Ad 468 X 60

Thursday, May 4, 2023

امام هادي عليه السلام ۽ غلات

سنڌيڪار: راشد علي چانڊيو 

غلات پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي اعلان نبوت کان به اڳ جا آهن جنهن بابت خود پيامبر اڪرم (ص) ۽ ٻين امامن تمام سختي سان فرمان جاري ڪيا، هر هر زماني ۾ مختلف عقيدن سان سامهون ايندا رهيا هر امام انهن کان


بيزاري جو اعلان ڪيو آهي.

هتي هي به ڳاله واضح ڪجي ته غلات چئبو ڪنهن کي آهي ؟

ان جي باري ۾ شيخ مفيد تصريح اعتقاد ۾ لکن ٿا ته غلات ان گروه ۽ ٽولي کي چيو ويندو آهي جيڪو آئمه ۽ ان جي اولاد بابت خدائي جو دعويٰ ڪن يا انهن کي رسول ڪرار ڏين انهن کي غالي چيو ويندو

آهي. 

اسان هتي فقط امام هادي عليه السلام جي زماني ۾  غلات بابت ڪجه معلومات شيئر ڪئي پئي وڃي.


*امام هادي ع جي دور ۾ غلات جي وجود ۾ اچڻ جي علت*

امام جي زماني ۾ غلات جي وجود ۾ اچڻ جون ڪجه اهم علتون ۽ سبب آهن 

انهن مان سڀ کان پهرين علت امام هادي عليه السلام جون ڪرامتون هيون جن کي شيعه سمجهي نه سگهيا ۽ ان جون صحيح توجيهون بيان نه ڪري سگهيا جنهن جي ڪري غالين جو اضافو ٿيو. 

جڏهن امام عليه السلام جون ڪرامتون وڌيون ته گهٽ علم رکندڙ ماڻهن امام هادي عليه السلام کي خدا جو درجو ڏنو، انهن نا سمجه ماڻهن جي ڪري شيعن جي ان زماني ۾ توهين ٿي ۽ شيعن جي عقيده کان ٻين مذهبن جا عالم توڙي عام ماڻهو نفرت جو اظهار ڪندا رهيا. 

ٻئين علت هي بيان ڪئي وئي آهي ته ڪجه منحرف ماڻهن پنهنجي طور ۽ طريقي سان اسلامي قوانين ۽ شريعت کي هلائڻ پئي چاهيو مطلب جيئن اسان عوام کي چئون ان طريقي سان عوام به ڪندي رهي ان طرح سان انهن تمام حرام شين کي حلال ڪري ڇڏيو مطلب ان زماني ۾ الله جي هر حرام ڪيل شئي کي حلال سمجهڻ لڳا ايستيائين جو محرمات سان نکاح کي به جائز قرار ڏنائون. 

ٽئين علت هي بيان ڪئي وئي آهي ته شيعه پري پري کان آئمه عليهم السلام سان خاص عقيدت ۽ احترام جي ڪري پنهنجو مال آئمه جي حوالي ڪندا هئا ته جيئن آئمه ع ان مال کي غريبن ۽ مسقين تي خرچ ڪن جڏهن انهن منحرفن ڏٺو ته هي مال جيڪو امامن جي طرف اچي ٿو ان لاء ڪو اهڙو طريقو استعمال ڪيو وڃي جو اهيو سڄو مال اسان جي طرف اچي وڃين پوء انهن آئمه ع خصوصن امام هادي عليه السلام لاء چيو ته الله جو روح امام هادي عليه السلام ۾ اچي ويو آهي ۽ اسان ان جا خاص بندا آهيون مطلب هاڻي امام هادي عليه السلام خدا آهن.

 

 *غلات جا عقائد*

غلات پنهنجي پاڻ کي شيعه سڏيندا هئا پر انهن جا تمام عقائد اسلام جي خلاف هئا جن جي مخالفت اسان جي امامن ۽ حقيقي شيعن ڪئي 

غلات هن طرح سان عقيدا رکندا هئا.

1. امام هادي عليه السلام کي خدا چوندا هئا ڇو ته امام ۾ خدا جو روح اچي ويو آهي ان ڪر هاڻي هن جهان جو خالق، مالڪ، رازق موت ۽ حيات ڏيڻ وارو امام هادي عليه السلام آهن.

 

2. ابن حسکه (علي بن حسکه قمي)  امام هادي عليه السلام طرفان موڪليل نبي آهن ته جيئن ماڻهن جي هدايت ڪري سگهي. 

3. ڪابه شئي اسلام طرفان واجب نه آهي نه نماز نه زڪوات نه حج نه روزو  وغيره 

4. ڪابه شئي اسلام طرفان حرام ناهي، سڀني رشتن سان شادي ڪرڻ جائز آهي ماء سان ڀيڻ سان ڌيء سان شادي اسلام ۾ حرام نه آهي. 

5. لواط (شهوت جو اهڙو فعل آهي جنهن کي الله سائين حرام قرار ڏنو آهي) ڪرڻ جائز آهي ۽ خدا ان کي حرام ناهي قرار ڏنو  

6. مري ويندڙن جا روح وري ٻين ۾ اچي ويندا.

*امام هادي عليه السلام جو انهن خلاف مومنن کي نصيحت.*

جڏهن هن گروه جون ڳالهيون امام هادي عليه السلام تائين پهتيون ته امام عليه السلام پنهنجن خطن ۽ اقوال جي ذريعي پنهنجن شيعن کي فرمايو: هي گروه (غلات) اسلام کان منحرف ٿي ويو آهي ۽ هي هاڻي مسلمان ناهن هي ڪافر آهن اسان جا شيعه انهن کان پري رهن ۽ انهن کان بيزاري جو اعلان ڪندا رهن. 

*امام هادي عليه السلام جي زماني ۾ غالين جون اهم شخصيتون*

1 - على بن حَسَكَه قمى.

2 - قاسم يقطينى.

3 - حسن بن محمد بن باباى قمى.

4 - محمد بن نُصير فهرى.

5- فارس بن حاتم.


(1). شريف القريشي، باقر، الامام الهادي، الطبعه الاولي، بيروت، دار الاضواء، 1408 ه، ق، ص 335.

(2). سیره پیشوایان، مهدی پیشوایی، موسسه امام صادق(علیه السلام)، قم، 1390 ه.ش، ص 602

(3) سائيٽ آقاي ناصر مڪارم شيرازي

التماس سوره فاتحه براي والد محترم مرحوم برڪت علي چانڊيو ولد امام علي چانڊيو. 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: