Ad 468 X 60

Monday, January 15, 2018

”صدقي جي اهميت ۽ ان جا فائدا


حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن صدقي جي  اهميت کي بيان ڪندي
فرمائين ٿا ته :
هر نيڪي صدقو آهي
سٺي ڳالهه صدقو آهي.
جنهن شيءِ جي ذريعي انسان پنهنجي عزت بچائي اها شيءِانهي جي لاءِ صدقو آهي
افضل صدقو رشتيدارن سان ڀلائي ڪرڻ آهي.
صدقو بري موت کان بچائيندو آهي.
مخفي صدقو الله جي غضب کان بچائيندو آهي
صدقو ڪرڻ وارو قيامت جي ڏينهن حساب ٿيڻ تائين پنهنجي صدقي جي سائي ۾ رهندو.
صدقو گناهن کي ائين ختم ڪندو آهي جيئن پاڻي باهه کي ختم ڪندو آهي
صدقو ڏئي ڪري دوزخ جي باهه کان بچو اگرچه کجور جي داڻي جو ڪجهه حصو ئي ڇو نه هجي
يقينن الله صدقي جي ذريعي ستر (70) قسم جي بري موت کي دور ڪندو آهي.
انهي صدقي جي ڏيندڙ شخص جي حساب ۾ آساني ٿيندي ۽ نيڪين جو پلڙو بارو ٿيندو. ۽ پل صراط تان آساني سان گذري ويندو ۽ جنت ۾ بلند مقام نصيب ٿيندو.

”ڪتاب هدية الشيعه صفحه 8 تا 41 ، 454  “

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: