Monday, February 4, 2019
نماز ۽ جناب سيد فاطمه زهرا س
حضرت امير المومينن عليه السلام جن فرمائين ٿا ته هڪ دفعي
جناب سيدة س جي طبيعت نا ساز هئي پاڻ سڄي رات تمام گهڻي بيچينيءَ سان گذاريائين
صبح جي قريب ڪجهه اک لڳي ويئس، اذان جي وقت ڏٺم ته فاطمه س اٿي آهي ۽ وضو ڪري رهي
آهي مون نرمي سان کيس چيو فاطمه س توکي پاڻ تي به رحم ڪونه ٿو اچي، سڄي رات بخار
رهيو اٿئي صبح ٿڌي پاڻي سان وضو ڪيو اٿئي ۽ هاڻي وري چڪي هلائي رهي آهين.؟
سيدة طاهره سلام الله عليها ڪنڌ جهڪائي چيو ”اي ابو الحسن عليه السلام ! جيڪڏهن مان فرض جي ادائگي ۾ مري به وڃان ته حد کان وڌيڪ خوش ٿيندس ۽ مون کي
عبدي مسرت حاصل ٿيندي. مون وضو ڪيو خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ۽ چڪي هلائي توهان جي
اطاعت ۽ ٻارن جي خدمت لاءِ هاڻي توهان ئي
ٻڌايو ته انهن ٻنهي فريضن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو فريضو ٿي سگهي ٿو.
”ڪتاب سيدة النساءِ العالمين بنت رحمة اللعالمين صفا 370“
هڪ جهڙيون تحريرون:
جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: