Ad 468 X 60

Friday, May 5, 2023

امام جعفر صادق عليه السلام جي زندگي جو مختصر تعارف

 

تحرير: راشد علي چانڊيو

حضرت امام جعفر صادق ع 17 ربيع الاول سن 83 هجري ۾ مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا والد محترم امام عليه السلام جو نالو جعفر رکيو، ان نالي جي علت بيان ڪئي وئي آهي ته هڪ ڏينهن ضَريس کان امام عليه السلام سوال ڪيو ته اوهان جو نالو ضَريس ڇو رکيو ويو آهي ته ضريس جواب ۾ چيو جيئن اوهان جي والد اوهان جو نالو جعفر رکيو آهي


تيئن منهنجي والد منهنجو نالو ضَريس رکيو آهي. ان تي امام جعفر صادق ع فرمايو ته پوء اصل ۾ تنهنجي بابي کي خبر نه آهي ته ضَريس ڪير آهي ضريس ابليس جي پٽن مان هڪ جو نالو آهي ۽ توکي خبر آهي ته منهنجو نالو جعفر ڇو آهي ؟ ڇو ته جنت ۾ هڪ نهر آهي جنهن جو نالو جعفر آهي ۽ منهنجي والد ان نهر جي ڪري منهنجو نالو جعفر رکيو آهي.(بحار ج 47 ص 8،9)

امام عليه السلام جي مشهور لقبن مان صادق مشهور ترين آهي مان ان لقب جي وضاحت پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڪري چڪو آهيان جڏهن ته ڪنيت ابو عبدالله هئي.

امام ع 34 سال يعني سن 114 کان سن 148 هجري تائين منصب امامت تي فائز رهيا ۽ سن 148 هجري ۾ منصور دوانقي جي زهر سان شهيد ٿيا، امام موسي ڪاظم ع جنت البقيع ۾ پنهنجي اجداد جي مقبره ۾ دفن ڪيو. 



امام صادق عليه السلام جو والد گرامي ۽ امان سائڻ 

امام صادق عليه السلام جو والد گرامي امام محمد باقر عليه السلام جن آهن ۽ سندس امڙ هڪ ڪرامت واري عورت، جنهن جو نالو فاطمه آهي جيڪا ام فروه سان مشهور آهي ام فروه محمد بن ابي بڪر جي پٽ قاسم جي نياڻي هئي ، قاسم جو شمار شيعن جي بهترين فقهاء مان ٿيندو هيو ۽ امام سجاد عليه السلام جي بهترين صحابين مان ان جو شمار ٿيندو هيو جن تي امام عليه السلام جن اعتماد ڪندا هئا ،اهل سنت وارن به ان کي سادات سان محبت ڪرڻ وارو، امام سجاد عليه السلام سان محبت ڪرڻ وارو ، ۽ مشهور فقيه شمار ڪيو آهي، ان جي وفات 112 هجري ۾ مديني ۾ 72 سالن جي عمر ۾ ٿي .

قاسم جي نياڻي پنهنجي وقت جي سڀني عورتن کان با تقوي ترين عورت هئي ، بيبي ايتري ته ڪرامت ڀري سائڻ هئي جو امام صادق عليه السلام ابن مکرمه سان مشهور هئا .


صادق آل محمد 

ڪنهن به امام کي امام صادق عليه السلام جيترو ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو جو امام صادق عليه السلام وانگر معاشري ۾ ديني ۽ معاشرتي ڪم ڪري سگهي، امام صادق عليه السلام جن فرصت مان فائدو ورتو ، دين اسلام جا حقيقي احڪامات بيان ڪيا ،مدرسه ۽ يونيورسٽيون قائم ڪري اسلام کي پکيڙيو ، سڄي سنسار کي حقيقي اسلام ڏانهن توجه ڪرائي .

اهو موقعو امام صادق عليه السلام کي انهي وقت مليو جڏهن ٻئي خاندان ( بني اميه ۽ بني عباس ) پاڻ ۾ حڪومت کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي رهيا هئا، انهن جو سڄو وقت صرف هڪ ٻئي سان جنگ ڪرڻ ۾ گذرندو هيو ان ڪري امام صادق عليه السلام جن ان مان ڀرپور فائدو ورتو، اهي اسلامي اصول ۽ ضوابط انسانن تائين پهچايا جن کي پهريان امام عليهم السلام به قبول ڪندا هئا جيڪي نبي اڪرم ص جن جا حقيقي جانشين هئا، بهترين شاگردن جي تربيت ڪئي، اسلام ۽ مسلمانن جي روح کي ٻيهر بيدار ڪيو.

امام صادق عليه السلام جن خم غدير واري واقعي کي، اهڙي  نموني نبي اڪرم ص کان بعد ۾ امام علي عليه السلام جي جانشيني برحق کي ( جنهن کي ماڻهن پاڻ ڪريم ص جي اکين ٻوٽڻ سان ئي واساري ڇڏيو هيو ) زنده ڪيو، ماڻهن جي لاءِ بيبي فاطمه الزهراءِ سلام الله عليها جي خطبن جي مفهوم کي ٻيهر بيان ڪيو . 


امام صادق عليه السلام جو عظيم اخلاق 

امام صادق عليه السلام جن مديني ۾ رهندا هئا پر جڏهن خلافت بني عباس جي هٿ لڳي ته عبد الله سفاح جيڪو بني عباس جو پهريون خليفو هيو ان امام عليه السلام کي مدينه کان عراق (ڪوفي) ڏانهن گهرايو ليڪن امام عليه السلام جا معجزه ۽ ڪرامتون ۽ نيڪ اخلاق ڏسي ڪري امام عليه السلام کي آزاد ڪري ڇڏيائين، پر جڏهن عباسين جو ٻيو خليفو تخت کي ويٺو ته ان وري  امام صادق عليه السلام جي توهين ڪئي ۽ مدينه کان ڪوفي گهرايائين ته جيئن امام عليه السلام کي پنهنجي نظر ۾ رکي سگهي منصور دوانيقي پنج دفعا امام عليه السلام کي قتل ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجي درٻار ۾ گهرائيندو رهيو پر امام عليه السلام جا معجزه ۽ اخلاق ۽ ڪجهه ٻين مسائل جي ڪري امام عليه السلام کي قتل ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪيائين ۽ امام عليه السلام واپس مديني آيا .


امام صادق عليه السلام جو علمي مقام ۽ منزلت 

امام صادق عليه السلام جو علمي مقام ۽ منزلت ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪري سگهجي ٿو مثال امام صادق عليه السلام کي شيعه سني علماءِ انهن جي علمي مقام جا اقراري آهن دنيا جي وڏا وڏا دانشور ۽ دانشمند امام عليه السلام جي علمي مقام جي سامهون جهڪيل آهن ۽ امام عليه السلام جي علمي مقام جا قائل آهن امام عليه السلام جي علم جي سامهون پنهنجي علم کي سمنڊ جي مقابلي ۾ مينهن جي هڪ ڪڻي سمجهندا آهن ، ابو حنيفه جيڪو حنفي فرقي جو امام آهي اهو امام صادق عليه السلام جي باري ۾ چوي ٿو ته اڄ تائين مان امام صادق عليه السلام جهڙو عالم ناهي ڏٺو . ابو حنيفه چوي ٿو ته هڪڙو دفعو منصور دوانقي مون کي درٻار ۾ گهرائي چيو ته امام صادق عليه السلام کي ماڻهو گهڻو چاهين ٿا ان ڪري ڪجهه ڏکيا سوال ڳولهي اچ ۽ امام عليه السلام کان پڇ ته جئين ماڻهن جي سامهون ان جي بي عزتي ٿئي  مان چاليهه ڏکيا سوال ٺاهيا ۽ منصور دوانيقي مون کي حيره نالي جڳهه تي گهرايو جڏهن مان اتي پهتس ته امام صادق عليه السلام جن به اتي موجود هئا ، مون تي امام عليه السلام جن جو ايترو ته اثر ٿيو جو مان اتي پهچي ڪري امام عليه السلام کي سلام ڪري ويٺس ،منصور دوانقي چيو ته هي ابو حنيفه آهي امام صادق عليه السلام جن چيو ته هاءُ مان ان کي سڃاڻا ٿو . 

پوءِ منصور ابوحنيفه کي چيو ته پنهنجا سوال امام صادق عليه السلام کان پڇ ، مان اهي سوال جيڪي  پهريائين ٺاهي رکيا هيم امام عليه السلام کان پڇڻ شروع ڪيم ، امام عليه السلام هر هڪ سوال جو جواب به ڏين پيا اهو به چون پيا ته اي ابو حنيفه انهي جي باري تنهنجو هي نظريو آهي مديني وارن جو هي نظريو آهي ۽ منهنجو هي نظريو آهي، ڪجهه مسئلن ۾ امام عليه السلام جو نظريو منهنجي نظرئي جي موافق هيو ته ڪجهه ۾ وري مديني وارن جي نظرئي جي موافق ۽ ڪجهه ۾ ته منهنجي ۽ مديني وارن ٻنهي جي مخالف به رايو هيو ، اهڙي نموني سان مان پنهنجا چاليهه سوال پيش ڪيا ۽ امام عليه السلام بهترين نموني سان انهن سوالن جا جواب ڏيندا رهيا جڏهن مان اهيو ڏٺو ته امام عليه السلام جن سڀني سوالن جا ڀلي نموني سان جواب ڏنا آهن ته موجود سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيم ته امام عليه السلام ماڻهن جي مسائل ۽ انهن جي اختلاف جي  باري ۾ تمام گهڻي آگاهي رکن ٿا . 


مسجد خيف ۾ امام عليه السلام جو درس 

علم جا پياسا چاهي شيعا هئا يا سني اهي چاهيندا هئا ته امام عليه السلام کان سفر ۾ به علمي فائدو وٺن اهي سفر ۾ امام عليه السلام سان ملي ڪري درسي حلقو ٺاهيندا هئا مثال طور امام عليه السلام جن هڪڙو دفعو حج جي لاءِ روانو ٿي ويا منيٰ واري سرزمين تي پهچي ڪري اتي مسجد خيف ۾ هڪ درس رکيائون جنهن ۾ تقريبا 2 سئو ماڻهن شرڪت ڪئي . امام عليه السلام جي بض شاگردن جا نالا هي هئا : حمران بن اعين شيباني ، عبد الله بن ابي يعفور ، مفضل بن عمر جعفي ۽ جابر ابن حيان انصاري .

هڪڙي دفعي اهل سنت جو هڪ عالم دين عبد الله ابن شبرمه جيڪو منصور دوانقي جي زماني ۾ قاضي پڻ هيو ،مسجد خيف ۾ امام عليه السلام جي درس ۾ آيو امام عليه السلام کان پڇيائين ته اسان عراق ۾ قرآن ۽ سنت جي مطابق فيصلا ڪندا آهيون جڏهن اسان کي قرآن ۽ سنت ۾ ڪجهه به ناهي ملندو ته انهي وقت اسان پنهنجي راءِ جي مطابق فيصلا ڪندا آهيون ڀلا هو صحيح آهي ؟؟ امام عليه السلام جن پنهنجي شاگردن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيا هيا ، امام عليه السلام جن ان ڏانهن توجهه نه ڪئي هن پنهنجي سوال کي ٽي مرتبه دهرايو پر پوءِ به امام عليه السلام ان ڏانهن توجه نه ڪئي جڏهن امام عليه السلام جا سڀ شاگرد خاموش ٿي ويا ته انهي وقت امام عليه السلام جن ان کي اهو چيو ته هو ٻڌاءِ ته امام علي ابن ابيطالب عليه السلام جن ڪهڙي قسم جا انسان هئا ؟ ابن شبرمه امام علي عليه السلام جن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، ان کان بعد ۾ امام عليه السلام جن ابن شبرمه کي اهو چيو ته جيڪو به ماڻهو پنهنجي راءِ کي دين ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي امام علي عليه السلام جن ان کان پري آهن . 


امام صادق عليه السلام جي دور جا علمي ۽ فرهنگي حالات 

خلافت جي ڪرسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جنگ بني اميه ۽ بني عباس جي وچ ۾ هلندي رهندي هئي آخرڪار بني عباس وارا 132 هجري ۾ انهي جنگ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، بني اميه وارا انهي دور ۾ پاڻ پريشان هئا انهي ڪري انهن کي امام سجاد عليه السلام واري دور وانگر اها فرصت نه پئي ملي ته اهي امام صادق عليه السلام کي اذيتون ۽ تڪليفون ڏين ۽ بني عباس وارا به پنهنجي شروعاتي دور ۾ اهل بيت عليهم السلام کي اذيتون نه ڏيندا هئا ڇو جو اهي حڪومت کي اهل بيت عليهم السلام جي نالي تي حاصل ڪيو هيائون ، اهو دور نهايت ئي امام صادق عليه السلام ۽ ان جي پيروڪارن جي لاءِ آزادي جو زمانو هيو ان ڪري امام صادق عليه السلام جن لاءِ علمي ۽ فرهنگي فعاليت ڪرڻ لاءِ مناسب دور هيو . 


علمي فعاليت جي شروعات 

امام صادق عليه السلام جي دور ۾ جيڪي شيون امام عليه السلام جي لاءِ علمي فعاليت جو سبب بڻيون اهي هي آهن جن جو خلاصو هي آهي 

اسلام جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ آزاد سوچ فڪر 

ڀلي کڻي انهي آزادي مان بني عباس وارن جا پنهنجا خاص فائدا هئا پر پوءِ به ڀلي کڻي ماڻهن کي فڪري آزادي کان روڪن به ها تڏهن به روڪي نه پيا سگهن ڇو جو فڪري آزادي جو سبب خود دين اسلام جي تعليمات ۾  هيو.

انهي وقت جو ماحول مڪمل طور تي مذهبي هيو ماڻهو مذهبي پروگرامن کان متاثر هئا .

جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو هيو انهن مان گهڻا ماڻهو اهي هئا جيڪي اسلام جي باري ۾ پهريائين علمي ۽ فڪري فعاليتون انجام ڏئي چڪا هئا مثال مصري ، ايراني ، سوري جيڪي انهي دور جي متمدن ماڻهو هئا اهي ماڻهو اسلام کي سمجهڻ لاءِ پهريائين ڪافي تحقيق ڪري چڪا هئا .

مسلمانن جي لاءِ غير مسلمانن سان گڏجي زندگي گذارڻ انهن جي ديني اصولن جي خلاف نه هيو ڇو جو انهي دور ۾ غير مسلمان اهل ڪتاب شمار ٿيندا هئا ، اهي مسلمانن سان گڏ علمي مباحثه ڪندا هئا ۽ اسلامي احڪامات ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندا .



امام صادق عليه السلام جن ڪم ڪار ڪندا هئا 

عبد الاعلي بيان ڪري ٿو ته هڪڙو دفعو سخت گرمي جي ڏينهن ۾ مان امام صادق عليه السلام کي ڏٺو جيڪي مديني جي ڳلي مان ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ گذري وڃن پيا ، مان امام عليه السلام کان پڇو ته مان اوهان تي قربان وڃان توهان کي انهي قرابت جو واسطو جيڪو توهان جي لاءِ الله سائين ۽ ان جي رسول وٽ حاصل آهي توهان ڇو ايڏي گرمي ۾ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ڏيو ٿا ؟ امام عليه السلام جن جواب ڏنو ته مان روزي ڪمائڻ جي لاءِ آيو آهيان ته جيئن توهان کان بي نياز ٿي سگهان .

ابن عمر شيباني لکي ٿو ته مان امام صادق عليه السلام ڏٺو ته انهن کي ٿلهو لباس پاتل هيو هٿ ۾ بيلچو هيو پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، امام عليه السلام جن کان پگهر وهي رهيو هيو ، مان امام عليه السلام کي چيم ته بيلچو مون کي ڏيو مان توهان جي بندران ڪم ڪيان ، امام عليه السلام جن جواب ڏنو ته مان چاهيان ٿو ته حلال روزي ڪمائڻ جي لاءِ سج جي تپش کي برداشت ڪيان .


فائدي وارو واپار 

 امام صادق عليه السلام جن شاگردن جي تربيت سان گڏوگڏ هارپو ۽ واپار به ڪندا هئا ، امام عليه السلام هڪڙو دفعو پنهنجي هڪ غلام کي هڪ هزار دينار ڏنا ته مديني جي بازار مان سامان وٺي ڪري مصر ۾ کپائي اچي انهي غلام جو نالو مصارف هيو ، انهي مديني جي بازار مان سامان وٺي ڪري مصر وڃي پهتو ، سامان وڪڻڻ کان پهريائين وڃي بازار ۾ سامان جي قيمت معلوم ڪيائين اتي وڃڻ سان هن کي اها خبر پئي ته هن جيڪو سامان مديني جي بازار مان آندو آهي اهو سامان ناياب آهي انهي سامان جي مصر جي ماڻهن کي ضرورت آهي ، هن اهو سامان ٻه برابر قيمت تي کپايو ، ڇو جو ماڻهن کي ضرورت هئي ان ڪري مصارف جو سامان پهرين ڏينهن ئي کپي ويو ، رات جو جڏهن پنهنجي پيسن کي ڳڻيو ته ان وٽ ٻه هزار سون جي سڪا هئا ، مصارف خوشي خوشي ۾ مديني ڏانهن واپس ٿيڻ لڳو ، هن جي ذهن ۾ اهو هيو ته امام عليه السلام جن هن کان راضي ٿيندا ، هي واپسي محل ڪٿي به آرام ڪرڻ لاءِ نه  ترسيو ۽ نه ئي پنهنجي اٺن کي آرام ڪرڻ ڏنائين هي جئين مديني جي ويجهو ٿئي پئي تيئن خوشي ۾ ماپجي نه پيو ، مديني پهچي هن سوني سڪن جي ٿهيلي امام صادق عليه السلام جي سامهون رکي ، پنهنجي دل ۾ سوچي رهيو هيو ته امام عليه السلام جن ان کان خوش ٿيندا پر جڏهن هن پنهنجي سفر جو حال احوال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ امام عليه السلام کي چيائين ته مصر جي ماڻهن کي انهي مال جي ضرورت هئي ان ڪري انهن کي مال ٻه برابر قيمت تي کپايو اٿم ، ۽ مال جلدي ۾ ئي کپي ويو ، امام عليه السلام جن ڪجهه وقت خاموش ٿيڻ کان بعد ۾ چيو ته سبحان الله سبحان الله 

مصارف امام عليه السلام کي ناراض ٿيندي ڏسي چيائين ته ياابن رسول الله ص ڇو توهان ناراض ٿيو پيا امام عليه السلام جن مصارف کي جواب ڏنو ته تو کي شرم نه آيو جو اهو سامان جنهن جي ماڻهن کي ضرورت هئي تون اهو سامان ٻه برابر قيمت تي کپايو اٿئي ، ان کان بعد ۾ امام عليه السلام جن پنهنجا هڪ هزار دينار کنيا ۽ باقي پيسن جي لاءِ مصارف کي چيو ته مان ان کي هٿ نه ٿو لڳائي سگهان ، مصارف اهو ڏسي ڏاڍو شرمنده ٿيو هن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي چڪو هيو چاهي پيو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي غلطي جو ازالو ڪري . 

ان کان بعد ۾ امام عليه السلام جن مصارف کي چيو ته تلوار سان جنگ ڪرڻ سولو آهي حلال رزق ڪمائڻ کان .


جهيڙا جهٽا ختم ڪرائڻ لاءِ مال دولت خرچ ڪرڻ 

ميراث جي ڪري هڪڙي شخص ۽ ان جي مائٽن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هيو ايتري ڳالهه وڌي وئي جو وڃي قتل تائين پهتي، امام صادق عليه السلام جو هڪڙو صحابي مفضل اتان گذري رهيو هيو جڏهن ان انهي منظر کي ڏٺو ته انهن کي پنهنجي گهر وٺي ويو اتي وڃي ڪري انهن کي چار سئو درهم ڏنائين ۽ انهن جي وچ ۾ ٺاهه ڪيائين ۽ چيائين ته اها رقم جيڪا مان توهان کي ڏني آهي اها منهنجي ذاتي ناهي بلڪه امام صادق عليه السلام جن ڏني هئي ۽ چيو هيائين ته جڏهن به اسان جا شيعه پاڻ ۾ پيسن جي ڪري وڙهن ته انهن کي هي رقم ڏئي انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائجان.


ڏڪر 

ڪافي عرصي کان وٺي مديني ۾ بارش نه ٿيڻ جي ڪري ڪڻڪ ۽ جو جي کوٽ ٿي پئي هئي ، دڪاندارن ڪڻڪب۽ جو جي قيمت وڌائي ڇڏي هئي مدينه جا ماڻهو ڪڻڪ ۽ جو جي ڪري پريشان هئا پر مالدار ماڻهن کي ڪا به پريشاني نه هئي ان ڪري جو انهن سڄي سال جي لاءِ ڪڻڪ ۽ جو وٺي ڇڏيو هيو باقي غريب ماڻهو جيڪي هر روز جي حساب سان ان وٺندا هئا اهي پريشان هئا هڪ دفعي امام عليه السلام جن مدينه جي بازار مان گذري رهيا هئا ڏٺائون ته غريب ماڻهو صف ۾ بيهي ڪري ماني وٺي رهيا آهن اها ماني ڪڻڪ ۽ جو مان پڪل هئي ، امام عليه السلام جن جڏهن گهر پهتا ته پنهنجي نوڪر کي چيائون ته پاڻ وٽ ڪيترو ان آهي ان سمجهو ته امام عليه السلام جن ان جي ڪري پريشان آهن ان جواب ڏنو ته پاڻ وٽ ڪافي مقدار ۾ ان آهي ان ڪري توهان پريشان نه ٿيو ، امام عليه السلام جن ان کي چيو ته وڃ اڄ ئي سڄو ان بازار ۾ کپائي اچ ڇو جو اهو مناسب ناهي ته پنهنجي گهر ۾ ان پيو هجي ۽ غريب ماڻهو پريشان هجن ،امام عليه السلام جي نوڪر تعجب مان امام عليه السلام کي چيو ته اگر اسان ان کپائي ڇڏيوسين ته اسان به غريبن واري زندگي گذارينداسين ان وقت امام عليه السلام جن ان کي جواب ڏنو ته ليڪن اهڙي قسم جي حالات ۾ مناسب ناهي ته اسان صرف پنهنجي خاندان جي فڪر ۾ هجون ۽ غريب اها ماني وٺڻ تي مجبور هجن جيڪا ان ۽ جو مان ٺهيل آهي ، ۽ اسان اهو ڪم صرف الله سائين جي رضا جي خاطر ڪيون ٿا . 


سڪل وڻ ۾ ميوو 

علي ابن حمزه چوي ٿو ته : امام صادق عليه السلام سان گڏ مان حج ڪرڻ لاءِ ويس ، امام عليه السلام جن کجي جي سڪل وڻ جي هيٺيان آرام ڪرڻ جي لاءِ ويٺا ، ان وقت امام عليه السلام جن هڪڙي دعا پڙهي جيڪا مان سمجهي نه سگهيس پوءِ امام عليه السلام جن فرمايو ته اي وڻ جيڪو رزق الله سائين تو  ۾ رکيو آهي اهو اسان کي کاراءِ اهو کجي جو وڻ سائو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ امام عليه السلام جي لاءِ جهڪڻ شروع  ڪيائين ، ان تازيون کجيون هيون امام عليه السلام جن بسم الله ڪري انهن کجين کي کائڻ شروع ڪيو ۽ اسان کي به حڪم فرمايائون ته اهي کجيون کائون اتي هڪ ٻهڙاري جو عرب ويٺو هيو ان اهو منظر ڏسي چيو ته اڄ تائين مان ايڏو وڏو  جادو ناهي ڏٺو ، امام صادق عليه السلام جن جواب ڏنو ته اسان پيغمبر محمد مصطفي صلي لله عليه و آله وسلم جا وارث آهيون اسان جادوگر ۽ ڪاهن ناهيون بلڪه اسان جڏهن به الله سائين کان دعا ڪندا آهيون الله سائين قبول فرمائيندو آهي ٻهڙاري واري عرب نه ئي انهي منظر کي قبول ڪيو ۽ نه ان کي يقين آيو ، امام عليه السلام جن چيو ته جي چئين ته مان تو کي ڪتي جي شڪل ۾ تبديل ڪرايان پوءِ وت پنهنجن جي آڏو پڇ هلائيندو ؟ ان ناسمجهه به هاءُ ڪري ڇڏي ، امام عليه السلام جڏهن الله سائين کان دعا گهري ته اهو ڪتي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويو .

راوي چوي ٿو ته امام عليه السلام جن مون کي حڪم فرمايو ته انهي جي پويان پويان وڃان ، مان ڏٺو ته هو پنهنجي گهر ويو پنهنجي ٻارن ٻچن جي سامهون وڃي پڇ هلايائين ، انهن ڪتي کي کڻي ڍوڙائي  ڪڍيو ، اهو وري امام عليه السلام جي بارگاه ۾ ٻيهر واپس آيو ۽ مان به امام عليه السلام جي خدمت ۾ واپس موٽي آيس سڄو واقعو امام عليه السلام جن کي ٻڌايم ، اهو ڪتو به امام عليه السلام جي سامهون پنهنجي پڇ لوڏي رهيو هيو ۽ روئي به رهيو هيو امام عليه السلام جن کي ان تي ترس آيو ان لاءِ الله سائين کان دعا گهريائين ته اي رب ان کي ٻيهر پنهنجي اصلي شڪل تي واپس موٽاءِ ، امام عليه السلام جي انهي دعا سان اهو ٻيهر پنهنجي اصلي شڪل ۾ واپس موٽي آيو ، امام عليه السلام جن ان کي چيو ته هاڻي ته تو کي پڪ ٿي وئي يا نه ؟ امام عليه السلام کي جواب ڏنائين ته هاڻي مون کي هزار ڀيرا پڪ ٿي وئي آهي.( کشف الغمه ج2 ص 417. الخرائج والجرائح ج1 ص296)


واعدو نڀائڻ

هشام ابن حڪم بيان ڪري ٿو ته شهر ۾ جبل جو هڪڙو ماڻهو امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ان وٽ ڏه هزار درهم هئا ۽ امام عليه السلام کي عرض ڪيائين ته ان جي لاءِ مديني ۾ انهن پيسن ما هڪڙو گهر خريد ڪيو،  هو شخص حج تي هليو ويو جڏهن واپس آيو ته امام عليه السلام جن ان کي اهو چيو ته اسان تنهنجي لاءِ جنت ۾ گهر خريد ڪيون ٿا جنهن جي هڪ پاسي کان پيغمبر اعظم جو گهر ٻئي پاسي کان امام علي عليه السلام جو گهر ٽئين پاسي کان امام حسن عليه السلام جو گهر ڇوٿين پاسي کان امام حسين عليه السلام جو گهر هوندو ، ۽ امام صادق عليه السلام جن ان پيسن کي امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جي اولاد ۾ ورهائي ڇڏيو ، ۽ امام عليه السلام جن هن کي اها لکيل چٺي ڏني ، اهو خوشي خوشي سان پنهنجي شهر واپس موٽي ويو ، اتي هو سخت بيمار ٿي پيو ، هن پنهنجي گهر وارن کي چيو ته اگر مان مري وڃان ته هي چٺي مون سان گڏ  دفنائجو ، ان جي مائٽن به ائين ئي ڪيو ، ٻئي ڏينهن جڏهن ان جا مائٽ ان جي قبر تي آيا ته ان تي هڪ چٺي پئي هئي جن ۾ لکيل هيو ته امام صادق عليه السلام جن پنهنجو واعدو نڀايو آهي . ( ڪشف الغمه ج 2 صب418، مدينة المعاجز ج 6ص 61، الخرائج والجرئح ج 1 ص 303)


الله لوڪ فقير 

مسمع بن عبد الملڪ بيان ڪري ٿو ته امام منيٰ ۾ امام صادق عليه السلام جن سان گڏ ويٺا هئاسين ۽ اتي اسان انگور کائي رهيا هئاسين ، ان وقت هڪڙو فقير آيو ان امام صادق عليه السلام جن کان سوال ڪيو ، امام عليه السلام ان کي انگور جو هڪڙو ڇڳو کڻي ڏنو پر ان فقير چيو ته انگور نه اگر پيسا اٿو ته مون کي ڏيو ، امام عليه السلام ان کي چيو ته الله سائين عنايت ڪندو ، اهو فقير واپس هليو ويو ، وڃي ڪري ٻيهر ساڳيو فقير آيو ، امام عليه السلام کان اهو ئي انگورن جو ڇڳو گهريائين امام عليه السلام جن ان کي چيو ته الله سائين عنايت ڪندو ، امام عليه السلام جن ان کي ڪا به شئي عنايت نه ڪئي .

اتي ئي هڪڙو ٻيو فقير آيو ان امام صادق عليه السلام جن کان سوال ڪيو امام عليه السلام جن ان کي انگورن جا صرف ٽي داڻا کڻي ڏنا ،ان فقير انگورن جا داڻا وٺي چيو ته الله سائين جو شڪر جيڪو عالمين جو  رب آهي ۽ سڀني کي رزق عطا ڪرڻ وارو آهي ، امام عليه السلام جن ان کي چيو ته بيشڪ الله سائين ئي عالمين جو رب آهي ۽ سڀني کي رزق ڏيڻ وارو آهي ۽ پنهنجي غلام کي چيائون ته تو وٽ ڪيترا پيسا آهن ان چيو ته 20 درهم ، امام صادق عليه السلام جن فرمايو ته ويهه ئي درهم فقير کي ڏي 

فقير انهي وقت چيو ته اي منهنجا رب اها تنهنجي نعمت آهي جيڪا مون کي عطا ڪئي اٿئي تون ئي شڪر جي لائق آهين ، امام عليه السلام جن فقير کي چيو ته ٿورو بيهه ۽ پنهنجي عبا لاهي فقيير کي ڏنائون ته هي پائي ڇڏ ، فقير اها عبا وٺي چيو ته شڪر آهي ان رب جو جنهن مون کي لباس عنايت ڪيو ۽ لباس پارايو آهي، ان وقت امام ع ڏانهن منهن ڪري چيائين ته الله سائين توهان کي جزاء خير عنايت ڪندو 

مسمع چوي پيو ته اگر فقير امام عليه السلام جي لاءِ دعا نه ڪري ها ته امام عليه السلام الله سائين جي شڪر ڪرڻ تي ان کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور عنايت ڪن ها ۽ اهو سلسلو جاري رهي ها. 


الله سائين جي ياد 

گرمي جي موسم هئي ، رات جي ماني جو وقت هيو امام صادق عليه السلام جي لاءِ دسترخوان لڳايو ويو جڏهن ماني ۽ ڀاڄي دسترخواني تي رکي وئي ، امام عليه السلام جن ماني کڻي جڏهن ڀاڄي سان کائڻ شروع ڪئي ،ڀاڄي گرم هئي ،امام عليه السلام جن ڀاڄي کان هٿ پري ڪري ڇڏيو ، امام عليه السلام جن پنهنجي ڱ زبان تي ڪجهه ڪلمه جاري ڪيا ته الله سائين مون کي جهنم جي باهه کان پناهه ۾ رکه ، امام صادق عليه السلام ان جملو کي ايترو ته تڪرار ڪيو جو ڀاڄي ٿڌي ٿي وئي ، امام عليه السلام جن فرمايو ته جڏهن مان هن ڀاڄي جي تپش کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان ته پوءِ مان جهنم جي باهه کي ڪئين برداشت ڪري سگهندس . امام صادق عليه السلام جن پنهنجي هن ڪم سان ماڻهن کي گناهه کان بچڻ جو درس ڏنو . هڪڙو دفعو امام صادق عليه السلام جن جي جوتي جو سڳو ڇڏي پيو ، امام عليه السلام جن پيرين اگهاري پنڌ ڪيائون ايترو ته خلوص ۽ تواضع سان پند ڪيائون جو امام عليه السلام جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ روئندا هلن پيا. 


نهي عن المنڪر 

منصور پنهنجي پٽ جي لاءِ جشن رکيو هيو ، امام صادق عليه السلام  کي به انهي جشن ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو ،  جڏهن دسترخوان وڇايو ويو ته پاڻي جي جاءِ تي شراب آندو ويو ، امام صادق عليه السلام جن اعتراض ڪندي اتي ان ئي محل اٿي ويا ۽ فرمايائون ته ملعون آهي اهو شخص جيڪو ان دسترخوان تي ويهي جنهن تي شراب رکيل هجي . اهڙي نموني سان امام عليه السلام جن سرعام هڪ برائي کام روڪيو ۽ منصور جي دسترخوان جي پرواهه  کان بنا ئي ماڻهن جي سامهون اٿي هليا ويا .


پنهنجي زماني جي طاغوت سان مقابلو 

منصور دوانقي امام صادق عليه السلام کي هڪڙو خط لکيو ته توهان ڇو نه ٿا اسان جي درٻار ۾ اچو ۽ اسان وٽ حاضري ڀرايو جيئن ٻيا ماڻهو ايندا آهن ؟ 

امام عليه السلام جن جواب ۾ لکيو ته مون وٽ ڪو اهڙو مال دولت ناهي جو مان تو کان ڊڄان ۽ نه ئي ڪو معنوي ۽ اخروي فيض تو وٽ آهي جو مان تو ڏي لاڙو رکان ، نه ئي تو وٽ ڪا نعمت آهي جو تو کي مبارڪباد ڏيڻ اچان نه ئي ڪا مصيبت تو تي نازل ٿي آهي جنهن جي تو کان تعزيت ڪرڻ اچان ، منصور دوانيقي امام عليه السلام جي معقول ۽ مستدل جواب کي پڙهندي خاموش ٿي ويو جڏهن ٻئي ڪا واه نظر نه آيس ته انهي وقت جواب لکيائين ته توهان مون کي نصيحت ڪرڻ ئي اچو ، امام عليه السلام جن جواب لکيو ته جيڪو دنيا جو طالب هوندو اهو ئي تو کي نصيحت ڪندو متان ان جي دنيا خطري ۾ پئجي وڃي ، جيڪو آخرت جو طالب هوندو اهو تو کي نصيحت نه ڪندو .

منصور دوانقي جي زماني ۾ هڪڙو شخص امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته جڏهن اسان کي ڪا معاشي پريشاني هوندي آهي ته منصور دوانيقي وارا اسان کي اها پيشڪش ڪندا آهن ته اسان انهن جي لاءِ ڪو ڪم ڪار ڪيون مثال انهن جي لاءِ گهر ٺاهيون، واه ٺاهيون ، يا انهن جي لاءِ بند ٻڌون ، ان سلسلي ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي ؟ امام عليه السلام جن جواب ڏنو ته مان انهن جي لاءِ ڌاڳي کي ڳنڊ ڄڻ به پسند نه ٿو ڪيان ، جيڪو به ظالمن جي مدد ڪندو ڀلي کڻي ٿورو ئي ڪم ڇو نه هجي الله سائين قيامت جي ڏينهن ان کي ظالمن سان محشور ڪندو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ٿيل آهي . هڪڙي دفعي منصور دوانقي امام صادق عليه السلام سان گڏ ويٺو هيو اتي هڪ مک اڏرندي آئي ان اچي منصور کي ڏنگيو ، وري اڏري وئي ٻيهر اچي منصور کي ڏنگيائين ، منصور ڪاوڙ منجهان امام عليه السلام کي چيو ته الله سائين ڇا جي ڪري مکي کي پيدا ڪيو آهي؟ امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو ته جئين  هر جابر ۽ ظالم متڪبر کي ذليل ۽ خوار ڪري ، اهڙي نموني سان امام عليه السلام جن منصور کي ظالم ۽ جابر قرار ڏنو .


امام صادق عليه السلام جي شهادت 

ماڻهو امام صادق عليه السلام جن سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا ان ڪري هر روز امام عليه السلام جي چاهيندڙن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جيڪو منصور دوانقي جي لاءِ قابل براداشت نه هيو ، انهي ڪري منصور دوانقي پنهنجي هڪڙي غلام کي موڪليو ته جئين اهو انگورن ۾ زهر ملائي امام عليه السلام کي کارائي ، ۽ اهڙي نموني سان امام عليه السلام کي زهر سان ڀريل انگور کارايا ويا 

امام عليه السلام شهادت جي بستري تي ستل هئا ، جڏهن امام عليه السلام جي اها حالت هڪ شاگرد ڏٺي ته امام عليه السلام جي لاءِ روئڻ شروع ڪيائين امام عليه ا لسلام ان کي چيو ته ڇو روئي رهيو آهين ؟ امام عليه السلام کي جواب ڏانائين ته توهان جي حالت ڏسي ڪري مون کي روئڻ اچي رهيو آهي . 

امام عليه السلام جن فرمايو ته رو نه ، الله سائين مومن جي لاءِ نيڪيون قرار ڏنيون آهن ڀلي مومن جو عضو به ڪپجي وڃي ته به الله سائين ان جي هر عضوي ۾ نيڪي ۽ خير کي رکيو آهي ، ۽ پوءِ فرمايائون ته جيڪو به نماز کي هلڪو سمجهندو ان کي اسان جي شفاعت نصيب نه ٿيندي .

امام صادق عليه السلام 15 شوال يا 25 شوال سن 148 هجري ۾ 65 سال جي عمر ۾ شهيد ٿي ويا ۽ بقيع جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن . 


التماس سوره فاتحه براي والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو ولد امام علي چانديو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: