Ad 468 X 60

Tuesday, January 16, 2018

مومن حضرت علي عليه السلام جي نگاه ۾


Image result for ‫مومن کيست‬‎حضرت امام علي عه جن فرمائن ٿا ته:
 مومن دنيا ۾ مسافر آهي بيدار دل آهي، خدا جي حدود جي رعايت ڪندو آهي ، علم جو خزانو آهي، عقل ڪامل هوندو آهي، قلب سالم ۽ غير متزلزل حلم رکندو آهي، کليل هٿ۽ عطا ڪرڻ وارو هوندو آهي انهي جي گهر جو دروازو احسان جي لاءِ کليل آهي انهي جي چپن تي زياده مسڪراهٽ رهندي آهي ليڪن انهي جي باطن ۾ هميشه غم رهندو آهي،
فڪر ڪرڻ وارو، گهٽ سمهڻ وارو، گهٽ کلڻ وارو،  ۽ خوش طبيعت هوندو آهي، لالچ کي ڪڍي چڪو آهي ۽ هوس کي قتل ڪري چڪو آهي، دنيا سان قطع تعلق ۽ آخرت سان رشتو جڙيل آهي، مهمان نواز  ۽ يتيم پرور هوندو آهي، ٻارن تي نوازش ۽ بزرگن جو احترام ڪندو آهي، سائل کي محروم ناهي ڪندو، بيمار جي عيادت ڪندو آهي، جنازه ۾ شريڪ ٿيندو آهي، حرمت قرآن کان واقف آهي، خدا سان راز و نياز ڪندو آهي، پنهنجي گناهن تي خود گرفت ڪندو آهي، امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندو آهي، جيستائين بک ۽ پياس نه لڳيس ته کائيندو نه آهي ادب سان هلندو آهي ۽ ڪوشش سان ڳالهه ڪندو آهي ( ته ڪٿي خدا جي نافرماني نه ٿي وڃي) نرمي ۽ ادب سان نصيحت ڪندو آهي غير خدا کان خوف ناهي کائيندو ۽ انهي کان بغير ڪنهن کان اميد ناهي لڳائيندو، نماز ۾ سستي ناهي ڪندو، تڪبر ناهي ڪندو مال ۽ دولت تي ناز ناهي ڪندو، پنهنجن عيبن تي نظر رکندو آهي ۽ ٻين جي عيبن جو مطلب ناهي رکندو مومن جي اکين جي روشني نماز آهي ۽ انهي جي ڪمائي روزو آهي، ۽ انهي جي عادت نيڪ رستو آهي ۽ شڪر انهي جي برڪت جو سبب آهي ۽ عقل انهي جو رهبر ۽ تقويٰ انهي جو زاد راهه ۽ دنيا انهي جي ڪمائڻ واري جاءِ ۽ قبر انهي، جي منزل  اول ۽ ڏينهن ۽ رات (عمر ) انهي جو سرمايو ۽ جنت انهي جي منزل وما وا ۽ قرآن انهي جو قبيلو ۽ محمد ﷺ انهي جا شفيع ۽ خداءِ عزوجل انهي جا محبوب آهن

” ڪتاب هديته الشيعه   صفه 53“ 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo