Ad 468 X 60

Friday, February 1, 2019

ذڪر خدا جي فضيلت



راشد علي چانڊيو
ذڪر خدا ڪرڻ جي تمام گهڻي فضيلت آهي انسان کي گهرجي ته هر وقت پنهنجي رب جو ذڪر ڪري ڇو جو الله سائين جو ذڪر ڪرڻ عبادت آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻا فائدا آهن .
هتي اسان فقط ذڪر خدا جي فضيلت ۾ ڪجھ حديثون پيش ڪيون ٿا:
1. امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا : الله تعالي فرمائن ٿا جيڪو شخص ماڻهن جي
درميان منهنجو ذڪر ڪندو آهي مان الله ان جو ذکر فرشتن جي ٽولين ۾ ڪندو آهيان. (احمد بن فهد حلي ڪتاب عدة الداعي فصل ذڪر خدا ۾. )
2. ٻي جاء ته امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: هر شيء جي لاءِ ڪا نه ڪا حد هوندي آهي پر الله جي ذڪر ۾ ڪابه حد ناهي هوندي آهي . (عدة الداعي.)
3. امام حسين عليه السلام جن جو ارشاد آهي:
اسان جو شيعو اهو آهي جنهن کي جنهن به وقت فرصت ملي ته هو الله جو تمام گهڻو ذڪر ڪري.
4. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي:
 چار شيون اهڙيون آهن جيڪي مومن کان سواء ٻي ڪنهن وٽ به ناهن پهچنديون .
1. خاموشي جيڪي سڀ کان پهرين عبادت آهي . 2. تواضع ، جيڪو فقط خداوند عالم جي لاء ئي هجي، 3. ذڪر خدا، جيڪو هر حال ۾ ڪري، 4. گهٽ مال ۽ دولت، هي چار شيون فقط مومن وٽ ئي هونديون آهن .
5. حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: ڪجھ قسمن جي موت مومن ذاڪر خدا جي لاء ناهي هوندي ، جهڙوڪ غرق ٿيڻ، گهر مٿان ڪري مرڻ، درندن جي هٿان چيرجي ڦاڙجي مرڻ، يا کوڻ جي ذريعي سان مرڻ، هي موتوڻ ذاڪر خدا جي لاء ناهن هونديون.
6. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا جيڪو شخص الله جو ذڪر خلوص سان بازار ۾ ڪندو آهي جڏهن تي اتي ماڻهن غفلت ۾ هوندا آهن ته الله سائين ان شخص جي لاء هزار نيڪيون لکندو آهي ۽ ان شخص جا تمام گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهو شخص قيامت جي ڏينهن خوشحال هوندو . (عدة الداعي )
7. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي: الله تعالي فرمايو آهي اي آدم جي اولاد منهنجو ذڪر ڪر صبح جو هڪ ڪلاڪ شام جو هڪ ڪلاڪ ته جئين مان تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪريان.
8. امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: الله تعالي جو ارشاد آهي جيڪو شخص منهنجو اڪيلائپ ۾ ذڪر ڪندو آهي مان خدا ان جو ذڪر ماڻهن جي درميان ڪندو آهيان .( يعني جيڪو شخص الله جو ذڪر اڪيلائي ۾ ڪندو الله ان جو ذڪر ماڻهن جي ذريعي سان ماڻهن جي اڳيان سرعام ذڪر ڪرائيندو ان جي عزت ۾ اضافو ان جي مان ۾ اضافو ۽ اهو ماڻهو تمام انسانن جي درميان مشهور هوندو.)
9. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمائن ٿا : بهترين عبادت ذکر (لا اله الا الله) آهي.
ذڪر جا ڪجھ نمونا:
الحمد لله رب العالمين.
الحمد لله کما هو اهله
سبحان الله والحمدلله ولا اله الا الله والله اکبر ولا حول ولا قوه الا بالله العلي العظيم
اشهد ان لا اله الا الله وحده لا شريک له الها واحدا احدا صمدا لم يتخذه صاحبه ولا ولدا


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo