Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

الله سائين پنهنجي رضا ، ناراضگي، دعا جي قبوليت ۽ پنهنجن اوليائن کي ڪٿي مخفي رکيو آهي.


حضرت امام علي عليه اسلام جن فرمائن ٿا ته:
 الله تعاليٰ چئن شين کي چئن شين ۾ پوشيده رکيو آهي:  
   1  پنهنجي رضا کي اطاعت ۾ پوشيدو رکيو، لهذا ڪنهن ننڍي مان ننڍي نيڪي کي به حقير نه سمجهو ٿي سگهي ٿو ته انهي ۾ ئي الله جي رضا مضمر هجي ۽ توهانکي علم نه هجي،
  2   پنهنجي ناراضگي کي پنهنجي نافرماني ۾ مضمر رکيو، لهذا ڪنهن به گناهه کي ننڍو تصور نه ڪيو ٿي سگهي ٿو ته انهي گناهه سان الله توهان کان ناراض ٿي وڃي ۽ توهان بي خبر رهجي وڃو.

3    قبوليت کي دعا ۾ پوشيده رکيو، لهذا دعا کي ڪڏهن به حقير نه سمجهو ٿي سگهي ٿو ته اها مقبول ٿي وڃي ۽ توهانکي علم نه هجي.
    4    پنهنجي اوليائن کي پنهنجن بندن ۾ مخفي رکيو، لهذا الله جي ڪنهن بندي کي پنهنجي بي علمي جي وجهه سان حقير تصور نه ڪجو ٿي سگهي ٿو ته اهو الله جو ولي هجي.

” ڪتاب هديته الشيعه صفه     262 “ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: