Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

”سڀ کان وڌيڪ ڪير آهي ۽ سڀ کان گهٽ انسان ڪير آهي ؟؟؟


حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جن ارشاد فرمايو ته:
 جيڪو شخص پنهنجا فرائض ادا ڪري ڇڏي اهو سڀ کان وڌيڪ عبادت گذار آهي.
۽ سڀ کان وڌيڪ سخي اهو آهي جيڪو پنهنجي مال مان زڪوات ادا ڪري .
۽ سڀ کان وڌيڪ زاهد ۽ پرهيزگار اهو آهي جيڪو محرمات کان اجتناب ڪري.
ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متقي اهو آهي جيڪو سچ ڳالهائي چاهي پنهنجا هجن يا مخالف هجن.
۽ سڀ کان وڌيڪ عادل اهو آهي جيڪو ٻين جي لاءِ اهو ئي پسند ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري.

۽ سڀ کان وڌيڪ هوشيار ۽ چالاڪ اهو آهي جيڪو موت کي شدت سان ياد ڪري .
۽ سڀ کان وڌيڪ غافل اهو آهي جڪو دنيا جي تغيرات (تبديليون) کي ڏسي ۽ انهي منجهان نصحيت حاصل نه ڪري.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قدر ۽ منزلت وارو انسان اهو آهي جيڪو دنيا جي ڪا قيمت نه سمجهي.
۽ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عالم اهو آهي جنهن جي علم جي اندر تمام انسانن جا علوم جمع ٿي وڃن.
۽ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شجاع اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشات تي غالب اچي وڃي.
جيڪو شخص علم ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي انهي جي قيمت سڀ کان وڌيڪ آهي. ۽ سڀ کان گهٽ قيمت اهو آهي جنهن وٽ گهٽ علم آهي.
۽ سڀ کان گهٽ لذت حاصل ڪرڻ وار حاسد آهي
۽ سڀ کان گهٽ راحت حاصل ڪرڻ وارو بخيل آهي
سڀ کان گهٽ حرمت ۽ گهٽ عزت وارو مرد فاسق آهي.
ماڻهن ۾ سڀ کان گهٽ دوست رکڻ وارو بادشاهه آهي
۽ سڀ کان وڌيڪ مفلس و فقير لالچي آهي،
۽ سڀ کان وڌيڪ غني اهو آهي جيڪو حرص کان پاڪ هجي
۽ ايمان ۾ سڀ کان افضل اهو آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ سٺي اخلاق وارو آهي.
۽ سڀ کان وڌيڪ مڪرم عزت وارو اهو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ متقي آهي.
۽ قدر و منزلت ۾ سڀ کان وڌيڪ اهو آهي. جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مطلب ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏي.
۽ سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار اهو آهي. جيڪو ڏيکاءُ کي ڇڏي ڏئي چاهي اهو ان جو حق رکندو هجي
۽ ماڻهن ۾ سڀ کان گهٽ مروت وارو ڪوڙو آهي
۽ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شقي القلب (سخت دل) بادشاهه هوندو آهي.
۽ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل نفرت متڪبر (تڪبر ڪرڻ وارو) آهي.
۽ سڀ کان وڌيڪ جهاد ڪرڻ وارو اهو آهي جيڪو گناهن کي ترڪ ڪري ڇڏي.
۽ سڀ کان وڌيڪ سعيد ۽ خوش قسمت اهو آهي جيڪو مڪرم ماڻهن سان ميل جول رکي
سڀ کان وڌيڪ ذليل اهو آهي جيڪو ماڻهن جي بي حرمتي ۽ بي عزتي ڪري
۽ سڀ کان وڌيڪ حزم ۽ احتياط وارو اهو شخص آهي جيڪو غصي کي کي ضبط ڪري
۽ سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن سان صلح رکي.
۽ بهترين شخص اهو آهي، جنهن کان ٻيا ماڻهون نفع حاصل ڪن.
ڪتاب : من لا يحضرهۡ الفقيه

”جلد 4 صفه 306“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: