Ad 468 X 60

Monday, February 4, 2019

خدا جي حمد ۽ سيده طاهره


حضرت سائيڻ فاطمه زهره سلام الله عليها جن الله تعاليٰ جي حمد وثنا کي بيان ڪندين فرمايو:
سڀ تعريفون ان الله جي نالي جيڪو نعمتن جو عطا ڪندڙ آهي ۽ انهي جو شڪر ادا ڪجي ٿو ان تي جيڪي ڪجهه ان پنهنجي طرفان نيڪين جي رهنمائي ڪئي.
۽ مخصوص تعريف ۽ ثناءَ آهي ان جي جو ان سڀ ڪنهن کي ڏنو ۽ سڀ ڪجهه ڏنو زندگيءَ جي آغاز کان وٺي ڇا چئجي سندس يڪ رنگي فيض جي ڪشادگيءَ جي بابت ۽ سمورين لڳاتار مهربانين جي ڪيتري تعريف ڪجي ان جا سمورا احسانات نه ته تصور ۾ سمائجي سگهن ٿا ۽ نه ڪو ڳڻي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪرم جو ڪو شڪر ادا ڪري سگهي ٿو.
۽ ابتدا کان سندس مهربانين جي انتها تائين ڪنهن جو به خيال نٿو پهچي سگهي (پر تنهن هوندي به) پالڻهار پنهنجين بخشين ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ لاءِ ۽ سلسلو جاري رکڻ لاءِ احسان مڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ نعمتن جي تڪميل لاءِ مخلوق کي شڪر ادا ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين ۽ اهڙي قسم جي نعمتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي واکاڻ ڪرڻ لاءِ ٻانهن کي حڪم ڪيو.
آءُ گواهي ڏيان ٿي ته الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، هو اڪيلو آهي اهو بيمثال جنهن جو ڪوبه شريڪ نه آهي.
شهادت جي ڪلمي جو جوهر اخلاص بيان ڪيائين (يعني ان حقيقت جو اعتراف ته ان جي هر خوبي عين ذات آهي) ۽ اهو شعور دلين جي اندر سمائڻ جي توفيق عنايت ڪيائين ۽ ان شعور کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو روشن عقل عطا ڪيائين.
نه ظاهرين اکين سان ان جو ديدار ممڪن آهي ۽ نه زبان کي طاقت آهي جو ان جي صفت بيان ڪري سگهي.
۽ نه خيالات مان ڪنهن جو خيال ان جي ڪيفيت جي حد پار ڪري سگهي.
هر شيءِ کي وجود بخشيائين پر ڪنهن شيءِ مان نه جو ان کان اڳ ڪجهه هجي ها ان کي ايجاد ڪيائين اهڙي صورت ۾ جنهن جو ڪو نمونو موجود نه هيو هر ڪنهن کي پنهنجي قدرت سان ٺاهيائين ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي پکيڙيو.
ان کانسواءِ جو ان جي پيدا ڪرڻ ۾ ان جي ڪا غرض هجي نه ان جي اها صورت ڏيڻ ۾ ڪو ان جو فائدو هيو(هو بي نياز آهي انهن ڳالهين کان)
سواءِ ان جي جو سندس حڪمت جي واکاڻ ڪئي وڃي ۽ مخلوقات سندس اطاعت گذاريءَ طرف متوجهه هجي ۽ ان لاءِ ته ان جي قدرت ڪامله جو اظهار ٿئي ۽ اهو جتائي ڇڏي ته اهو سڀني جو آقا آهي ۽ سڀ ان جا ٻانها آهن ۽ ان جي پيغام کي تقويت پهچي وري ان پنهنجي اطاعت تي ثواب عطا ڪيو ۽ نافرمانيءَ تي سزا مقرر ڪيائين ته جيئن ٻانها سندس ڏمر هيٺ نه اچن ۽ انهن لاءِ  جنت ڏانهن راهون هموار ٿين.
ڪتاب خطبات صديقة الڪبريٰ صفه 24- 30 ۽ ڪتاب سيدة نساءِ العالمين بنت رحمت اللعالمين صفه 368“

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo