ڪرڻ،
يا علي عه! حليم جون ٽي نشانيون آهن: قطع رحم ڪرڻ واري سان صله رحمي ڪرڻ، محروم رکڻ واري کي عطا ڪرڻ، ظالم کي به بدعا ناهي ڏيندو
يا علي عه! احمق جون ٽي نشانيون آهن: فرائض الاهي ۾ سستي، الله جي بندن سان مذاق ڪرڻ، الله جي ذڪر کان علاوه ڪثرت سان گفتگو ڪرڻ.
يا علي عه! لائق ۽ شائسته شخص جون ٽي نشانيون آهن: الله ج ۽ پنهنجي درميان اصلاح عمل سٺائي سان ڪندو آهي، پنهنجي دين جي اصلاح علم سان ڪندو آهي، ۽ ماڻهن جي لاءِ اهو ئي پسند ڪندو آهي جيڪو پاڻ  لاءِ پسند ڪندو آهي.
يا علي عه! متقي جون ٽي نشانيون آهن: بري هم نشين ۽ ڪوڙي دوست کان بچندو آهي، ڪنهن جي غيبت ناهي ڪندو، حرام ۾ مبتلا هجڻ جي خوف ۾ ڪجهه حلال به ڇڏي ڏيندو آهي،
يا علي عه! سنگ دل جون ٽي نشانيون آهن:- ڪمزور   تي رحم ناهي ڪندو ٿوري شي تي قناعت ناهي ڪندو، ۽ انهي کي نصيت ڪوبه فائدو ناهي ڏيندي
يا علي عه! صديق جون ٽي نشانيون آهن: صدقي کي لڪائڻ ، مصيبت کي لڪائڻ، ۽ عبادت کي لڪائڻ،
يا علي عه! فاسق (بي دين) جون ٽي نشانيون آهن، فساد سان محبت، انسانن کي نقصان ڏيڻ ۽ راهه راست کان پاسو ڪرڻ ،
يا علي عه! عابد جون ٽي نشانيون آهن، ذات الاهي جي وجهه سان پنهنجي نفس کي قصور وار بڻائڻ، رضائي الاهي جي لاءِ پنهنجي خواهشات کي ناپسند ڪرڻ، ۽ خدا جي حضور ڊگهي عبادت ڪرڻ،
يا علي عه! مخلص جون ٽي نشانيون آهن، مال دولت سان بغض رکڻ دنيا سان بغض رکڻ، خدا جي نافرماني سان بغض رکڻ
يا علي عه! عالم جون ٽي نشانيون آهن:- قدرت رکڻ جي باوجود معاف ڪرڻ، زڪوات جي ادائيگي، حب صدقه.
يا علي عه! سٺي دوست جون ٽي نشانيون آهن: پنهنجي مال کي تنهنجي مال کان حقير سمجهڻ، پنهنجي عظمت  ۽ احترام کي تنهنجي عزت ۽ عظمت کان گهٽ سمجهڻ ۽ تنهنجي جان ۽ تنهنجي راز کي محفوظ رکندين گهٽ سمجهي.
يا علي عه ! فاجر جون ٽي نشانيون آهن: قسمون کائي ڪري بدڪاري ڪندو آهي، عورتن جي ذريعي دوکو کائيندو آهي، ۽ بي گناهه تي بهتان لڳائيندو آهي.
يا علي عه! ڪافر جون ٽي نشانيون آهن. الله جي دين ۾ شڪ ڪرڻ، الله جي بندن سان دشمني رکڻ، ۽ اطاعت الاهي ۾ غفلت ڪرڻ،
يا علي عه! بدڪار جون ٽي نشانيون آهن: عذاب الاهي کان بي خوف رهڻ، الله جي رحمت کان مايوس ٿيڻ، ۽ رسول الله جي مخالفت ڪرڻ،
يا علي عه بدبخت جون ٽي نشانيون آهي، حرام جو لقمو کائڻ، علماءِ جي صحبت کان پنهنجي پاڻ کي بچائڻ، محتاجن تي رحم نه ڪرڻ،
يا علي عه! خوش نصيب جون ٽي نشانيون آهن:- پنهنجي وطن ۾ رزق حلال جو بندوبست هجڻ، علماءِ جي هم نشيني، ۽ پيش امام سان گڏ پنج ئي وقت نماز با جماعت پڙهڻ،
ياعلي عه! بدنصيب جون ٽي نشانيون آهن: رزق حرام کائڻ وارو علمائن کان دوري اختيار ڪرڻ وارو، تنها نماز پڙهڻ وارو،
يا علي عه! جهنمي جون ٽي نشانيون آهن، تڪبر، خود پسندي، بداخلاقي / وڌيڪ وصيت ڪندين فرمايائون،
يا علي عه! دنيا جي زينت ٽي شيون آهن ، مال، اولاد، عورت،
يا علي عه! آخرت جي زينت به ٽي شيون آهن، علم، تقويٰ ، صدقه
يا علي عه! بدن جي زينت ٽي شيون آهن، گهٽ سمهڻ، گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ
يا علي عه! عقل جي زينت به ٽي شيون آهن:- صبر، شڪر ، خاموش / وڌيڪ امام علي عه کي وصيت ڪندين فرمايائون،
يا علي عه ! مان توکي ٽن خصلتن کان روڪيان ٿو، حسد ، حرص، ڪوڙ،
يا علي عه! ٽي خصلتون اعمالن جون سردار آهن: پنهنجي جان جي خلاف به ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ، ديني ڀاءُ جي غمگساري ڪرڻ، ۽ هر حال ۾ الله کي ياد ڪرڻ،
يا علي عه! مومن کي دنيا ۾ ٽي خوشيون نصيب ٿينديون آهن ڀائرن سان ملاقات جي خوشي، روزي  جي افطار جي خوشي آخري رات ۾ نماز تهجد جي خوشي،
يا علي عه! جنهن ۾ ٽي شيون نه هجن انهي جو ڪوبه عمل مقبول نه ٿيندو تقويٰ جيڪا خدا جي نافرماني کان روڪي سگهي، حسن خلق جنهن سان ماڻهن سان ادب سان پيش اچي سگهي، حلم جنهن جي ذريعي سان جهالت جو مقابلو ڪري سگهي.
يا علي عه! ٽي شيون ايمان جي حقائقن مان آهن: غربت جي حالت ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ، پنهنجي نفس کان ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ، ۽ طالب علم جي لاءِ علم کي خرچ ڪرڻ،
يا علي عه! ٽن شين جو تعلق مڪارم  اخلاق سان آهي، انهي کي عطا ڪرڻ جنهن توکي محروم رکيو، جنهن توسان قطع رحمي ڪئي، انهي سان صلئه رحمي ڪرڻ، ۽ جنهن توتي ظلم ڪيو هجي انهي کي معاف ڪرڻ.
يا علي عه! جيڪو شخص ٽي شيون کڻي الله جي حضور پيش ٿيو اهوماڻهن کان افضل آهي، جنهن پنهنجا فرائض ادا ڪيا اهو سڀ کان وڏو عابد آهي، جيڪو الله جي حرام ڪيل شين کان رڪجي ويو اهو سڀ کان وڏو پرهيزگار آهي، جنهن خدا جي ڏنل رزق تي قناعت ڪئي اهو سڀ کان وڏو قانع آهي.
يا علي عه! ٽن قسمن جي ماڻهن جي هم نشيني دل کي مرده بڻائي ڇڏيندي آهي ذليل ماڻهن جي هم نشيني، دولت مندن جي هم نشيني ، عورتن جي هم نشيني ،
ياعلي عه  ٽي شيون حافظه کي قوي  ۽ مرض کي دفع ڪنديون آهن ڪندر (هڪ ٻوٽي جو نالو آهي)  مسواڪ، ۽ تلاوت قران مجيد،
يا علي عه ٽي شيون وسواس جو باعث آهن، مٽي کائڻ، ڏندن سان ننهن ڪٽڻ، ڏاڙهي جو چٻاڙڻ،
يا علي عه! ٽي شيون هلاڪت جو سبب آهن، حسد، حرص، تڪبر،
يا علي عه! ٽي ڪم دل کي سخت ڪري ڇڏيندا آهن، راڳ ۽ موسيقي تي ڪن ڏيڻ، شڪار ڪرڻ، ۽ بادشاهه  (۽ وڏيرن) جي درٻار ۾ اچڻ وڃڻ
يا علي عه! زندگي جو لطف ٽن شين ۾ آهي، ڪشادهه گهر ۾ خوبصورت گهر واري ۾ ننڍي پيٽ جو گهوڙو (ڇو جو اهو تيز رفتار وارو هوندو آهي.)

ڪتاب هديته الشيعه صفه 140 کان اڳتي....

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: