Monday, January 15, 2018
تقويٰ جي اهميت ڪهڙي آهي ؟؟
حضورﷺ جن تقويٰ جي اهميت ٻڌائيندي
فرمائين ٿا ته :
جيڪو تمام ماڻهن ۾ با عزت بڻجڻ چاهي ٿو ته
انهي کي کپي ته الله جي لاءِ تقويٰ اختيار ڪري .
جيڪو ڊنو انهي تقويٰ اختيار ڪيو ۽ جنهن تقويٰ
کي اپنايو اهو منزل مقصود تائين پهتو.
جيڪو تقويٰ نه رکندو هجي جيڪو انهي کي تنهائي
۾ گناهه کان روڪي ته گويا انهي پنهنجي علم کي راهه عبادت ۾ صرف ناهي ڪيو.
صاحب تقويٰ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب آهي
اگر توهان نماز ۾ اهڙي طرح سان بيٺا هجو جئين
زمين ۾ کُتل ميخ ۽ اهڙي طرح روزه رکو جو سڪل ڪاٺي وانگر ڪمزور ٿي وڃو ۽ تير ڪمان
وانگر جهڪي وڃو پوِءِ به خدا تعاليٰ توهانجو ڪوبه عمل قبول نه ڪندو جيستائين توهان
وٽ گناهن کان پري رکڻ وارو زهد ۽ تقويٰ نه
هجي.
” ڪتاب هديته الشيعه صفه 5 تا 20 ۽
ڪتاب گناهان ڪبيره جلد اول صفه 8 “
هڪ جهڙيون تحريرون:
مختلف موضوعن تي حديثن جو مجموعو
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: