Monday, January 15, 2018
قرآن تي عمل ڪندڙ لاء انعام
حضرت سرڪار دو عالم محمد مصطفيٰ ﷺ
احمد مجتبيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن قرآن ڪريم جي اهميت ۽ فضيلت کي بيان ڪندين
ارشاد فرمائن ٿا ته:
قرآن
مجيد گمراهي جي لاءِ هڪ رهنما ۽ نابيني جي لاءِ بينائي ۽ نجات بخش آهي.
خطائن کي بخشڻ جو سبب ۽ هر اندهيري جي لاءِ
نور ۽ روشني آهي.
حوادث ۾ نجات ڏيارڻ وارو آهي، هر هلاڪت کان
بچائڻ وارو ۽ هر گمراهي ۾ رهنمائي ڪرڻ وارو آهي.
هر
فتني ۽ انحراف کي بيان ڪرڻ وارو ۽ انسان کي دنيا کان ( پستي کان سعادت ) آخرت جي
طرف وٺي وڃڻ وارو آهي، ۽ ان ۾ توهان جي دين جو ڪمال آهي. ۽ قرآن مجيد کان ڪوبه شخص
منهن ناهي موڙيندو سواءِ ان جي جنهن پنهنجو رُخ جهنم جي طرف ڪيو هجي.
جيڪو به پنهنجي دين کي خدا جي ڪتاب ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي
سنت سان حاصل ڪندو آهي اهو پهاڙن کان وڌيڪ مستحڪم، ۽ جيڪو پنهنجي دين کي ماڻهن جي
زبانن سان حاصل ڪندو آهي، اهي ئي ماڻهو ان کي دين کان منحرف ڪري ڇڏيندا .
وڌيڪ فرمايا ئون مان پهريون شخص آهيان جيڪو قيامت جي ڏينهن خداءِ جبار جي
حضور قرآن مجيد ۽ پنهنجي اهلبيت ع سان گڏ حاضر ٿيندس.
ان
کانپوءِ منهنجي امت حاضر ٿيندي ان کانپوءِ مان پڇندس توهان ماڻهن خدا جي ڪتاب ۽
منهنجي اهلبيت عليهم السلام سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ؟
ڪتاب: پيغمبر اسلام جون نصيحتون
جناب ابوذر عه کي جلد 2 صفه 256
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: